Home / رانديون / ورلڊ ٽي ٽوئنٽي جي مئچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 50 رنسن تان هارائي ڇڏيو
above article banner

ورلڊ ٽي ٽوئنٽي جي مئچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 50 رنسن تان هارائي ڇڏيو

pakistanورلڊ ٽي ٽوئنٽي ۾ گروپ ٽو جي اهم ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 50 رنسن تان هارائي ڇڏيو. شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ڍاڪا ۾ کيڏيل ميچ جو ٽاس کٽي پاڪستان کٽيو ۽ پهرين بيٽنگ ڪندي 20 اوورز ۾ 19ڏ رنسون ٺاهيون، پاڪستان جي اننگز شروع ٿيندي ئي احمد شهزاد رنسون ٺاهيون، ڪامران اڪمل ۽ حفيظ ساٿ ڇڏي ويا، پر احمد شهزاد همت نه هاري ۽ جارحاڻي انداز ۾ کيڏيو، انهيءَ دوران شعيب ملڪ 26 رنسون ٺاهي احمد شهزاد جو ڀرپور ساٿ ڏنو جڏهن انهيءَ دوران شاهد آفريدي به تيز رفتار 22 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ 2 ڇڪا ۽ هڪ چوڪو شامل هو. احمد شهزاد شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ڪيريئر جي شاندار اننگ کيڏي ۽ سينجري اسڪور ڪئي. هو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سينچري بڻائيندڙ پهريون پاڪستاني بيٽسمين بڻجي ويو. احمد شهزاد 57 بالن تي 9 چوڪن ۽ 4 ڇڪن جي مدد سان سينچري مڪمل ڪئي جڏهن ته سندس اسڪور 62 بالن تي 111 هو ۽ ناٽ آئوٽ به رهيو. بنگلاديش پاران عبدالرزاق 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. بنگلاديش جي ٽيم 191 رنسن جي حدف ۾ 140 رنسن تائين محدود رهي، بنگلاديش جي شڪيب الحسن سب کان وڌيڪ 38 رنسون ٺاهي ڪامياب رهيو جڏهن ته هو پنهنجي ٽيم کي فتح نه ڏياري سگهيو. ٻين بيٽسمينن ۾ ناصر حسين 23، انعام الحق 18، مشرف مرتضيٰ 17 ۽ محمود الله 17 رنسون ٺاهيون. پاڪستان پاران عمر گل 3 ۽ سعيد اجمل 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. احمد شهزاد ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو