Home / ڪرنٽ نيوز / وزيراعظم نواز شريف ٿـَر جي ڏڪار سٽيلن لاءِ هڪ ارب رپيا امداد جو اعلان
above article banner

وزيراعظم نواز شريف ٿـَر جي ڏڪار سٽيلن لاءِ هڪ ارب رپيا امداد جو اعلان

Photo_77وزيراعظم نواز شريف ٿـَر جي ڏڪار سٽيلن لاءِ هڪ ارب رپيا امداد جو اعلان ڪندي بک وگهي ٻارڙن جي فوت ۽ ڪڻڪ جي شفاف ورهاست نه ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،نواز شريف،وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي ڪوتاهي ڪندڙ عملدارن خلاف سخت ڪارروائي جي پڻ هدايت ڪندي چيو آهي ته چولستان ۾ به ٿر جهڙي صورتحال آهي پر اتي ڪوبه ماڻهو فوت ناهي ٿيو؟ ڏڪار سٽيل علائقن جي دوري دوران وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مٺي ۾ ٿر جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀـُٽو زرداري، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم، سائره افضل تارڙ، وفاقي وزيرن صدر الدين شاهه راشدي،غلام مرتضيٰ جتوئي، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، امتياز شيخ، ايم اين اي ماروي ميمڻ ۽ شاهه محمد شاهه سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم نواز شريف کي ٿر ۾ ڏڪار سٽيل علائقن ۽ امدادي ڪمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف وفاقي سرڪار طرفان ٿر جي ڏڪار سٽيل ماڻهن لاءِ هڪ ارب رپيا امداد جو اعلان ڪيو. وزيراعظم نواز شريف حڪم ڏنو ته بک وگهي وڏي انگ ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ ۽ امدادي ڪڻڪ جي ورهاست شفاف نموني نه ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائي ڪوتاهي ۾ ملوث عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته صحت واري سيڪريٽري کان پــُڇاڻو ڪيو وڃي ته ٿر ۾ صورتحال ايتري خراب ڇو ٿي آهي.؟ هن چيو ته اهڙا قدم کنيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي ۽ جيڪي ماڻهو علاج لاءِ ٻاهر نٿا اچي سگهن،انهن کي گهرن تائين علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت، سنڌ سرڪار سان مڪمل سهڪار ڪندي، اميد آهي ته وڏو وزير ٿر جي صورتحال ۾ ملوث ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪندو. اجلاس دوران وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٿر ۾ ڏڪار دوران ناڪاميءَ جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته ٿر ۾ ڏڪار هر سال ايندو آهي پر سنڌ حڪومت اهڙي پاليسي جوڙي رهي آهي، جنهن سان مستقبل ۾ اهڙي صورتحال کان بچي سگهجي. وڏي وزير ٻڌايو ته ٿرپارڪر کي آفت سٽيل علائقو قرار ڏنو ويو آهي،سندن ڪوشش آهي ته ترت متاثرن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن. قائم علي شاهه چيو ته اڳوڻي انتظاميه ڪڻڪ جي ورهاست شفاف نموني سان نه ڪئي، جنهن سبب ان کي هٽايو ويو پر هو خاطري ڪرائي ٿو ته هن وقت ڪڻڪ جي ورهاست شفاف نموني سان ٿي رهي آهي. وڏي وزير چيو ته ٿر ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو آهي، جنهن سبب متاثرن تائين شيون پهچائڻ ۾ کين ڏکيائون ٿي رهيون آهن. اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم ان موقعي تي چيو ته سول اسپتال مٺيءَ جي حالت خراب لڳي پئي آهي،علائقي ۾ هاڻي چنگچي رڪشا به هلي رهيا آهن، تنهنڪري ٽرانسپورٽ جو ڪو به مسئلو ناهي. اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ارباب رحيم جي موقف کي رد ڪندي چيو ته ٿر ۾ رڳو 49 ٻارڙا فوت ٿيا آهن. ان کان اڳ نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ٿر ۾ خوراڪ جا 60 هزار ٿيلها ۽ ڪڻڪ جون سوا لک ٻوريون ورهايون پيون وڃن. وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته متاثر سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاري ڪڻڪ جون ٻوريون حاصل ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته متاثرن ۾ چانور، گيهه، بسڪيٽ ۽ پاڻي جون بوتلون پڻ ورهايون ويون آهن. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته چوپايو مال ٿر جي رهواسين جي گذر سفر جو اهم ذريعو آهي پر ڏڪار سبب ڍور به متاثر ٿيا آهن. عملدارن موجب سوا لک بيمار ڍورن جو علاج ڪيو ويو آهي،جڏهن ته 45 لک جانورن کي ويڪسينيشن به جو عمل به جاري آهي. بريفنگ موجب چوپائي مال ۾ پکڙيل بيماري سبب سڀ کان وڌيڪ رڍون متاثر ٿيون آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو