Home / ڪور افيئر / ٿر، جتي موت هر در تي دستڪ ڏئي ٿو!
above article banner

ٿر، جتي موت هر در تي دستڪ ڏئي ٿو!

33

ثنا عباس دشتي

ٿر سنڌ جو اهو علائقو آهي جتي قدرت جون نعمتون موجود آهن پر ٿر جي تاريخ ۾ ڪيترائي ڀيرا قدرت جا ورتل امتحان منهن گهنجيل، مضبوط ارادن ۽ سانورن ٿرين کي منجهائيندا رهيا آهن. جيڪڏهن صحرا تي مينهن وسي ٿو ته زندگي موٽي ٿي اچي، ان وقت دنيا پن ڇڻ جي ڇڻيل پتن ۾ ورهايل هوندي آهي. هونئن به ريگستان جي زندگي عجيب آهي جو ريگستان هميشه رنگينين کان پري رهيا آهن.

ٿرين جي اندر جا مينهن شايد وسي وسي سڪي ويا هجن هاڻ ته انهن وٽ ايترا ڏوڪڙ به ڪين هوندا ته ڪو مال کپائين ڇو ته مال يا ته کپجي ختم ٿي ويو يا ته اهو به ڏڪار ۾ مري هڏائون پڃرو ٿيو. وزيراعظم نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جيتوڻيڪ ڏڪار واري علائقي ۾ پهچي ويا پر ڏکائتو منظر ٽي وي اسڪرين تي اهو به هو ته سندن آمد جي موقعي تي مرضن ۽ بيمارين ۾ وڪوڙيل ٿري اسپتال جي گيٽ ٻاهران تڙپندا رهيا. 

ٿر جي بدحالي انهن حڪمرانن جي صرف هڪ علائقو گهمائڻ سان ختم نه ٿيندي پر انهي موت جي راڪاس ۾ پورو ريگستان جڪڙجي ويو آهي جتي هر گهر جي دروازي تي دستڪ ٿو ڏئي. وزيراعظم طرفان هڪ ارب روپين جو اعلان، سنڌ سرڪار، خيبرپختون خواهه، ملڪ رياض، آءِ، بي، اي، انٽرنيشنل ڊونرز به ٿر جي سهائتا۾ لهي پيا آهن پر وري به سوال اهو ٿو اڀري ته ڇا ان امداد جو صحيح استعمال ٿيندو؟ ڇا غريب ۽ بک تي مرندڙ ان امداد مان مستقبل جي ڪنهن به ڏڪار مان پنهنجو حل ڪڍي سگهندا؟ سپريم ڪورٽ به پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي ٿر جي حالت جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو آهي. چيف جسٽس آڏو سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل به پنهنجو دفاع نه ڪري سگهيو، هن ايترو چيو ته صورتحال ايڏي خراب نه آهي جيتري پيش ڪئي پئي وڃي، سنڌ بدترين گورننس جي جنهن فيز مان گذري رهي آهي، انجو مثال ٿر آهي. سڄي دنيا جي ميڊيا جون نظرون هينئر ٿر ۾ کتل آهن جيڪا گهنجيل چهرن ۽ سڪن چپن سان ماڻهن جي غذائي کوٽ جي عڪاسي ڪري رهي آهي.

مخدوم امين فهيم پنهنجي پٽ جميل الزمان جو دفاع ڪندي وري به سنڌ حڪومت ڏانهن آڱر کنئي آهي ته سندس پٽ طرفان پنج مهينا پهرين ئي حڪومت کي خط لکي آگاهه ڪيو ويو هو پر ڪو خاطر خواهه نتيجو نه نڪتو تنهن ڪري ٿر سانحي جي اصل ذميوار سنڌ حڪومت آهي.

ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي پر هاڻ ته ان ۾ وڏا به اچي ويا آهن توڙي جو هاڻي امداد جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي پر ڪرپشن جي ان دور ۾ اها امداد حقيقي ماڻهن تائين پهچي به سگهندي الائي نه؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي.

1899ع ۾ واري ڇپني جي ڏڪار ۾ خود دار ٿرين انگريز سرڪار جي امداد وٺڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ سرڪار ٿر ۾ کوهه کوٽرائڻ جون اسڪيمون شروع ڪيون جنهن ۾ ڪيترائي مزدوريون ڪرڻ لڳا ۽ اتان ملندڙ اجوري کي پيٽ پالڻ لاءِ استعمال ڪيائون. حقيقت ۾ ٿر جا ماڻهو هٿ ٽنگڻ جا هيراڪ نه هئا ڏينهن گذاري وڃبو رات ٽاري ڇڏبي پر خيرات نه وٺبي، اهو ٿرين جو يگانو مزاج رهيو آهي. ليڪن محمد خان جوڻيجي جي وقت ۾ انٽرنيشنل ڊونرز طرفان خيرات ۾ ملندڙ سامان ورهائجڻ شروع ٿيو ته اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ اڄ تائين جاري آهي.

ٿيڻ ايئن گهرجي ته حڪومت ۾ ويٺلن کي اها سوچ اچڻ کپي ته ٿر کي امداد بجاءِ ان کي پوري دنيا سان ڳنڍيو وڃي. سرڪار ٿر کي سهولتون ڏئي روڊ، رستا، بجلي مهيا ڪري، ٿر جي اها ڏڪاريل حالت صرف مٺي ۾ نه آهي بلڪه ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ آهي سو انهن ڳوٺن کي ڳنڍيندڙ لنڪ روڊ ڏيڻ گهرجن جيئن اهي ڪٽيل ڳوٺ شهري دنيا سان وابسته ٿين، ڇو ته ٿر جي بدحالي جو سبب اهو به آهي ته هو دنيا کان ڪٽيل آهن. مواصلاتي نظام جي جديد دور به انهن جي اڱڻن ۾ روشني نه ٻري آهي. ٿر ۾ ڏڪار ۽ ڏکن جو سبب اهي چونڊيل نمائندا ۽ سرڪار سڳوري به آهي جن ڄاڻي واڻي هن بدنصيب ديس تي ڌيان نه ڏنو آهي. جتي ووٽن جا واپاري پير، فقير، مرشد، راڻا وقت جا ساٿي ٿيون وڃن. ٿر ۾ هن وقت 3 ايم اين اي ۽ 5 ايم پي اي ۽ هڪ وزير ايوانن ۾ نمائندگي ڪري رهيا آهن جن کي ساليانو فنڊن مان ڪروڙين روپيا ملن ٿا پر اڄ تائين ڪٿي به ٿر ۾ ماڻهو سکيا نظر نه آيا آهن.

لطيف سرڪار صحيح چيو هو ته:

“جهُه سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌير

ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي.

ان ڪري ٿرين کي 15 آگسٽ تائين برساتون پوڻ جي صورت ۾ ان جي رحم ڪرڻ تي رهڻو پوندو . ٿر ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي ترقياتي ڪمن کي ڪاغذن بدران حقيقت ۾ لاڀائتو بڻائڻ لاءِ ٿر واسين کي شامل ڪرڻ گهرجي، انهن ڪمن جي باقاعده مانيٽرنگ ٿيڻ گهرجي. ٿر جي لاءِ سرڪار طرفان اسپيشل پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي ۽ ٿر مان پيدا ٿيندڙ ڪوئلي ۽ ان لاءِ اسپيشل انڊسٽريل زون ۾ اتان جي عوام کي روزگار مهيا ڪيو وڃي، ٿر لاءِ يونيورسٽيون ۽ نوان ٽيڪنيڪل ڪاليج کوليا وڃن جيئن نوجوان ان ڏيئي کي جلائي ٿر کي خوشحال بڻائڻ ۾ اڳرا ٿين. پر ڳالهه اها ئي آهي ته سچائي ڪٿان اچي اهو سڀ عمل ڪرڻ سرڪار جو ڪم آهي ڪوڙا پاورٽي اليويشن جا ڊرامه سڀ ڍونگ ئي آهن.

ٿر جي موجوده ڏکائتي صورتحال اسان کان گهر ڪري رهي آهي ته سموري سنڌ آٿتن، ڀروسن ۽ محبتن جو محور ٿر کي بڻائي، اڄ جڏهن ٿر جا ٻارڙا تڙپي تڙپي ساهه ڏيئي رهيا آهن ٿرياڻيون پنجن نيڻن ۾ نير آڻي هنجون هاري رهيون آهن. تڏهن اسان سنڌين کي کپي ته پنهنجي هڙان وڙان ڏک جي گهڙين ۾ ٿرين سان پنهنجائپ جو اظهار ڪندي سندن ڀرپور مدد ڪيون.

sanadashti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو