Home / ڪور افيئر / وسي ته ٿر، نه ته بر ئي بر!
above article banner

وسي ته ٿر، نه ته بر ئي بر!

ناصر علي پنهور

ٿر جو ڏڪار “قومي ميڊيا” تي اجاگر ٿيڻ کانپوءِ هڪ دفعو وري سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن سان گڏ سياسي پارٽين جي ايجنڊا تي اچي ويو جڏهن ته هن وقت تائين سون جي تعداد ۾ معصوم ٻار خوراڪ جي ڪمي سبب پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا آهن. سنڌ جو وزيراعليٰ هن وقت تائين ٿر جا ڪيترائي دورا ڪري چڪو آهي خود وزيراعظم نواز شريف به ٿر جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ وفاقي سرڪار پاران هڪ ارب روپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو، سياسي ڌرين هن موقعي تي به پوائنٽ اسڪورنگ جو موقعو هٿان نه وڃايو پر ٿر سان گڏوگڏ هاڻي اڇڙي ٿر کي به آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي جتي سنڌ سرڪار پاران هڪ ڪروڙ جي امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي صورتحال به ڪا گهڻي مختلف ناهي. پر اڃا تائين انهن علائقن کي آفت سٽيل قرار نه ڏنو ويو آهي. ٿر جو ڏڪار هاڻي قومي ميڊيا جي ايجنڊا تان ختم ٿيندو پيو وڃي. ٿر جو ڏڪار جتي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي کي وائکو ڪيو آهي. اتي اها ڳالهه به واضح ٿي ته سنڌ جو صحرائي علائقو جيڪو 68 هزار اسڪوائر ڪلو ميٽر تي ڦهليل آهي ۽ سنڌ جي مجموعي ايراضي جو 62 سيڪڙو آهي، سو سنڌ سميت عالمي ادارن جي ترجيحن واري فهرست ۾ شامل ناهي. جڳ مشهور معاشي ماهر امرتا سين جو چوڻ آهي ته ڏڪر هجي يا غربت ٻئي هٿرادو آفتون آهن. 

32

ٿر سميت سنڌ جي باراني علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو خوراڪ جي گهٽتائي کي منهن ڏئي رهيا آهن. اها حقيقت ملڪي توڙي عالمي ادارن پاران ٿيل تحقيق ۾ به تسليم ڪئي وئي آهي. ٿر جي ماڻهن جي گذر سفر جو ذريعو برسات تي ٿيندڙ زراعت ۽ چوپائي مال تي آهي. زراعت ۽ چوپائي مال جو چارو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن اتي گهربل برسات پئي. برسات نه پوڻ جي صورت ۾ ٿر جا ماڻهو عارضي لڏ پلاڻ ڪري بئراجي علائقن ڏانهن رخ ڪن ٿا. مجموعي طور تي ڏڪار جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ماڻهن کي مختلف مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو.

پهرين مرحلي ۾ مال جو چارو اڻلڀ ٿي وڃي ٿو، ڏڪار جي صورتحال سبب مال بئراجي علائقن ڏانهن به منتقل نه ٿو ڪري سگهجي. ماڻهو مجبوري وچان مال وڪڻڻ تي مجبور ٿين ٿا. اهڙين حالتن ۾ مال جو اگهه ڪري پوي ٿو، جڏهن ته ڪڻڪ جو اگهه وڌي وڃي ٿو. اگهن جي گهٽ وڌائي سبب مارو ماڻهن تي معاشي بار وڌي وڃي ٿو. نتيجي ۾ هو کاڌي ۽ مال جي چاري لاءِ رقم حاصل ڪرڻ لاءِ چوپايو مال گهٽ اگهن تي وڪرو ڪن ٿا.

ٻئي مرحلي ۾ چوپائي مال ۾ بيماري ڦهلجي ٿي ۽ چوپايو مال مرڻ شروع ڪري ٿو. جيڪڏهن سرڪار بروقت قدم کڻندي ماڻهن کي ڪڻڪ مهيا ڪري ٿي ته پوءِ ڪڻڪ جا اگهه گهٽجي وڃن ٿا. ڏڪار جي هر مرحلي کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ جي ضرورت آهي. سڀ کان پهرين ته ماڻهن جي خوراڪ جو بندوبست ڪرڻو پوندو. ماڻهن توڙي چوپائي مال لاءِ پاڻي جي فراهمي لاءِ به قدم کڻڻا پوندا. ڏڪار دوران قدرتي وسيلن جي وڌيڪ تباهي کي روڪڻ لاءِ به قدم کڻڻا پوندا ته جيئن بنيادي ماحولياتي نظام برقرار رکي سگهجي ٿو. جيڪو ٿر جي ماڻهن توڙي چوپائي مال کي جيئدان مهيا ڪري ٿو. ڏڪار جي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ مالوندن ۽ زراعت ڪندڙ آباد ي جي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن ڏڪار کان پوءِ پنهنجيون معاشي سرگرميون ٻيهر شروع ڪري سگهن. روزگار جا متبادل ذريعا ڳولڻ لاءِ به ماڻهن جي مدد ڪرڻي پوندي ته جيئن هو گذر سفر جي هڪڙي ذريعي تي ڀاڙڻ بدران ٻين ذريعن تي ڀاڙڻ شروع ڪن. موسمن جي تبديلي سبب چوپائي مال جي برساتن ۾ به تبديلي سبب چوماسي جي برساتن ۾ به تبديلي ٿي رهي آهي جي اهو سلسلو جاري رهيو ته ايندڙ وقت ۾ ٿر توڙي ٻين وارياسي علائقن ۾ زندگي ڏکي ٿي پوندي.

ان سلسلي ۾ تازو هڪ غير سرڪاري اداري آر ڊي ايف پاران ٿر ۾ موسمي تبديلين جي حوالي سان ايندڙ ٽن ڏهاڪن جو منظر پيش ڪيو ويوآهي، جنهن مطابق 2040ع تائين ٿر جي گرمي پد ۾ 1.76 سينٽي گريڊ واڌ ٿيڻ جو خطرو آهي ۽ سياري ۾ راتيون ٿڌيون ته اونهاري جا ڏينهن وڌيڪ گرم ٿي ويندا. تحقيق ۾ 2030ع تائين ته برساتن ۾ به واڌ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، پر ان کانپوءِ برساتن ۾ واضح گهٽتائي جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي. تحقيق ۾ ايندڙ بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي معاشي سرگرمين توڙي رهڻي ڪهڻي ۾ بنيادي تبديليون آڻڻيون پونديون. برساتي پاڻي کي وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ لاءِ ان کي گڏ ڪرڻ جو انتظام ڪرڻو پوندو. ٿر جهڙي نازڪ ماحولياتي خطي ۾ زراعت لاءِ ٽريڪٽر جي استعمال کي روڪڻو پوندو، زرعي فصلن توڙي چوپائي مال جي انشورنس جو نظام پڻ متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. ٿر جي گئوچر جي بحالي ۽ تحفظ لاءِ به اپاءُ وٺڻ جي ضروت آهي. ٿر ملڪ جي کير ۽ گوشت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پر کير جي لاءِ اتي ڪو به ڪولڊ اسٽوريج نه هجڻ ڪري هتان جي ماڻهن کي اتي ڪو به گهربل لاڀ نه ٿو ملي. ساڳي طرح ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ گوشت جي وڏي طلب آهي. گوشت لاءِ مال جي پالنا ڪري ان کي مارڪيٽ تائين پهچائڻ لاءِ ٿر جي ماڻهن جي تربيت سان گڏ انهن کي گهربل سهولتون ڏيڻ سان به ڏڪار جي اثرن کي گهٽائي سگهجي ٿو. هر آفت پوءِ اهو ڏڪار هجي يا ٻوڏ ادارن توڙي ماڻهن کي نوان سبق سيکاري ٿي ۽ ان جي پسمنظر ۾ آئنده لاءِ بهتر حڪمت عملي جوڙي سگهجي ٿي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تڪڙي رليف پهچائڻ کانپوءِ ماڻهن کي وري ساڳين حالتن ۾ نه ڇڏيو وڃي ۽ ڏڪار جي بنيادي سببن کي مستقل طور حل ڪيو وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو