Home / بلوچستان / مڪران ڏي پنڌ!
above article banner

مڪران ڏي پنڌ!

عابد مير

ڪجهه سال اڳ ڪوئيٽا ۾ هڪ مذاڪري دوران بلوچ دانشور جڏهن بحث دوران هڪ مبصر سان الجهندي اهو چيو هو ته “ مڪران از دي هول بلوچستان” ته ان تي وٺ وٺ ٿي وئي. بلوچستان جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي ماڻهن ان راءِ کي انتهاپسند چوندي رد ڪري ڇڏيو هو. انهي حد تائين جو خود اهو بيان ڏيندڙ دانشور کي ٿوري ئي دير ۾ پنهنجي موقف تان هٿ کڻڻو پيو. مطلب ته انهي راءِ تي مڪمل طور اتفاق ممڪن نه آهي، پر جيڪڏهن توهان هڪ ڀيرو “هول مڪران” گهمي ڏسو ته ان راءِ سان اختلاف ڪرڻ توهان لاءِ به ڏکيو ٿي پوندو. ڊگهي سامونڊي پٽي سان لڳندڙ هڪ ئي وقت ايران، افغانستان ۽ نار جي ملڪن جي سرحدن کي ويجهو مڪران جي نالي سان سڃاپجندڙ هي علائقو بلوچستان جو حقيقي منهن مهانڊو آهي. ان منهن مهانڊي سان سڃاڻپ توهان کي سڄي بلوچستان جي حسن سان سڃاڻپ ڪرائيندو. هڪ ڀيرو توهان مڪران کان واقف ٿي وڃو ته بلوچن کان واقف ٿي ويندا، بلوچستان کان واقف ٿي ويندا.

هتي جو حسن، هتان جي دوستي، هتان جي فضا ۾ رچيل مڌرتا، ان جو حسين سمنڊ، ان جي خوبصورتي اهو سڀ ڪجهه توهان کي پنهنجو بڻائي ڇڏيندي. جيڪڏهن توهان ٿورو به جمالياتي ذوق رکو ٿا ته هڪڙو ڀيرو واقفيت کانپوءِ هتان جي فضا کان پري ٿيڻ توهان لاءِ ڏاڍو ڏکيو هوندو. سنڌ جي راڻي سسئي ايئن ئي ڪيچ مڪران جي هوت شهزادي جي راهه ۾ پنهنجو پاڻ نه وڃايو هو.

اوڀر بلوچستان سان تعلق هجڻ ۽ ڪوئيٽا ۾ زندگي جو ڊگهو عرصو گذارڻ باوجود آءُ جڏهن به مڪران ويو آهيان، اهو مون کي ايئن لڳو آهي جيئن ديوان غالب ڪيئي ڀيرا پڙهڻ کانپوءِ ائين هر ڀيري نئين معنيٰ ۽ لفظن جي نئين لمس سان آشنا ڪرائي ٿو. جيئن محبوبا سان هر ملاقات پهرين ملاقات لڳندي آهي، جيئن وصل جو هر لمحو اکين ۾ نوان خواب آڻيندو آهي، جيئن وفا پراڻي ناهي ٿيندي، اهڙن خيالن جي خالق مڪران جي عطا شاد جو ڪلام به پراڻو نه ٿو ٿئي، ايئن ئي هن ديس جي فضا عاشقن لاءِ ڪڏهن به پراڻي نه ٿي ٿئي. هن ڀيري هڪ چڱي ڳالهه اها ٿي ته گذرندڙ بهارجي موسم ۾ مون کي هن ديس جي سفر دوران اهل ذوق دوستن جو ساٿ رهيو.

پاڪستان ٽيليويزن جي نوجوان پروڊيوسر حفيظ بلوچ جي ڊرائيونگ، بلوچستان يونيورسٽي ۾ پبلڪ رليشن جي پروفيسر اعجاز بلوچ جو ساٿ ۽ اتي ان ئي يونيورسٽي مان بي ايڊ ڪندڙ نوجوان نسيم بلوچ جي سنگت. حفيظ بلوچ جي خوبي اها آهي ته اهو ٽيڪسي ڊرائيورن وانگر هر وقت ڳالهائيندو رهندو آهي ته جيئن سفر ۾ بوريت کان بچي سگهجي. اعجاز بلوچ قوالي جي استاد جي ساٿين وانگر مسلسل ساٿ نڀائيندو هلندو آهي، نوجوان نسيم بلوچ به پنهنجي موجودگي ظاهر ڪرڻ لاءِ وقفي وقفي سان سرتال ملائيندو رهي ٿو. آءُ هنن خداد صلاحيت کان محروم گهٽ ڳالهائيندڙ، ڳالهائڻ بجاءِ ٻڌڻ ۽ نظارن ۾ محو پنهنجي ساٿين لاءِ بوريت جو سامان هجان ٿو.

اسان کي ڪوئيٽا کان گوادر ۽ پوءِ تربت طرف سفر ڪرڻو هو. ڪوئيٽا کان صبح سوير روانو ٿيڻ کانپوءِ اسان جو پهريون ٺڪاڻو اٿل هو، رات هتي اٿل يونيورسٽي ۾ ڪجهه دوستن سان گذارڻ کانپوءِ صبح سوير اسان کي گوادر طرف وڃڻو هو . اٿل يونيورسٽي آف ميرين سائنسز اڃا تائين باقائده يونيورسٽي ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي، اتي داخل ٿيو ته اندران يونيورسٽي هجڻ جو ڏس پتو نه ٿو ملي، محدود ڊپارٽمينٽس ۾ محدود شاگردن جي تعليم جو سلسلو جاري آهي. ليڪن معيار ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جي مشهور يونيورسٽين کان گهٽ نه آهي.

اڪثر استاد پرڏيهه مان پڙهيل آهن اڃا به انهن جو وڏو تعداد اسڪالرشپ تي مختلف يورپي ملڪن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ويو آهي ۽ سٺي ڳالهه اها ته هتان پرڏيهه ويندڙ استاد اتي جو ٿي نه ٿو رهجي وڃي بلڪه واپس اچي پوئتي پنهنجن ٻارڙن کي عمل کان فيضياب ڪري ٿو.

اٿل يونيورسٽي ۾ اسان جو اچڻ چڱو ثابت ٿيو، هتي بلوچ دانش جي هڪ اهم ٿنڀ سان ملاقات پڻ ٿي وئي، جنهنجي ذڪر کانسواءِ مڪران جو ذڪر مڪمل نه ٿو ٿي سگهي. بلڪه هاڻ ته ايئن به چئي سگهجي ٿو ته ان جو نالو وٺڻ کان سواءِ مڪران جو ذڪر ئي شروع نه ٿو ڪري سگهجي. منهنجي نالائقي جو عالم ڏسو ته جڏهن دوستن تعارف ڪرائيندي چيو ته هي ڊاڪٽر حميد بلوچ آهي توهان کائنس واقف هوندا ته مون شاندار جهالت جو مظاهرو ڪندي هڪدم انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هن مون کي منهنجي نالي مان ئي سڃاڻي ورتو ۽ جڏهن منهنجي جهالت تي ڍڪ رکڻ لاءِ چيو ويو ته “هي حميد بلوچ آهي جنهن مڪران جي تاريخ لکي…. تڏهن مون کي ڏاڍي شرمساري ٿي آءُ جلدي اٿيس، کيس جهڪي وڃي مليس ۽ پوءِ عرض ڪري ويهي رهيس.”

جيڪڏهن توهان حميد بلوچ کان واقف نه آهيو ته توهان مڪران کان واقف نه ٿا ٿي سگهو. بلوچستان جي تاريخ بابت هن وقت تائين جيترا به ڪتاب لکيا ويا آهن لڳ ڀڳ سڀئي گڊ مڊ تاريخ بيان ڪن ٿا. جنهن به جيڪي ڪجهه لکيو پنهنجي مفاد تحت لکيو، مقامي ليکڪن گهڻو تڻو انهن ڪتابن کي ريفرنس طور ڪتب آندو ۽ انهن ۾ به اڪثر لکاري پنهنجي بلوچيت کان مجبور ٿي پنهنجي قبيلي ۽ علائقي جي تاريخ تائين محدود رهيا يا ان جو ذڪر ايترو گهڻو ڪيو جو باقي بلوچستان پسمنظر ۾ هليو ويو.

ان لاءِ حميد بلوچ هيڏي هوڏي هٿ هڻڻ بجاءِ مڪران جي درست تاريخ لکي. “مڪران، قديم دور کان جديد تائين” نالي ساڍا چار سئو صفحن تي مشتمل اهو ڪتاب پهريون ڀيرو 2009ع ۾ منظر عام تي آيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي منظر تي ڇانئجي وئي. هن وقت تائين هن ڪتاب جا ٻه، چار ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن جيڪي بلوچستان جي تاريخ ۾ ڪو اعزاز نه پر رڪارڊ آهي. ارڙهن بابن تي مشتمل اهو علمي ۽ تحقيقي ڪتاب مڪران خطي جو تفصيلي تعارف پيش ڪري ٿو. تحقيقي حوالن سان ڀريل ان ڪتاب ۾ جيڪڏهن ڪا خامي آهي ته اها آهي ٻولي جي غلطين جي، جنهن کي بلوچ ليکڪن پنهنجو ٽريڊ مارڪ بڻائي ڇڏيو آهي. حالانڪ مذڪوره ليکڪ انگريزي ۾ به بلوچستان بابت ڪيترا درجن ڪتاب لکيا آهن پر اتي ان جي ٻولي صاف ۽ غلطين کان پاڪ آهي، ڪاش اردو ٻولي ۾ به ان جو احترام ڪيو وڃي ها. بهرحال هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو مڪران جي طبقاتي تاريخ بيان ٿي آهي نه ته اسان جا روشن خيال مڪراني دانشور بلوچستان ۾ طبقاتي عدم وجود جي دعويٰ ڪندا آهن جنهن جو مثال طور اهي مڪران کي پيش ڪندا آهن.حميد بلوچ جي تحقيق انهن جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪتاب ۾ مڪران جي سماجي نظام جي خدوخال، جي شروعات ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مڪران جو سماجي نظام ٽن طبقن ۾ ورهايل آهي. انتها ته اها آهي ته مڪران ۾ غلامي کي 1926ع ۾ قانون خلاف قرار ڏنو ويو. ليڪن بقول تحقيق ڪندڙ جي غلام طبقي تي ان پڌرنامي جو ڪو ئي اثر نه پيو. اهي(غلام) ڊگهي عرصي تائين (شاهي) خاندان ۾ گهريلو ملازم طور ڪم ڪندا رهيا.

بهرحال ڪجهه پرڏيهي سازشن ۽ ڪجهه پنهنجي غفلتن جي ڪري مڪران مان چونڊيل سياسي اڳواڻ ۽ موجوده بلوچستان جو وڏو وزير “مالڪ” آهي. ان جي “مالڪي” ۾ اڄ مڪران جو حال ڪهڙو آهي؟ اهو ڄاڻڻ لاءِ اچو ته مڪران هلون.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو