Home / ڪرنٽ نيوز / پرويز مشرف تي غداري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو
above article banner

پرويز مشرف تي غداري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو

Pervez-Musharraf-Chitral-NA-32خاص عدالت پرويز مشرف مٿان غداري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪندي چيو آهي ته مشرف غير آئيني ۽ غير قانوني طور پاڪستان جو آئين معطل ڪيو. اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جـِي ٻڌڻي جسٽس فيصل عرب جـِي سربراهي ۾ خاص عدالت جـِي ٽـَي رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران عدالتي حڪم تحت اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي سخت پهري هيٺ خاص عدالت پهچايو ويو پر سندس وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ رڳو احمد رضا قصوري عدالت پهتو. پرويز مشرف جي پيشيءَ وقت خاص عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪندي رينجرز، پوليس ۽ ڳجهن ادارن جا اڍائي هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا. ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته بئريسٽر فروغ نسيم پرويز مشرف طرفان وڪالت نامو عدالت ۾ جمع ڪرايو. فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته هـُن پرويز مشرف جون ميڊيڪل رپورٽس پڙهيون آهن، جن موجب اڳوڻي صدر جو علاج رڳو آمريڪا مان ئي ممڪن اهي، تنهنڪري کيس علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. جسٽس فيصل عرب رمارڪس ڏنا ته هنن پرويز مشرف کي علاج کان ناهي روڪيو،اهو پاڻ ئي علاج لاءِ اسپتال ويو. فروغ نسيم چيو ته پرويز مشرف جي امڙ سخت بيمار آهي ۽ اها شارجه جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، سندس عيادت لاءِ اڳوڻي صدر کي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. پرويز مشرف جي وڪيل عدالت کي درخواست ڏني ته سندس اصيل تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ بدران رڳو الزام لاڳو ڪيا وڃن ۽ فرد جرم جي اڄوڪي ڪارروائي ملتوي ڪئي وڃي. فروغ نسيم عدالت کي اها به خاطري ڪرائي ته جيستائين هــُو وڪيل آهي،عدالت ۾ ڪنهن به قسم جي بدتميزي نه ٿيندي،جنهن تي جسٽس فيصل عرب رمارڪس ڏنا ته کين خبر آهي ته عدالت ۾ اڻوڻندڙ رويو وڪيل جو پنهنجو فعل هو، ان حوالي سان پرويز مشرف ڪي به هدايتون نه ڏنيون هيون. فروغ نسيم چيو ته کيس خبر آهي ته شڪايت ڪندڙ مڪمل دستاويز پيش ناهن ڪيا، جنهن جو هو جائزو وٺندو ۽ پرويز مشرف پاڻ کي به هن ڪيس مان ڪليئر ڪرائڻ چاهي ٿو. مشرف جي وڪيل چيو ته سندس اصيل رضاڪاراڻي طور پرڏيهه وڃڻ چاهي ٿو، ڪيس جي ٽرائل لاءِ ڏيهه واپس اچي ويندو، تنهنڪري کيس ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. جسٽس فيصل عرب، فروغ نسيم جي ڪارروائي ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي چيو ته فرد جرم پڙهڻ کانپوءِ توهان جي شڪايتن جو جائزو ورتو ويندو. ان موقعي تي خاص عدالت جي جج، جسٽس طاهره صفدر پرويز مشرف مٿان 5 الزامن تي ٻــَڌل فرد جرم پڙهي ٻڌايو پر اڳوڻي صدر ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪيو. فرد جرم ۾ چيو ويو آهي ته پرويز مشرف آرمي چيف جي حيثيت سان 3 نومبر 2007 تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي ۽ بنيادي حق پڻ معطل ڪيا. فرد جرم ۾ الزام لڳايا ويا ته پرويز مشرف غير آئيني ۽ غير قانوني طور پي سي او لاڳو ڪري ملڪي آئين جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا، تنهنڪري کيس سنگين غداري جو ڏوهي قرار ڏنو وڃي ٿو. فرد جرم ۾ چيو ويو ته پرويز مشرف اعليٰ عدليه جي ججز کي نظربند ڪرڻ سميت ڪيترائي غير قانوني ۽ غير آئيني حڪم جاري ڪيا. فرد جرم جي حڪم تحت آئين ۾ 270 ٽرپل اَي کي شامل ڪيو ويو،جڏهن ته آرڊر تحت آرٽيڪل 175،هڪ سئو 86 اَي، 2 سئو ارڙنهن، 2 سئو 70 بي ۽ 2 سئو 70 سي ۾ ترميم ڪئي وئي. فرد جرم ۾ لڳايل الزامن ۾ وڌيڪ چيو ويو ته 20 نومبر 2007 تي پرويز مشرف صدر جي حيثيت سان ججز کي قسم کڻڻ جو غير آئيني حڪم جاري ڪيو. فرد جرم جي ڪارروائي کانپوءِ پراسڪيوٽر اڪرم شيخ چيو ته هنن عدالت کان ڪي به دستاويز ناهن لڪايا، جوابدار خلاف ڪيس آئين ٽوڙڻ جو آهي. اڪرم شيخ چيو ته هو پرويز مشرف جي امڙ جي صحت لاءِ دعاگو آهن پر خاص عدالت کي اهو اختيار ناهي ته اها اڳوڻي صدر کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو