Home / دنيا / يوڪرين بحران: گريٽ گيم ڪٿي دنگ ڪندي؟
above article banner

يوڪرين بحران: گريٽ گيم ڪٿي دنگ ڪندي؟

جيتوڻيڪ ڪريميا ريفرينڊم ۾ يوڪرين بدران روس سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. باوجود ان جي يوڪرين روس تڪر ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. ان تڪرار ۾ هاڻي آمريڪا بهادر به ڪڏي پيو آهي. هتي پرڏيهي صحافين پيپي ايسڪوبار جو پرمغز تجزيو ڏجي ٿو، جيڪو ان سڄي عالمي وايو منڊل جو احاطو ڪري ٿو.

يوڪرين ۾ اولهه هڪ چونڊيل حڪومت بدران غير آئيني ۽ ڳجهي بغاوت وسيلي اقتدار ۾ ايندڙن جي حمايت ڪري رهيو آهي. ٻين سان گڏ فاشسٽ نازي نواز مليشيا (ساووڊو) کي به آمريڪي خفيه ايجنسين استعمال ڪيو. روس طرفان منهن ٽوڙ جواب کانپوءِ بارڪ اومابا اعلان ڪيو ته ڪريميا ۾ ڪو به کڄندڙ قدم يوڪرين جي آئيني ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي هوندو.
اهو عالمي قانونن جي لڳاتار ٿيندڙ عصمت دري جي واقعن جو ئي تسلسل آهي. اهڙن واقعن جي لسٽ ڊگهي آهي. ان ۾ نيٽو طرفان 1999ع ۾ 78 ڏينهن تائين سربيا تي بمباري ڪئي وئي ته جيئن ڪوسوو کي ڪاميابي حاصل ٿي سگهي. 2003ع ۾ آمريڪا طرفان عراق تي قبضو ۽ ان کانپوءِ ٽرلين ڊالرز جي سيڙپڪاري ۽ پوءِ اتي جنگاڻ 2011ع ۾ نيٽو ۽ ايفري ڪوم طرفان لبيا تي بمباري وسيلي اتي حڪومت تبديل ڪئي وئي.
تيل جي دولت سان مالا مال ڏکڻ سوڊان ۾ آمريڪا بهادر طرفان ڪيل سيڙپڪاري ان ڳالهه جو مظهر هي ته جيئن اتي چين کي منهن ڏئي سگهجي. شام ۾ گهرو ويڙهه کي جاري رکڻ جون آمريڪي ڪوششون به ڪنهن کان لڪل نه آهن.
ان جي باوجود ماسڪو جو خيال آهي ته عالمي قانونن جو احترام ڪيو وڃي، هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي اهڙي مخصوص معلومات مهيا ڪئي هئي جنهن مان اهو ثابت پئي ٿيو ته اولهه جي سگهاري اداري طرفان ڪريميا ۾ به ڪيف وانگر بغاوت ڦهلائڻ بابت ڪوششن جي باري ۾ معلومات شامل هئي، روسي سفارتڪارن انهن الزامن جي غير جانبدار جاچ جو مطالبو ڪيو. پر ايئن ڪڏهن به نه ٿيو ڇو ته ايئن ٿيڻ سان آمريڪا جو پول مڪمل طور کلي سگهي ٿو. ان ڪري آمريڪا طرفان گڏيل قومن ۾ ويٽو اختيار استعمال ڪيا ويا.

22
روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف به يورپ ۾ آرگنائيزيشن فار سيڪيورٽي اينڊ ڪو آپريشن کان مطالبو ڪيو ته اها خفيا نشاني بازن طرفان انڌا ڌنڌ هر هڪ کي نشانو بڻائڻ جي الزامن جي تحقيقات ڪرائي. اهي الزام اسٽونيا جي پرڏيهي وزير يورپي يونين جي پرڏيهي مامرن جي سڀ کان وڏي تنظيم ۾ هنيا. گڏيل قومن ۾ روس جي سفير وتالي چرڪسين موجب آمريڪي ميڊيا جهڙي تصوير پيش ڪري رهي آهي. صورتحال ان کان بلڪل مختلف آهي بدبختي جي ڳالهه هي آهي ته ڪجهه آمريڪي ۽ يورپي سياستدان به ان ڪم ۾ شامل آهن.” اها ڳالهه چوڻ جي ضرورت نه آهي ته ڪنهن قسم جي تحقيقات ناهي ڪرائي وئي.
هر ڪنهن کي “سٺا طالبان” ياد آهن، جن سان آمريڪا افغانستان ۾ ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ان کانسواءِ اسان جو واسطو “سٺي القائده” سان پيو آهي ، شام ۾ آمريڪا جن جهادين جي حمايت ڪري رهيو آهي، اهي اِهي ئي آهن. هاڻ وري “سٺا نوان نازي” اڳيان اچي ويا آهن، اولهه ڪيف ۾ اهڙن ئي ماڻهن سان معاملا طئي ڪيا. جلد ئي سٺا جهادي نون نازين جي حمايت ڪرڻ لڳندا. ٿي سگهي ٿو ته انهن ماڻهن کي ڪريميا ۾ روس جي رستا روڪ لاءِ آمريڪا ۽ نيٽو جي هر اول دستي طور ڪتب آندو وڃي.
ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ پهريون ڀيرو فاشسٽ ۽ نوان نازي يورپي يونين جي قيادت ڪري رهيا آهن. اولهه ۾ ان ڳالهه تي تمام ٿورن ماڻهن ڌيان ڏنو آهي، ان کيڏاڙ ۾ شامل ڪردارن ۾ يوڪرين به عبوري گهرو وزير ۽ پينٽاگون جو اڳوڻو شاگرد ايئور شينوخ شامل آهي، ساڻس گڏ معاشي معاملن جو ڊپٽي وزيراعظم اليگزنڊر شچ، نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو چيف ۽ ٻيا شامل آهن.
جيئن ته ڪريملن ان گروهه سان ڳالهه ٻولهه کان انڪار ڪيو، ايئن 16 مارچ تي ٿيل ريفرينڊم به طئي ٿيل معاملو هو. عبوري وزيراعظم جي ٽيم هاڻي قانوني آهي ڇو ته اوباما ۽ واشنگٽن ايئن سمجهن ٿا.
هن وقت طاقت جي نشي ۾ بدمست ٿي يورشيا ۾ نئين گريٽ گيم جاري آهي. ماسڪو خوشي سان هڪ غير جابندار يوڪرين لاءِ راضي ٿي سگهي ٿو. پوءِ ڀلي ڪي ۾ نوان نازي حڪمرانن ڇو نه هجن. ليڪن نيٽو سان ڳنڍيل يوڪرين واضح طور تي خطري جي لڪير عبور ڪرڻ برابر هوندو.
ٻئي طرف يورپي يونين طرفان ڌمڪين کانپوءِ به اهي اهو فيصلو نه پيا ڪري سگهن ته گيس پروم جرمني ۾ موجود اوپي اي ايل جي پائيپ لائينن وسيلي وڌيڪ گئس وڪرو ڪري سگهندي يا نه، انهن ڏاکڻي حصي ۾ بحراسود هيٺيان لنگهندڙ پائيپ لائين جي قانوني حيثيت بابت به ڪو فيصلو ناهي ڪيو. ان پائيپ لائين کي 2015ع ۾ آپريشنل ٿيڻو آهي.
ايئن ٿو لڳي ته يورپي يونين وٽ روسي گئس کانسواءِ به ڪو متبادل منصوبو موجود آهي. اهي ڀلا ڇا ڪري سگهندا. قطر ايئر ويز وسيلي گئس گهرائيندا؟ آمريڪا کان ايل اين جي خريد ڪندا؟ اهڙو ڪم ايندڙ ڪجهه ورهين تائين عمل جوڳو هوندو؟
حقيقت هي آهي ته گئس جي جنگ جاري آهي، جيڪڏهن اهو معاملو انهي حدتائين پهچي وڃي ٿو ته يورپي يونين تي تمام گهڻو دٻاءُ هوندو ته اها روس سان پنهنجي گئس جا معاملا حل ڪري اهو دٻاءُ اندروني توڙي خارجي ٻنهي طرفن کان هوندو. جڏهن اهو معاملو ٿيو ته پوءِ انهن ملڪن کي ڪيف ۾ حڪمراني جا مزا وٺندڙ نون نازين کان ڪا پرواهه نه هوندي، برسلز ان ڳالهه کان چڱي ريت باخبر آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو