Home / سياسي افيئر / پيپلز پارٽي پاور ڪمپني اَن ــ لميٽيڊ!
above article banner

پيپلز پارٽي پاور ڪمپني اَن ــ لميٽيڊ!

مظهر

پاڪستان جي پيپلز پارٽيءَ کي رب پاڪ سنڌ ۾ جيڪا عزت ڏني آهي سا ڪنهن ٻي پارٽيءَ جي نصيب ۾ ناهي ۽ لڳي به ٿو ته اها عزت ان کي ملي آهي، ان پاڻ ٺاهي ڪانه آهي. 

ويجهڙ ۾ هن پارٽيءَ جي من موهن سنگهه ۽ راهُل گانڌيءَ جيڪي ڪم ڪيا آهن تن کي ڏسندي ٻين صوبن جا ماڻهو چوڻ لڳا آهن ”اب تو سنڌي ڪسي صورت ۾ ان ڪو ووٽ نهين دين گي!“ پر جڏهن اسين سنڌين جي هن پارٽيءَ ڏانهن ”توسان ڪهڙا ليکا؟“ واري رويي جي باري ۾ ٻڌايون ٿا ته هنن کي مڃڻ ۾ نٿو اچي. جيڪي سنڌ سان ڪيو ويو آهي تنهن کي ڏسندي ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته سنڌين کي ٻن ليڊرن جا نالا ”ب“ بدران ”ڀ“ سان ۽ ”ق“ بدران ”ڪ“ سان لکڻ گهرجن.

”توسان ڪهڙا ليکا؟“ سنڌي ماڻهن جي روح جو فالج آهي جنهن جو هڪ جنم ۾ ته علاج ممڪن ڪونهي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته هن کان اڳ اسان اها ڳالهه هيئن به سمجهائي هئي ته پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏيڻ سنڌين جي هڪ اهڙي لاشعوري حرڪت آهي جنهن تي هنن جو پنهنجو ڪوبه ڪنٽرول ڪونهي. اهو بلڪل ايئن آهي جيئن ننڊ ۾ ٻار جو پيشاب وهي وڃي. 

عام معلومات جي ڪجهه سوالن جا جواب سڀني سنڌين کي اچن ٿا. مثال طور اهو ته سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اي ڊي او جي ٽرانسفر جو اگهه ڇا آهي؟ اها ڪهڙي پارٽي هئي جنهن ڪجهه سيٽن تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري ڪارروائيءَ دوران ريٽرننگ آفيسرن کي في ڪس ٻه ڪروڙ ڏئي نتيجا خريد ڪيا؟ آخر ڪهڙي ڪنفيوشس سڀني سنڌي ٻارن کي چائنيز ٻولي پڙهائي ڇڏي؟ چائينز سيکارڻ لاءِ اڳوڻي امبيسيڊر فيض محمد کوسي کي ڪنسلٽنٽ رکي، کانئس تربيتي نصاب تيار ڪرائڻ کان پوءِ کيس ڇو نيڪالي ڏني وئي؟ يا اهو ته پير مظهر تعليم جي وزارت ۾ رهڻ دوران پاڻ ڪيترن ارب روپين جي ترقي ڪئي؟ وغيره.

ٿي سگهي ٿو ته پير مظهر کي هاڻي خبر پئجي وئي هجي پر سنڌ جي ماڻهن کي اها خبر شايد ئي هجي ته برطانيه جي فنڊنگ ايجنسيءَ ڊپارٽمينٽ فار انٽرنيشنل ڊويلپمينٽ (DFID) سنڌ ۾ جاري ”سٺي حڪمرانيءَ“ جي نان ـ اسٽاپ فيسيٽيول مان بيزار ٿي سنڌ سرڪار تي لعنت وجهي اڳتي لاءِ سنڌ کي ڪابه فنڊنگ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. برطانوي پائونڊ هاڻي رڳو پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه لاءِ مخصوص آهن بلڪه سنڌ جي حصي جا پائونڊ به اوڏانهن وڃڻ سان انهن صوبن جي حصي ۾ برڪت پئي آهي.

ويجهڙ ۾ ڳوٺ جو چڪر لڳو. جنهن جنهن سان ملڻ ويس، نئين ذائقي وارو پاڻي پيئڻ لاءِ مليو جيڪو ماڻهو پي رهيا هئا. 1980ع ۾ شهر ۾ گند هو. 2014ع ۾ اهو فرق آيو آهي ته هاڻي گند ۾ شهر آهي. منهنجو ڪمينٽ هو ته انسانن جو غارن ۾ رهڻ ته وري به سمجهه ۾ اچي ٿو پر انسانن جو سنڌ جي ڪنهن شهر ۾ رهڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. شهر جي نالين جي اٿل سان ايڪڙن تائين پلاٽن جا پلاٽ ڀريا پيا هئا. شهر سڄو ڪچري جي سائيٽ هو. روڊ اهڙا ڀڳل جو ڦٽڦٽيءَ جو لنگهڻ به مشڪل. مون چيو ته آخر حڪمران وڏيرن جون پنهنجون ڪارون اهڙن روڊن تان ڪيئن ٿيون لنگهن ۽ آخر هو شهرين ڏانهن ايڏا غيرذميدار ڇو آهن؟ 

سنگت به سوال ۾ جواب ڏنو: هنن کي حڪومت ووٽن سان نه ملي آهي،هنن حڪومت نوٽن سان خريد ڪئي آهي ته پوءِ ڪنهن ڏانهن ڇو ذميدار ٿين؟ اشارو ريٽرننگ آفيسر وٽ ڪيل خريداريءَ ڏانهن هو.

واٽ دا فــــــ!

واپس اچون ٿا ٻين صوبن جي ماڻهن جي ان راءِ تي ته ”اگلي مرتبه تو سنڌي ڪسي صورت ۾ ان ڪو ووٽ نهين دين گي!“ هاڻي ته پيپلز پارٽي اليڪشن جي فارملٽي خير خوبيءَ سان پوري ڪرڻ جو هڪ نئونE=Mc2 جهڙو فارمولو ايجاد ڪري ورتو آهي. هاڻي ته سنڌي ماڻهن کي پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏيڻ جي به ضرورت ڪانهي. 

اها پڪ ٿيڻ کان پوءِ ته پنج سال اديءَ ۽ ٽپيءَ جي سرڪار هلندي، مخالف پارٽين جا وڏيرا پنهنجي قبيلن ۽ هزارين ساٿين سميت پندرهون ڀيرو پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪري رهيا آهن. ڪو زمانو هو ماڻهو پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل نه رهي به وڏيرو ٿيو پيو هلندو هو. ”مسلم هي تو مسلم ليگ ۾ آ!“ وانگر جڏهن کان پيپلز پارٽي ملٽي نيشنل بزنيس ڪارپوريشن ۾ تبديل ٿي آهي ته وڏيرو هجڻ ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل نه هجڻ ذري گهٽ ناممڪن بڻجندو پيو وڃي. وڏيرن ۾ ڪيترو جهلو آهي ان جي خبر ان مان پوي ٿي ته ٻيٽي جتوئيءَ جي جتوئي فيمليءَ جو موجوده وڏو پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ منٿون ڪندو رهيو آهي جڏهن ته پارٽي کيس هاسيڪار نه پئي اچڻ ڏئي. شايد ان لاءِ ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڏيرو اهڙو به ”بطور نمونه“ سنڌ ۾ موجود رهي جنهن لاءِ چئي سگهجي ته اهو عوام جي جماعت پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ناهي!

asif ali zardari and bilawal

1972ع ۾ تڏهوڪي سرحد صوبي ۾ مولانا مفتي محمود جي جميعت علماءِ اسلام حڪومت ۾ هئي جنهن جي استعيفي ڏيڻ کان پوءِ 1973ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سردار عنايت الله خان گنڊاپور کي حڪومت ملي. ضياءُ جي مارشل لا کان پوءِ ڊسمبر 1988ع ۾ آفتاب شيرپائو جي اڳواڻيءَ ۾ پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي. 1990ع ۾ نواز شريف جي قيادت ۾ اسلامي جمهوري اتحاد کي حڪومت ٺاهڻ ڏني وئي ته مير افضل خان چيف منسٽر ٿيو. 1993ع ۾ نواز ليگ جي پير صابر شاهه صوبائي سرڪار ٺاهي. 1994ع ۾ وري پيپلز پارٽي واپس آئي ۽ شيرپائو ٻيهر چيف منسٽر ٿيو. 1997ع ۾ نواز ليگ ٻيو ڀيرو پاور ۾ آئي ته سردار مهتاب احمد خان کي چيف منسٽري ملي. اڳتي هلي ايم ايم اي جو دور آيو جنهن ۾ اڪرم خان دراني چيف منسٽر ٿيو، جنهن بعد سرحد صوبو خيبر پختونخواهه بڻيو ۽ اي اين پيءَ کي وارو مليو جنهن جو چيف منسٽر امير حيدر هوتي هو. هن وقت تحريڪ انصاف جو پرويز خٽڪ تخت نشين آهي.

ٿوري دير لاءِ جيڪڏهن ان ڳالهه کي پاسي تي رکي سوچجي ته اتي هميشه ڌانڌلي ٿئي ٿي يا اتي ايجنسيون اليڪشن کي انجنيئر ڪرائين ٿيون، ته خيبر پختونخواه صوبو ووٽرن جي تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ ترجيحن جو هڪ اسٽڊي ڪرڻ جهڙو ڪيس آهي. اتان جا سياسي استاد چون ٿا ته ان ۾ ڪجهه قبائلي قدرن جو به عمل دخل آهي جيڪي اتي شهرن توڙي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن ۾ اوهان کي ساڳي اسٽائيل ۾ ملندا. سڀ کان پهريون قدر، جنهن تي فخر به ڪيو وڃي ٿو ۽ قبائلي سوسائٽي ان کي پروموٽ به ڪندي آهي، سو آهي پنهنجي مرضي هلائڻ. اوهين پشاور شهر ۾ ڏسندا ته سائيڪل تي ويندڙ ماڻهو به وي آءِ پي موومينٽ جي ڪارن کي رستو ڪونه ڏيندا آهن ۽ جي پوليس وارا ڪجهه چون ته ڀونڊو گهروڙي چوندا ته ”ڇاهي ڙي؟”

انفرادي چوائسز اختيار ڪرڻ اتان جي قبائلي سوسائٽيءَ جو هڪ قدر آهي جنهن کي انگريز سوشيالوجسٽ ڪيترين ريسرچز ۾ ماڻهن جو Fiercely Free هجڻ لکي ويا آهن. (سنڌ اندر پلانٽ يا پيوند ڪيل قبائلي نظام ۾ اهڙي شيءَ ڳولڻ بيوقوفي ٿيندي.) هي بنيادي فرق آهي زرعي غلامداري نظام ۽ قبائلي نظام ۾. سنڌ غلام داري دور ۾ آهي ۽ پيپلز پارٽي اتي انسانن جي غلاميءَ کي Perpetuateڪرڻ جو اهڙو اوزار آهي جيڪو اسلام آباد جي ٽول باڪس ۾ پيل آهي. سنڌ ۾ انسانن،مثال طور مرد انسانن کي سندن انفرادي چوائسز اختيار ڪرڻ جي ڪيتري آزادي آهي؟ خبر ڪانهي ته سنڌي سوسائٽي عورت انسانن کي انسان به سمجهي ٿي الائي نه؟

هتي مقصد قبائلي نظام جي تعريف ڪرڻ ڪونهي، مقصد ٻن منحوس مصيبتن جي ڀيٽ ڪري اهو ڏسڻ آهي ته هڪڙي مصيبت ماڻهن کي ڪجهه ڍر ڏئي ٿي ۽ ٻي ڪيئن ان جو رسو ڇڪي رکي ٿي. 

پختونخواهه جي ماڻهن جنهن مسلسل وار ــ ڦير سان سياسي چوائسز کي تبديل ڪيو آهي تنهن کي ڏسندي مون جڏهن اتان جي سياسي استادن کان پڇيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جو ڇا ٿيندو ته خبر پئي ته هاڻي ان کي ووٽ کان آڱوٺو ملندو. هن پارٽيءَ جي حڪومت ۾ اچڻ سان پشاور جي آزاديءَ سان چوائسز اختيار ڪرڻ جي حيثيت متاثر ٿي آهي ۽ پشاور پارٽنر بدران (زمان پارڪ) تخت لاهور ۽ (بني گالا) تخت اسلام آباد جو قيدي ٿي ويو آهي. 

قبائلي سوسائٽيءَ ۾ اوهين ڪنهن جو رستو روڪي ته ڏيکاريو ته توهان کي خبر پئجي ويندي. ننڍڙو مثال آهي؛ خيبر ايجنسيءَ جي اتر ۾ افغانستان سان لڳندڙ تيراهه واديءَ جي اوچائين ۾ شنواري رهن ٿا ۽ ڏکڻ جي لاهين ۾ آفريدي. شنوارين کي پنهنجي ڳوٺ آفريدين جي علائقي مان لنگهي وڃڻو پوي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن شنواري پشاور ۾ ڪنهن آفريديءَ کي چماٽ هڻي ڇڏي ته باڙا وٽان شنوارين جو رستو بند ٿي ويندو ۽ ايندڙ ويندڙ بي خبر شنواريءَ کي ڪٽ ڪٽان شروع ٿي ويندي تان جو خبر پوڻ تي وڏا جرڳو گهرائي قبائلي قاعدي تحت رستو بند ڪندڙن تي ڏنڊ وجهندا آهن. وڏين جنگن کان پوءِ طالبان مولوين ۽ شيعه ڪميونٽيءَ جي اڳواڻن جرڳو ڪري ڪرم ايجنسيءَ جي پاڙا چنار واري علائقي کان هنگو تائين هڪٻئي جي اچ وڃ لاءِ رستو کوليو آهي ۽ سياسي ضروت تحت معاهدو اهو ڪيو ويو آهي ته هڪ ٻئي تي حملا نه ٿيندا. هن معاهدي کان اڳ اتان جي شيعه ڪميونٽيءَ جا ماڻهو افغانستان مان ڦري پشاور ايندا هئا. سو تحريڪ انصاف پاران ناٽو جي رستي روڪ واري نخري کان پوءِ ته عام ماڻهو، ٽرانسپورٽر سڀ اچي تنگ ٿيا آهن.

لڳي ايئن ٿو ته اليڪشن وقت ”بالا حڪام“ ڪجهه سوچي تحريڪ انصاف کي پختونخواهه جو رانديڪو ڏنو هو. هاڻي ٻئي هڪٻئي مان بيزار آهن. ماڻهن جي سوچ بدلجي رهي آهي ۽ وقت اچڻ تي هو ”تبديلي“ءَ کي رستو ڏيندا.

پر سنڌ کي انٽرنل سياسي آٽونامي ڪڏهن ملندي؟ پيپلز پارٽي بزنيس ته ڪري رهي آهي پر مصيبت اها آهي ته اها ٻين دڪانن وانگر ”لميٽيڊ ڪمپني“ نٿي لڳي. ٻين صوبن جا سياسي دوست چوندا آهن ته ”سنڌين جي برداشت جو اندازو ته لڳايو. هي ڪيتري عرصي کان قائم علي شاهه کي برداشت ڪري رهيا آهن ۽ کين خارش جيتري به تڪليف ڪانه ٿي ٿئي!”

واقعي به جيڪي ماڻهو چيف منسٽر ۽ ان جي چاليهه چورن کي لاڳيتو ايترو عرصو برداشت ڪري سگهن ٿا تن جي باري ۾ اهو سوچڻ ته اهي پاڪستان جي فريم ورڪ اندر پنهنجي اصل حقن جي حاصلات لاءِ اڳتي وڌندا، عزت، آبرو ۽ آجپي لاءِ ڪا اهڙي اسٽرگل ڪندا جيڪا دنيا ۽ آس پاس جي قومن لاءِ قابل تقليد مثال بڻجي . . . . . ڪهڙيون ويٺا ڳالهيون ڪريو يار؟؟؟؟؟؟؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو