Home / ڪور افيئر / ٿر جو درد، جيئن مون ڏٺو!
above article banner

ٿر جو درد، جيئن مون ڏٺو!

Picture4سڌريل ملڪن ۽ جمهوري حڪومتن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي حڪومتي ذميوارين ۾ شامل هوندي آهي. پر جنهن ملڪ ۾ ماڻهو بنيادي انساني حقن کان ئي محروم هجن، اتي بنيادي سهولتن جي اميد ڪرڻ به اجائي آهي. هونئن ته سموري سنڌ اڻ کٽ دردن جو داستان آهي، پر سنڌ جو ريگستاني حصو جنهن کي عام طور تي ٿر چئجي ٿو سو صرف حليم باغيء جي هڪ سٽ ۾ بيان ڪجي ته سمجھڻ لاء ڪافي ٿيندو ته

منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين، روئي ڏيندين.

عام طور تي ماڻهو سڄي ٿرپارڪر ضلعي ( جنهنجو هينئر هيڊ ڪوارٽر مٺي آهي ) کي ٿر چون ٿا، پر اهو ضلعو طبعي طور تي ٻن حصن يعني ٿر (مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو ۽ ڇاڇرو ) جي وارياسين ڀٽن جي علائقي ۽ پارڪر ( ريتيلي ميداني علائقي ۽ ڪارونجھر جبل جيڪو ڀوڏيسر کان ڪاسبو تائين ڦهليل آهي ) تي مشتمل آهي.

ڏُڪر عام طور تي فطرتي يا موسمياتي تبديلين سبب برساتن جي نه پوڻ ۽ فصلن جي نه ٿيڻ سان گڏ آبي ذخيرن جي کوٽ سبب ٿيندو آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن ملڪ يا علائقي ۾ بنيادي سهولتن جو فقدان هجي ته ڪنهن به ماحولياتي تبديليء کان سواء به ڏُڪر جي صورتحال سامهون اچي سگھي ٿي. ٿر پارڪر ضلعي ۾ آيل موجوده ڏُڪر يا قحط به بد انتظامي ۽ مقامي ماڻهن جي مسئلن ۽ ضرورتن کان لاتعلقي جو نتيجو آهي.

اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي آيل خبرن، حڪومتي وضاحتن ۽ ترديدن جو سلسلو هلندو رهيو ته ان وچ ۾ ٿر پارڪر جي معصوم ٻارن جون تصويرون به سامهون اچڻ لڳيون، جن جا مُرجھايل چهرا، سُڪي ويل جسم، نڪ منجھان پيٽ ۾ پيل کاڌي جون نلڪيون ۽ هٿن تي چڙهيل پلاسٽڪ جون سُيون ( ڪينيولا ) انسانيت ۽ سنڌيت جو درد رکندڙ هر عام خاص ماڻهوء جو جيءُ جھورڻ لاء ڪافي هيون. پر اقتداري ڌُر پنهنجي گودامن ۾ بند پيل ۽ سڙيل ڪڻڪ جي ٻورين جي ڳڻپ ۾ لڳل هئي، مخالف ڌُر حڪومتي ڌُر جي ناڪاميء تي تبرا ڪري رهي هئي ۽ قومپرست ڌُريون اخباري بيان ڏئي پنهنجو بار هلڪو ڪري رهيون هيون. ڪنهن به ماڻهو، ڪنهن به اداري کي اها تصديق ڪونهي ته ٿر پارڪر ۾ آيل موجوده ڏُڪر يا قحط جي نتيجي ۾ ڪُل ڪيترا معصوم گُل مُرجھائجي چڪا آهن؟ اخبارن ۾ آيل انگ اکر ته صرف انهن ٻارڙن جا آهن جيڪي ڪنهن اسپتال ۾ رجسٽر ٿي سگھيا يا ڪنهن صحافيء تائين ڪا خبر پهچي سگھي، انهن ٻارڙن جي ته ڪنهن کي به پروڙ ڪونهي جيڪي ڪنهن به اسپتال نه پهچي سگھيا. 

30

فيسبوڪ استعمال ڪندڙ سنڌي دوستن جي هڪ گروپ سان ٿر پارڪر جي حالتن تي ڳالهه ٻولهه کان پوء اهو طئي ڪيوسين ته حڪومتي ادارن ۽ اين جي اوز طرز تي صرف چانورن جي ديڳ ورهائڻ يا امدادي سامان ڏئي پنهنجو فرض پورو ڪرڻ جي بدران ٿر پارڪر جي مختلف ڳوٺن ۾ وڃي بيمار ٻارن جو علاج ڪجي، کين گھربل دوائون فراهم ڪجن ۽ ضرورت پوڻ تي کين ڳوٺن منجھان وڏين اسپتالن ۾ منتقل ڪجي. ڪراچيء جي دوستن ۽ سعودي عرب توڙي ڪئنيڊا ۾ رهندڙ سنڌين جي گڏيل محنتن ۽ تعاون سان هڪ گروپ جوڙي ( جنهن ۾ ڊاڪٽر ميمونه عُرساڻي، ڊاڪٽر برڪت نوناري، احمد سومرو، ماروي سومرو، ظفر سنڌي، اشفاق سبزوئي، لجپت ميگھواڙ ۽ امر سومرو شامل هيا ). دوستن جي گڏيل صلاح سان ننگر پارڪر تعلقي ۾ طبي امدادي ڪئمپن جو پروگرام طئي ٿيو، جنهن جي لاءِ ننگر پارڪر جي ايڊووڪيٽ ويرجي ڪولهي ۽ جيجي ناجو ڪولهڻ ميزبانيءَ جو فرض نڀايو.

ننگر پارڪر تعلقي ۾ 80 سيڪڙو ڪولهي، 15 سيڪڙو ميگھواڙ ۽ 5 سيڪڙو مسلمان رهن ٿا، ننگر جي ٻولي پارڪري آهي، جيڪا سنڌي ۽ گجراتي جو ميلاپ آهي ( ننگر پارڪر سنڌ ۽ گجرات جي سرحد تي آهي ). ننگر شهر ۾ وڃڻ جي بدران پهرين ڏينهن ئي پنهنجي طبي امدادي ڪئمپ هلائڻ جو فيصلو ڪيوسين جنهنجي شروعات ڌنا ڳام کان ڪئي سين، پهرين ڏينهن 200 ٻار ۽ 100 وڏا مريض چڪاس ڪري کين علاج ڏنوسين. ڪئمپ کان پوء پنهنجي رهڻ جو ٺڪاڻو ننگر شهر ۾ رکڻ جو فيصلو ٿيو. صبح جو 8 بجي کان 10 بجي ننگر شهر ۾ پنهنجي رهائشي جڳهه تي ڪئمپ لڳائي پوء ڪنهن ڳوٺ ۾ نڪرندا هياسين، ننگر شهر ۽ ڀوڏيسر کان سواء پوري ننگر تعلقي ۾ 300 ننڍن وڏن ڳوٺن کي بجلي ڪونهي ۽ نه ئي ڪي روڊ رستا ٺهيل آهن، ڳوٺن ۾ جيپ يا فور ويل گاڏي ( لينڊ ڪروزر، ڊبل ڪيبن، پاجيرو ) کان سواء وڃڻ ممڪن ڪونهي. ٿر جي واري ۾ ته ڪيڪڙو هلي ٿو پر پارڪر جي ريتيلي زمين تي ڪيڪڙو به ڦاسي پوي ٿو.

ٻئي ڏينهن تي ساڏورس ۾ 500 مريض ڏسي، ٻانڊي وياسين جتان پوءِ ڪڇ سان لڳندڙ سنڌ جي آخري ڳوٺ چُوڙيو ۾ ڪئمپ لڳائي، چوڙيو ۾ هڪ ماتا جو تمام اوچي جبل تي جڙيل مندر آهي جنهن مندر تي مٿي چڙهي ڀارت جي سرحدي چوڪين ۽ سرحدي ڳوٺن تي نظر پوي ٿي. چوڙيو جي مندر جي پوڄاري پرساد ڏئي مُرڪي چيو ته سائين ڀلي ڪري آيا، توهان سنڌ مان آيا آهيو؟ ڪراچي ۾ جيڪڏهن ڪوئي ڌاريو مون کي چوندو آهي ته سائين آپ سنڌ سي آئي هين ته منهنجو رت به سڙي ويندو آهي، پر پنهنجي ئي سنڌي جي واتان اهڙو جملو ٻڌي هڪ لحظي لاء منهنجي پيرن هيٺان ڄڻ ته زمين ئي کسڪي وئي، سج لهي چڪو هيو، منهنجو مُنهن ڀارت ڏانهن هيو، هڪ نظر سامهون ڏٺم ته روشني هئي، پڪو روڊ به نظر آيو، پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي به روشني ئي روشني ڏٺم، پر جڏهن پنهنجي پٺ تي نظر ڦيرايم ته ڪاري اوندھ هئي ۽ هڪ ڪچو رستو هيو ( چوڙيو ڳوٺ جي ٽن طرفن کان ڀارت ۽ هڪ طرف سنڌ آهي )، مون مُرڪي کيس چيو ته سموري سنڌ اوندھ ۾ غرق آهي، ڪٿي گھر اونداها آهن ته ڪٿي ذهن.

چُوڙيو مان رات جو ڪئمپ ختم ڪري 2 نهايت ئي گھٽ وزن وارا ٻار جن کي نمونيا ( ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ سان گڏ بخار ) هيو سي به پاڻ سان گڏ کڻي ننگر شهر ڏانهن موٽڻ جي ڪئي، 35 ڪلوميٽرن جو فاصلو جڏهن ٻن ڪلاڪن ۾ به ختم نه ٿيو ته ڊرائيور رڙ ڪئي ته رستو ڀلجي ويا آهيون ۽ سامهون ڀارت آهي، جتي موبائل جا سگنل نه هجن، جتي پري پري تائين ڪو بلب ڪا بتي به نظر نه اچي اتي رستو ڀلجڻ جو تصور به ڊيڄاري ڇڏي ٿو. وڌيڪ هڪ ڪلاڪ کان پوء گھاٽن ٻوٽن جي جھنگ کي لتاڙي اچي ننگر شهر پهتاسين. پنهنجي مقامي ميزبان دوست ويرجي ڪولهي کان معلوم ڪرڻ تي پتو پيو ته ننگر تعلقي جي سرڪاري اسپتال ۾ به ڪا ايمبولنس يا آڪسيجن ڪونهي، انڪري ان ساڳي جيپ تي ئي ٻن نهايت ئي بيمار ٻارن کي مٺي جي ڊسٽرڪٽ اسپتال ڏانهن موڪليوسين، جن منجھان هڪ ٻار رستي تي ئي فوت ٿي ويو.

31

ٽئين ڏينهن تي ڪارونجھر جبل جي پڇاڙيء تي جڙيل ڳوٺ ڪاسبو پهتاسين، ڪنهن به مقامي ماڻهوء جي نه ملڻ جي صورت ۾ هڪ سرڪاري اسپتال ۾ قائم هڪ اين جي او جي بورڊ سان ويٺل هڪ ڊسپينسر مليو ۽ چيائين ته سائين هن ڊسپينسريء ۾ ئي ڪئمپ لڳايو، مان پاڻ به ڊاڪٽر آهيان توهان سان گڏجي مان به ڪجھ مريض ڏسندس ۽ توهان جي مدد ڪندس. ان عطائي ڊاڪٽر صاحب ( جيڪو هڪ ئي وقت تي سنڌ جي صحت کاتي ۽ اين جي او ) کان به ڌار ڌار پگھار کڻي ٿو تنهن اهڙيون دوائون لکڻ شروع ڪيون جيڪي اسان جي گڏ ڪيل دوائن منجھان ئي نه هيون ۽ هن انهن مريضن کي پنهنجي نجي ميڊيڪل اسٽور تي موڪلي بل اسان جي حوالي ڪيو ته اهي دوائون توهان وٽ ڪو نه هيون انڪري مون ٻاهران گھرائي ڏنيون آهن، هن جي اڳيان هٿ ٻڌي اسان کيس اڪيلي طور ڪم ڪرڻ جي اپيل ڪئي. اسان جي روڪڻ کان پوء هن مريض ڏسڻ ته بند ڪيا پر انتقامي طور يا پنهنجي عادت کان ڪنهن مجبوري هيٺ هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي اسان جي دوائن جا 2 ڪارٽون غائب ڪري ڇڏيا، ڏاڍي حيرت ۽ افسوس ٿيو ته ٿر پارڪر جي ڏڪار ۾ متاثر ٿيندڙ ٻارڙن جون دوائون به ڪير چورائي سگھي ٿو؟ تقريبن 300 مريض چڪاس ڪري کين دوائون ڏئي، 2 انتهائي بيمار ٻار پاڻ ساڻ گاڏي ۾ کڻي رستي تي ڪولهين جا 3 ننڍا ڳوٺ ڏسندا اتان به هڪ ٽيون ٻار کڻي هڪ گاڏي مٺي جي ڊسٽرڪٽ اسپتال موڪليسين ۽ ٻي گاڏي ۾ دوائون هيٺ ۽ ڪجه دوست جيپ جي ڇت تي ويهاري آديگام ۾ ڪئمپ لڳائيسين. جيجي ناجو ڪولهڻ جي ڳوٺ ۾ ننڍا وڏا پوڙها پڪا ڄڻ ته کي تربيت يافته فوجي هيا، هڪ منظم لائين ۾ ويهي هڪ هڪ ڪري ڏيکاريندا ويا ۽ علاج وٺڻ کان پوء به اسان سان هڪ ڊگھي ڪچهريء ۾ رات دير تائين ويٺا رهيا جنهن ۾ ڳالهه ٻولهه جو محور جبري پورهيو هيو، جيجي ناجو ڪولهڻ اها بهادر عورت آهي جنهن جبري پورهئي جي خلاف هڪ شاندار تحريڪ هلائي هئي.

چوٿين ڏينهن تي شهيد روپلي ڪولهي جي اباڻي ڳوٺ ۾ موجود سندس جنم آستان تي قائم ٿيل يادگار تي حاضري ڀري قومي سلام پيش ڪري سندس ڳوٺ ڪنڀاريء ۾ ڪئپ هلائسين، جنهن ۾ 200 کن مريض ڏسي، ڪويا ڳوٺ وياسين، ڪويا ڳوٺ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي هڪ ڪويا ڪولهي ۽ ٻيو ڪويا ٺڪر ( هونئن ته سموري سنڌ دين ڌرم، قبيلي يا ذات ۾ ورهايل آهي ) پر ٿر پارڪر ضلعو ته دين ڌرم، قبيلي يا ذات کان اڃا به وڌيڪ جاتي سماج ۾ ورهايل آهي، جتي ڪو به مسلمان ڪنهن هندو سان گڏ ويهڻ يا کائڻ عيب سمجھي ٿو ۽ اوچي ذات جا هندو گھٽ ذات جي هندن سان به نٿا گڏجن، اهو ئي سبب آهي ته ننگر پارڪر جي 95 سيڪڙو آبادي هندو هجڻ جي باوجود ڪنهن به انتظامي، حڪومتي عهدي تي هجڻ ته ڇڏيو پر ڪنهن هڪ ناظمي يا اسيمبليء ۾ پهچي نٿي سگھي.

اسان جي پوري ڪئمپ جي سڀ کان يادگار ڳالهه ڪويا ٺڪر جي هڪ وڏيري اچل سنگهه چوهاڻ جي اها دعوت هئي جنهن دعوت ۾ هن اسان جي ٽيم ۾ شامل مقامي رضاڪار ڪولهين ( ڪاڪا لڇمڻ ڪولهي ۽ محبت ڪولهي ) جا هٿ ڌوئرايا، کين پنهنجي کٽن، پنهنجي بسترن، پنهنجي ٿانون ۾ پنهنجي هٿن سان ماني لاهي ڏيندو رهيو ( ٿر پارڪر ضلعي ۾ اهو ممڪن ئي ڪونهي ته هڪ ٺڪر ڪنهن ڪولهي يا ميگھواڙ کي پنهنجي در تي به بيهڻ ڏي ).

ٿر پارڪر ضلعي جا ڏک درد ڪنهن هڪ اڌ طبي ڪئمپ يا ڪنهن هڪ اڌ امدادي سامان جي ٿيلهي سان گھٽجي نٿا سگھن، ٿر پارڪر سنڌ جي سُونهن آهي، ٿر پارڪر مارويء جي روپ ۾ وطن جي حب ۽ روپلي ڪولهي جي روپ ۾ سنڌ جي قومي بقا جي جنگ جي علامت آهي، اچو ته گڏجي ٿر ۽ پارڪر سان پنهنجي محبت ۽ پنهنجائپ جو عملي ثبوت ڏيون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو