نائو مل، سنڌ جو غدار يا محسن؟ | Affair - افيئر
Home / اسپيشل افيئر / نائو مل، سنڌ جو غدار يا محسن؟
above article banner

نائو مل، سنڌ جو غدار يا محسن؟

اختر بلوچ

سيٺ نائو مل هوت چند سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن جو نالو جيڪڏهن سنڌ جي تاريخ مان ڪڍيو وڃي ته سنڌ جي تاريخ اڌوري رهجي ويندي.

سنڌ جي تاريخ ڪيتري پراڻي آهي ان تي کوڙ سارا ماڻهو گهڻو ڪجهه لکي چڪا آهن، هتي 3 هزار سال قبل مسيح موهن جو دڙو جا آثار به آهن ته ڏکڻ سنڌ جي شهر ميرپور خاص ۾ ڪاهوءَ جو دڙو جهڙو تاريخي ورثو به موجود آهي. موهن جو دڙو ته بچي ويو ليڪن ڪاهوجودڙو سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويو، ان تي ڪنهن ٻي ڀيري لکبو.

ڳالهه ٿي رهي هئي سيٺ نائو مل هوتچند جي، تاريخ ٻڌائي ٿي ته نائون مل اهو شخص هو جنهن سنڌ تي انگريزن جي قبضي لاءِ سندن مڪمل مدد ڪئي.

نائو مل ايئن ڇو ڪيو؟

مالي فائدي لاءِ؟ انگريز سرڪار طرفان ڪو خطاب حاصل ڪرڻ؟ يا پنهنجي والد سيٺ هوتچند سان ميرن جي دور ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو ان جو بدلو وٺڻ لاءِ؟ انهن سڀني ڳالهين تي اڳتي هلي ڳالهائينداسين ليڪن هڪ حقيقت اسان کي ذهن ۾ رکڻي پوندي ته ميرن جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن سنڌ ۾ گوري انگريز جو قبضو قائم ٿيو ته هڪ نئين سنڌ جنم ورتو، شهري علائقن ۾ روڊ رستا ٺهيا، بجلي آئي، اسڪول ۽ اسپتالون ٺهيون، ريلوي جي نظام جنم ورتو، جديد نهري نظام ۽ گهڻو ڪجهه نئون متعارف ٿيو.

ڪجهه نقادن جو خيال آهي ته نهري نظام انگريزن روينيون حاصل ڪرڻ لاءِ ٺاهيو هو، ريلوي افغانستان تائين فوجي سامان پهچائڻ لاءِ ۽ اسڪول ۽ اسپتالون برائون صاحبن “جيڪي گورن جا حاشيه بردار هئا” لاءِ هئا. انگريزن کي ڏسندي ڏسندي هندن ۽ پارسين به اهڙا اڻ ڳڻيا سماجي ادارا قائم ڪيا جنهن کانپوءِ مسلمانن کي به اهڙا ادارا قائم ڪرڻ جو خيال آيو ۽ انهن فلاحي ۽ تعليمي ادارا به قائم ڪيا. قصو ڊگهو ٿي ويو، هاڻي اچون ٿا اصل موضوع ڏانهن يعني سيٺ نائو مل هوتچند ڪير هو ۽ ڇو وطن جو غدار بڻيو؟

محمد عثمان دموهي پنهنجي ڪتاب “ ڪراچي تاريخ جي آئيني ۾” جي 2013ع جي اشاعت ۾ هوتچند جي حوالي سان لکي ٿو ته: “ هن شخص جي دولت، جاگير ۽ رتبو حاصل ڪرڻ جي حوس جي ڪري سنڌ جي وطن پرست مسلمانن ۽ هندن کي نه رڳو وطن جي آزادي کان محروم ٿيڻو پيو بلڪه غلامي جون ذلتون به برداشت ڪرڻيون پيون. هن شخص انگريزن کي سنڌ تي قابض ڪرائڻ ۾ سنڌ جي ميرن خلاف مڪر، فريب ۽ دغا بازي جو مظاهرو ڪيو”.

Picture6

نائو مل جي خانداني پسمنظر بابت لکي ٿو ته “ هو 1729ع ۾ ڪراچي شهر جو بنياد رکندڙ مشهور هندو واپاري ڀوڄو مل جو پڙ پوٽو هو جيڪو 1804ع ۾ ڪراچي جي قديم پاڙي کارادار ۾ پيدا ٿيو هو. هن جو والد هوتچند به هڪ مشهور واپاري ماڻهو هو، هن جو واپار نه رڳو سنڌ پر هندستان، افغانستان، ايران ۽ مسقط تائين ڦهليل هو، سنڌ جا هندو واپاري ٽالپرن کي قرض مهيا ڪندا هئا ان ۾ هن جو نالو به شامل هو. هن جي حيدرآباد جي درٻار تائين پهچ هئي.”

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ايترو بااثر هئڻ باوجود نائو مل ڪٽنب سان اهڙو ڇا ٿيو جو نائو مل سنڌ تي انگريزن کي قبضو ڪرايو؟ سيٺ نائو مل پنهنجي يادگيرين ۾ (اهي يادگيريون 1845ع کان 1930ع تائين) جي واقعن تي مشتمل آهن. هو ان ۾ لکي ٿو ته “:1831-32ع جي ڳالهه آهي ته نصر پور جي هڪ هندو مزدور جو پٽ پنهنجي استاد جي سختين کان تنگ اچي هڪ مسجد جي دروازي جي ويجهو وڃي بيٺو، ڪجهه ملسمانن جي مٿس نظر پئي اهي کيس مسجد ۾ وٺي ويا جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي هندو دڪاندارن پنهنجا دڪان بند ڪري ڇڏيا ۽ مسلمانن کي سيڌو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

مسلمانن انتقامي طور تي لياري ۾ موجود پاڻي جي کوهن ۾ گندگي (ليٽرين) وجهي ڇڏي، انهن کوهن مان هندو پيئڻ جو پاڻي ڀريندا هئا. ٻئي ڏينهن نورل شاهه نالي هڪ سيد اسان جي پاڙي مان گذرندي گاريون ڏنيون. منهنجو ننڍو ڀاءُ پرسرام جيڪو ان پاڙي جي ٻاهرين دروازي تي بيٺل هو، ان نورل شاهه کي ڌيرج سان سمجهايو ته ايئن ڳالهائڻ مناسب ناهي، ٻنهي وچ ۾ تيز جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ جوش ۾ اچي نورل شاهه چيو ته پرسرام منهنجي پيغمبر جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي، ايئن مسلمانن جو وڏو هجوم گڏ ٿي ويو. بعد ۾ نورل شاهه قرآن ڳچي ۾ وجهي سنڌ جي مختلف شهرن جو دورو ڪيو ۽ ماڻهن کي ڀڙڪايو. ان دوران ڪنهن طريقي سان منهنجو ڀاءُ پرسرام جيسلمير (هاڻوڪي انڊيا) منتقل ٿي ويو، معاملو ان وقت سنڌ جي حاڪم مير مراد علي ٽالپر تائين پهتو مسلمانن جو دٻاءُ هو، مير صاحب منهنجي والد هوتچند کي حڪم موڪليو ته سيٺ، پرسرام کي حيدرآباد اماڻيو. پرسرام ڪراچي ۾ نه هو. مير صاحب ٻيو فرمان موڪليو ته هوتچند پاڻ اچي حاضر ٿئي. منهنجو والد حيدرآباد پهتو مير صاحب جهيڙي جي حل لاءِ معاملو نصرپور جي قاضي جي عدالت ۾ موڪليو (نصر پور حيدرآباد کان ڪجهه مفاصلي تي ننڍڙو شهر آهي) قاضي معاملو ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ مسلمانن اوچتو حملو ڪري سيٺ هوتچند کي اغوا ڪري ورتو. هو ڏهه کان ٻارنهن ڏينهن مسلمانن جي قبضي ۾ رهيو، جن کيس زبردستي مسلمان ڪرڻ جو ارادو ڪيو(مطلب ته سندس زبردستي طهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي) ليڪن جيئن ته سندس عمر 50 سال هئي ۽ هن جو طهر ڪرڻ قرآن جي به خلاف هو، ان کانسواءِ مسلمانن کي اهو به ڊپ هو ته ان جا نتيجا خطرناڪ به ٿي سگهن ٿا. ان ڪري اهي پنهنجي ارادي کان پاسيرو رهيا. ان کان پوءِ مير مراد علي کي پڇتاءُ ٿيو ۽ منهنجي والد جي آزادي جو حڪم جاري ڪيائين، جنهن کانپوءِ منهنجي والد کي آزادي ملي”.

ان وقت سنڌ ۾ عام تاثر اهو هو ته سيٺ هوتچند جو طهر ڪيو ويو هو، نائو مل جي يادگيرين ۾ هي واقعو تفصيل سان لکيل آهي هتي رڳو ان جو خلاصو پيش ڪجي ٿو.

ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي هندو برادري تمام گهڻي خوشحال هئي سنڌ جا وڏيرا ۽ جاگيردار ته ڇا حڪمران خاندان تائين سندن قرضدار هوندا هئا. ليڪن ان جي باوجود کين اهو سماجي رتبو حاصل نه هو جيڪو مسلمانن کي حاصل هوندو هو. جيمس برنس مطابق: “سنڌ ۾ هندن کي گهوڙي سواري جي منع هئي، ان ڪري دولت مند واپاري به گڏهه تي سواري ڪندي نظر ايندا هئا. هندن لاءِ اهو به ضروري هو ته جيڪڏهن ڪنهن مسلمان جي سواري گذري ته ان جي رستي ۾ ادب مان هڪ پاسي بيهي رهن”.

مشهور دانشور ۽ تاريخدان ‎ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجي “ڪتاب سنڌ، خاموشي جو آواز” ۾ لکي ٿو ته سيٺ هوتچند جو خاندان سنڌ جو اعليٰ هندو خاندان هو، ان ڪري جڏهن هن خاندان جي سربراهه سان ذلت ڀريو سلوڪ ڪيو ويو، کيس اغوا ڪيو ويو، قيد ۾ بکيو اڃيو رکيو ويو. ۽ ڪجهه شاهديون اهو ٿيون ٻڌائن ته سندس طهر به ڪيو ويو هو، اهڙن واقعن جو اثر ان جي خاندان جي ماڻهن ۽ سنڌ جي هندن تي ٿيو. هي اها صورتحال هئي جنهن يقيني طور نائو مل ۽ ٻين هندن جي عدم تحفظ جي احساس ۾ شدت پيدا ڪئي هوندي”.

نائو مل جي انا کي زبرست ڌڪ لڳو هوندو، غالبن ان بنياد تي هن ميرن جي حڪومت جي خاتمي ۾ انگريزن جي مدد ڪئي هوندي. منهنجي خيال ۾ اڪيلي سر نائو مل تي اهو الزام هڻڻ ته هن ميرن جي حڪومت ختم ڪرائي ته اها زيادتي هوندي. سنڌ تي ميرن جي حڪومت ٽن حصن يعني حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ خيرپور ۾ ورهايل هئي. اهي مملڪت جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ هندو واپارين جي قرضن جا محتاج هئا، سندن ڪا به باضابطا تربيت يافته فوج نه هئي انهي سبب جي ڪري انگريزن جو سنڌ تي سولائي سان قبضو ٿي ويو.

انگريزن نائو مل جي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس اعزازن سان به نوازيو، برطانوي حڪومتي دور جو هڪ عملدار خداداد خان پنهنجي لکيل ڪتاب “ لب مهراڻ سنڌ ۾ لکي ٿو ته ”: “CIE” جي لقب جو تمغو انگريز سرڪار سيٺ نائو مل لاءِ موڪليو هو فريئر محل عرف فريئر هال ۾ هڪ شاندار درٻار منعقد ڪري سيٺ نائو مل کي پنهنجي هٿن سان ڏنو ويو. هن موقعي تي جيڪو خطاب ڪيو اهو ته تمام ڊگهو آهي، هتي رڳو ان جو اختصار پيش ڪجي ٿو : “ هن چيو ته، مان نهايت خوشي مان هي لکت تنهنجي جي حوالي ڪريان ٿو، تو انگريز سرڪار جي زبردست خدمت ڪئي آهي، راڻي وڏي شفقت سان تو کي سي آءِ اي (ڪمپينين آف دي موسٽ ايگزاليٽڊ آرڊر آف دي اسٽار آف انڊيا) جو لقب ادا ڪري عزت بخشي آهي. سال 1843ع ۾ جڏهن سنڌ جي ميرن ۽ انگريز سرڪار جي وچ ۾ جنگ ٿي، جيتوڻيڪ ان وقت توکي سخت جاني ۽ مالي خطرو هو تنهن باوجود تو ڪوشش ڪري ميرن بابت اهڙيون اهڙيون خبرون ۽ اهڙيون تجويزون پيش ڪيون جن موجب انگريز سرڪار جا عملدار پنهنجي لشڪر ۾ تبديلي ڪري سگهن. انهن خدمتن عيوض توکي جاگير ۽ پينشن عطا ڪئي وئي”

ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجي مضمون “ڇا نائو مل غدار هو” جي آخر ۾ لکي ٿو ته : معاشري ۾ اقليت جو ڪردار نهايت نازڪ هوندو آهي جيڪڏهن اقليت مالي ۽ اقتصادي لحاظ کان خوشحال هجي ته ان جي دشمنن ۾ واڌارو ٿي ويندو آهي. گهڻو ڪري اقليت کي وطن دشمن ۽ غدار چيو ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سماج اندروني ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ اقليت ملڪ ۽ قوم جي محبت کان پري ٿيندي ويندي آهي. هندستان ۽ سنڌ ۾ انگريز حڪومت جي قيام ۾ اقليتن جي عدم تحفظ جو وڏو عمل دخل هو”

نائو مل جو لاڏاڻو 73 سالن جي عمر ۾ 16 سيپٽمبر 1878ع تي ڪراچي ۾ ٿيو سندس يادگيرين تي ٻڌل ٻئي ڪتاب جو ايڊيشن آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس طرفان 1986ع ۾ شايع ڪيو ويو پر ان ڪتاب جي تعارف ۾ به نائو مل کي غدار ئي لکيو ويو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو