Home / رانديون / پي سي بي پاران مصباح کي ورلڊ ڪپ تائين ڪپتان رکڻ جو اعلان
above article banner

پي سي بي پاران مصباح کي ورلڊ ڪپ تائين ڪپتان رکڻ جو اعلان

Misbah-ul-Haqپاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مصباح الحق کي ورلڊ ڪپ تائين ڪپتان برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. اعلان بعد سندس ڪپتاني تي ڇانيل ڪارا ڪڪر ختم ٿي ويا آهن. پي سي بي ڪرڪيٽرز جي سينٽرل ڪنٽريڪٽ ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪارڪردگي سان جوڙي ڇڏيو آهي. چيئرمين نجم سيٺي ڍاڪا ۾ پاڪستاني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مصباح سٺي فارم ۾ آهي ۽ اڳئين سال ورلڊ ڪپ تائين مصباح ئي ڪپتان رهندو. هن چيو ته آفريدي بهترين رانديگر آهي. ضرورت پوڻ تي اسان وٽ ان جو آپشن به موجود هوندو. سينٽرل ڪنٽريڪٽ جي سوال تي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن رانديگر ٽي ٽوئنٽي ڪپ کٽي وطن واپس آيا ته تمام سٺي ڊيل سندن منتظر هوندي، جڏهن ته خراب ڪارڪردگي تي بورڊ جي مرضي هلندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو