Home / اسپيشل افيئر / ٻيلي کاتي جي 1400 ايڪڙ زمين جيالي وزير جي قبضي ۾ !
above article banner

ٻيلي کاتي جي 1400 ايڪڙ زمين جيالي وزير جي قبضي ۾ !

imجمهوريت جيڪا نالو آهي، انساني حقن، برابري، انصاف ۽ عوام جي راڄ جو، بدقسمتي سان ان جو مطلب ملڪ خاص طور سنڌ ۾ ڪجهه ٻيو آهي. اسان وٽ جڏهن مينڊيٽ جو راڳ آلاپيندڙ پيپلزپارٽي “شهيدن” جي قرض عيوض حڪومت ۾ اچي ٿي ته اها پنهنجي عمل ۾ هڪ جمهوري نه پر پيٽ پاليو پارٽي جهڙو ڏيک ڏئي ٿي جنهن جو هر هڪ ننڍي کان وڏو اڳواڻ ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ جا نوان مثال قائم ڪندي نظر اچي ٿو.

سرڪاري نوڪرين ۾ ڪرپشن ۽ اقربا پروري، ٺيڪن کان وٺي حڪومتي ڪاروهنوار ۾ نااهلين ۽ ڪرپشن جا داستان ته وڏا آهن پر پاڻ هتي ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي هڪ اهڙي قسم جو ذڪر ڪنداسين جنهن جي شروعات ته محدود پئماني تي ارباب رحيم سرڪار ڪئي پر ان کي عروج تي “پيپلز پارٽي” پهچايو. هونئن به “ وڏي صاحب”، کانپوءِ هاڻي“ ڇوٽي ميان سبحان الله” جي فخريه پيشڪش کانپوءِ اها ڳالهه عالمي سچائي بڻجي وئي آهي ته جتي ٻيا ڪرپشن ۽ بي قائدگين جو خاتمو ڪندا آهن اتان هي “ جمهوري” جماعت شروعات ڪندي آهي.
ٻيلا جيڪي ڪنهن به ملڪ جي ماحوليات، ٻوڏن کان بچاءُ ۽ لکين ڪروڙين انسان جي گذر سفر جو ذريعو هوندا انهن آهن. سنڌ ۾ بااثر سياستدانن جن مان اڪثريت پيپلز پارٽي جي پهرين، ٻئي درجي جي قيادت کان وٺي انهن جي جيالن جي آهي سنڌ جي ٻيلن جي 1 لک ايڪڙ زمينن تي قابض آهن. ٻيلي تي قابض ان مافيا ٻيلي جا قيمتي وڻ وڍرائي وڪڻڻ کانپوءِ اتي پنهنجا شاندار بنگلا، فارم هائوس، مڇي جا تلاءِ کان وڌيڪ ٺهرايا آهن. سنڌي سياستدانن جي ان لالچ جي ڪري سنڌ جي ماحوليات تي تمام خراب اثر پوڻ سان گڏ سنڌ ۾ ٻوڏن جي صورتحال به انتهائي خراب ٿي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن ملڪ ۾ ماحوليات جو توازن، مناسب مقدار ۾ برسات پڻ ۽ ٻوڏن کي روڪڻ لاءِ ٻيلن جو هجڻ تمام ضروري آهي. سنڌ ۾ هن وقت صورتحال اها آهي ته ٺٽي ضلعي جا ٻيلا پهرين شيرازين هاڻي پيپلزپارٽي اڳواڻن جي قبضي ۾ آهن. ڄامشورو ضلعي ۽ دادو ضلعي جا ٻيلا اڳ ۾ لياقت جتوئي گروپ هاڻ سردار چانڊئي وارن وٽ آهن. مٽياري ٻيلو مخدوم ڀائرن ۽ هڪ دادلي صوبائي وزيري جي قبضي ۾ آهي.

32-
اڄ اسان جو موضوع آهي حيدرآباد شهر جي ڀر ۾ قاسم آباد جي ديهه شاهه بخاري ۾ جي 1446 ايڪڙ زمين جو. مذڪوره زمين ٻيلي کاتي جي آهي،جيڪا هاڻي قاسم آباد جي يونين ڪائونسل (4) ۾ آبادي جي بلڪل ويجهو سنڌو دريا، جي ڪناري ۽ ڄامشوري حيدرآباد پل وٽ آهي،جڏهن زمين اهڙي قيمتي ۽ پرفضا جڳهه تي هجي ته اها “جمهوري پارٽي” جي “ايماندار” اڳواڻن کان ڪٿي ٿي بچي سگهي؟ علائقي جو ايم پي ايم ڄام خان شورو جيڪو هاڻي خيرن سان لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جو وزير به آهي ۽ جنهن جي ڏاڍاين جا سولنگي پوليس جمعدار واقعي جي شڪل ۾ اهڙا ته مثال موجود آهن جن کي ڏسي انسانيت شرمائي وڃي ٿي. صاحب موصوف سنڌ ڪابينه جي هڪ ٻئي انتهائي طاقتور وزير کي ان زمين تي قبضي ڪرڻ جو منصوبو ٻڌايو. جنهن کانپوءِ انهن وزيرن جي دٻاءُ هيٺ سنڌ جي 90 سالن جي “نوجوان” وزير اعليٰ ٻيلي کاتي جي ان زمين کي روينيو جي زمين ۾ بدلائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ اها زمين 20 روپيه في ايڪڙ جي حساب سان “ شورا” برادري جي 100 ماڻهن کي الاٽ ڪئي وئي ۽ سڀني ماڻهن هڪ ئي ڏينهن سمورا چالان بينڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.
“افيئر” وٽ موجود دستاويزي ثبوت مطابق ٻيلي کاتي جي ان وقت جي سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه ان عمل جي مخالفت ڪئي پر ان جي باوجود وڏي وزير قائم علي شاهه نه رڳو اهو حڪم ڪيو پرمذڪوره آفيسر کي اتان بدلي ڪيو ويو.
علائقي واسين ان عمل خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ انهن جي احتجاجي مارچ 2013ع ۾ ان وقت رنگ لاٿو جڏهن ان وقت جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ڪراچي بدامني ڪيس جي سماعت ڪندي ان ڳالهه جو نوٽيس ورتو. واسطيدار ادارن کان رپورٽون وٺڻ کانپوءِ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري وزيراعليٰ سنڌ جي قدمن کي غير قانوني قرار ڏيندي ان زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ، اتي موجود شاندار بنگلو، فارم هائوس ۽ ڍڳي فارم ڊهرائڻ جو حڪم ڏنو. حيدرآباد جي ضلعي انتظاميه رينجرز جي مدد سان قبضو ختم ڪرائي سموريون عمارتون پڻ پٽ ڪرائي ڇڏيون.
پ پ جي هاڻوڪي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ ان زمين تي ٻيهر قبضي جون تياريون ڪيون ويون ۽ اتي ٻيهر بنگلو ۽ ڍڳي فارم قائم ڪيو ويو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته واپڊا (حيسڪو) ان ناجائز قبضي واري جڳهه تي بجلي، روڊن واري کاتي روڊ، واسا پاڻي جي لائين ۽ پوليس کاتي وري ناجائز قبضي کي پڪو ڪرڻ لاءِ پوليس جي چوڪي قائم ڪري ڇڏي آهي. فيبروري جي مهيني ۾ جڏهن سنڌ جي هڪ وڏي اخبار جو رپورٽر صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ دورو ڪيو ته اتي موجود هٿياربندن کيس يرغمال بڻائي تشدد ڪيو. انهن سڀني حقيقتن جي روشني ۾ سڀني خطرن کي نظر ۾ رکندي مارچ مهيني جي آخر ۾ پنهنجي ساٿي ڪيمرامين سميت علائقي ۾ پهتس. علائقي واسين سمورين حقيقتن کان آگاهه ڪيو پر آن دي رڪارڊ وزير موصوف جي ڊپ جي ڪري ڪير به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هئو. علائقي جو دورو ڪرڻ سان پتو پيو ته نه رڳو مذڪوره زمين تي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي انحرافي ڪندي ٻيهر تعميرات ڪئي ئي آهي. پر ان ناجائز ۽ غير قانوني قبضي واري زمينن تي واپڊا (حيسڪو)،واسا ۽ ٻين ادارن سموريون شهري سهولتون، پاڻي بجلي، روڊ رستا مهيا ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته علائقي ۾ موجود 20 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڳوٺ صدين کان هر قسم جي سهولت کان وانجهيل آهن.
ياد رهي ته 21 مارچ 2014ع تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ٻيلي کاتي جي ڊي ايف او سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽن ۾ ڄاڻايو آهي ته مذڪوره زمين بلڪل خالي پيل آهي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جو ڪو به قبضو نه آهي. چيف ڪنزرويٽر فاريسٽ رياض وڳڻ “افيئر” کي ٻڌايو ته سندس معلومات مطابق مذڪوره زمين تي ڪنهن به قسم جو قبضو نه ڪيو ويو آهي ۽ ڊي ايف او ۽ ڊي سي ‎ءَ جي رپورٽ جي آڌار تي اهڙي معلومات سپريم ڪورٽ ۾ به جمع ڪرائي وئي آهي. رياض وڳڻ کي جڏهن مذڪوره زمين تي ٻيهر قبضي ۽ اتي موجود شهري سهولتن بابت ۾ وڊيو ثبوتن جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته هو لاجواب ٿي ويو. واپڊا (حيسڪو) جي ترجمان “افيئر” کي ٻڌايو ته مذڪوره غير قانوني قبضي واري جاءِ تي بجلي پهچائڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي، جنهن جي رپورٽ جي روشني ۾ ان حوالي سان معلومات ڏني ويندي پر تقريبن 2 مهينا گذرڻ باوجود حيسڪو طرفان ڪا به معلومات فراهم نه ڪئي وئي. ساڳي ريت واسا جي ايم ڊي مذڪوره زمين تي پاڻي جي سهولت پهچائڻ جي حوالي سان ڪا به معلومات نه ڏني.
نامياري قانوندان علي پلهه جو چوڻ آهي ته “سنڌ فاريسٽ ايڪٽ” هڪ جڏو ۽ مڏو قانون آهي، جيڪو پنهنجي افاديت وڃائي ويٺو آهي، ان لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نئين ۽ مناسب قانون سازي ڪئي وڃي جيئن ٻيلن تي قبضا ختم ڪرائڻ سان گڏ، ان ڪڌي عمل ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزائون ڏئي سگهجن، علي پلهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته “حالت اها آهي ته هاڻ ان لولي لنگڙي قانون تي به عمل نٿو ٿئي، بااثر وڏيرا ۽ سياستدان مال مفت دل بي رحم وانگي ٻيلن کي ذاتي جاگير سمجهي قبضا ڪري رهيا آهن.”
ماحوليات تي ڪم ڪندڙ صحافي امر گرڙو جو چوڻ آهي ته ٻيلن تي قبضي جا ڀيانڪ نتيجا نڪتا آهن. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ خطرناڪ ٻوڏون ۽ ڪڏهن ڪڏهن مينهن نه پوڻ ٻيلن جي نه هجڻ جي ڪري آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ٻيلن جي اڻ هوند جي ڪري لکين ماڻهن جو ڪاروبار ته متاٿر ٿيو آهي پر ان سان جهنگلي حيات کي به سخت نقصان پهتو آهي.
قانوني ماهرن ۽ ماحوليات جي ڄاڻ رکندڙن جا خيال ته پنهنجي جڳهه تي پر سوال هي آهي ته جتي چوڪيدار چور نه پر ڌاڙيل بڻجي وڃن ۽ سنڌ جي تقدير جي فيصلي جا اختيار رکندڙ اسيمبلي ميمبر قبضا خور بڻجن ته پوءِ قانون جي عمل داري ۽ مناسب قانون سازي ڪرڻ جي گهنڊڻي ٻلي جي ڳچي ۾ ڪير ٻندو. هي هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو سنڌ جي درد رکندڙ هر ماڻهو کي هر دم بيچين رکي ٿو.
ليکڪ انگريزي اخبار “دي نيوز” جي تحقيقاتي سيل جو سنڌ لاءِ خاص عيوضي آهي ۽ هي ليک “ افيئر” لاءِ خاص طور لکائين.
Imdadsoomrohi@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو