Home / ڪور افيئر / ٿر سانحو: خراب حڪمراني جو بدترين مثال
above article banner

ٿر سانحو: خراب حڪمراني جو بدترين مثال

24 r

قدرتي آفتون ترقي يافته ملڪن لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهن. قدرتي آفتون ڪنهن به ملڪ يا خطي ۾ هڪ ڀيرو نه بلڪه بار بار به اچي سگهن ٿيون. سڌريل ملڪن ته هاڻ زلزلن کي منهن ڏيڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي ڇڏيا آهن، جن جي مدد سان هو ترت ئي نه صرف مالي نقصان کي بلڪه ڪنهن حد تائين جاني نقصان تي به ڪنهن حد تائين قابو ڪيو وٺن. پري نٿا وڃون ويجهي ماضي تي ٿا نظر ڊوڙايون ته 1999ع جي ساحلي پٽي ۾ سائيڪلون کان وٺي ٿر ۾ ٿيندڙ ڏڪار ۽ انهي کانپوءِ جي حالتن ۾ صرف مختلف حڪومتن اجتماعي طور اسان جي معاشري جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. نااهلي جي حد ته اها آهي ته اسان گذريل تقريبن ويهن سالن جي تباهي مان ڪجهه ناهي سگهيو. ڪڏهن اسان طوفان ۾ لٽايون ٿا ته ڪڏهن ٻوڏ ۾ سڀ ڪجهه لوڙهائي ڇڏيون ٿا ۽ پاڇي ۾ اسان وٽ ٽنگڻ لاءِ صرف خالي هٿ بچن ٿا . هنن تباهين اسان کي ڪنگال ناهي ڪيو جيترو وڌيڪ اسان ڪرپشن ۽ بيڊ گورننس ۾ وڃايو آهي.

24

2010ع جي ٻوڏ کان 2014 جي ڏڪار تائين جيڪڏهن سائنسي جائزو وٺبو ته بدانتظامي کان سواءِ اسان کي ڪجهه به نظر نه ايندو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌ جا اصلوڪا ڄاوا انتهائي بدحالي جو شڪار آهن. 2010ع جي ٻوڏ ڪا رات پيٽ ۾ نه آئي هئي بلڪه ترت ۽ بهتر رٿابندي سان 100 سيڪڙو تباهي کان بچي پئي سگهياسين. 2011 ع جي طوفاني برساتن جي بهتر ۽ پهرين کان ڪيل انتظام به اسان کي وڏي تباهي کان بچائي نه سگهيا ۽ هاڻوڪي ٿر ۾ سوڪهڙي ۽ انهن کانپوءِ ٿيل انساني ۽ مالي نقصان کان به اسان 11 لک ٿري ماڻهن کي آساني سان بچائي نه سگهياسين. ايئن نه ڪرڻ جي پويان بدنيتي کان وڌيڪ غير سنجيدگي آهي. 

ڏڪار ٿر جو نئون مسئلو ناهي، اتان ٿيندڙ لڏپلاڻ به ڪا نئين ڳالهه ناهي ۽ نه ئي ڏڪار ڪو رات جي پيٽ ۾ ٿر جون ڀٽون چيري مٺي جي ڪشمير چوڪ ۽ مٺي جي سول اسپتال ۾ پلٿي ماري اچي ويٺو. ٿر ۾ ڏڪار آگسٽ 2013ع ۾ اچي چڪو هو. بلڪه جيڪڏهن ايئن چئجي ته 2012 ع ۾ ئي اهڙيون حالتون جڙي چڪيون هيون ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. سڀ کان پهرين انهي ڳالهه ڏانهن ٿا اچون ته اوچتي ڏڪار ظاهر ٿيڻ جي پويان ڪهڙا هٿ هئا؟

ٻارن جي ايڏي تعداد ۾ موت جي خبر مٺي اسپتال مان ليڪ نه ٿي هئي. بلڪه اسپتال جي انتظاميه کي هٽائڻ لاءِ اها خبر ميڊيا جي ڪجهه دوستن کي ڏني ويئي هئي. شروع ۾ ايئن نه سمجهيو ويو ته خبر هلندي ۽ مقصد حاصل ڪري وٺبو، پر ڳالهه ڳجهي ۽ پختي ٿي پئي. ٿر کي چڱي طرح سمجهندڙ به حيران ٿي ويا ته ڇا ٿيو آهي هن ميڊيا کي جنهن مٺي ۾ رڻ ٻاريو آهي. حالتون ايتريون ته هٿن مان نڪتيون جون وڏي وزير سميت مڙني ڪامورن جون ٿر جي روڊن تي ڊوڙون هيون. ڪن آفيسرن ۽ وزيرن کي به انهي ڳالهه جي ڀڻڪ پئي ته ٻارن جي موت کي جواز ڄاڻائي معاملو مچايو ويو. پر ڇا ڪجي جو انهي اشو کانپوءِ ميڊيا ۽ ٻين آرگنائيزيشنز جو اچي جاچ ڪرڻ شروع ڪئي ته خبر پئي ته ڳالهه ٻارن جي موت کان به ٽپيل آهي. نه صرف پيپلز پارٽي بلڪه ٿرپاڪر جي هاڻوڪي مسئلي 60 سالن ۾ ڪيل مڙني ڪمن جي پت وائکي ڪري ڇڏي.

ٿر جي تازي چڪر کان پوءِ مون کي مشرف گهڻو ياد آيو. به بلوچستان جي آواران جي ماڻهن ۽ ٿر جي ماروئڙن کي سڄي پاڪستان سان ملائيندڙ روڊ هو چون ٿا ته مشرف دور ۾ ٺاهيا ويا. باقي هر هنڌ ڪاڪي خيرو جي اوطاق لڳي پئي آهي.

ڳالهه ڪڍي وئي ته ٿر ۾ ڏڪار وگهي 121 ٻار موت جي منهن ۾ صرف ٽن مهينن ۾ وڃي چڪا آهن. جنهن ڳالهه ميڊيا تائين پهچائي انهي جو نالو ڊاڪٽر عبدالجليل ڀڙڳڙي ٻڌايو ويو ۽ جنهن جي خلاف اهو ٻارڻ جي تياري ڪئي وئي اهو مٺي اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر جواهر لعل ٻڌايو ويو. وٺ وٺان کانپوءِ ڀرڳڙي کي به لائين ۾ لڳايو وڃي ها پر سندس پٺ مضبوط هئڻ ڪري کيس ايم ايس جي اضافي چارج ڏني ويئي. باقي ايس ايس پي کان ڊپٽي ڪمشنر ۽ لائيو اسٽاڪ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سميت مڙئي اڌ ڊزن کان وڌيڪ آفيسر ڏيکاءُ لاءِ هلايا ويا. ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ٻارن جي موت ۾ ڏڪار جي پويان پوليس آفيسر جو ڪهڙو ڏوهه ؟ جيڪڏهن ايس ايس پي کي سنڌ حڪومت هٽايا ته پوءِ ته وڏي وزير سميت سموري جي ڪابينه کي فارغ ٿيڻ گهر جي ها!

خير، 121 کان انگ ذري گهٽ ٻه سئو تائين پهتو.ايئن ناهي ته ٿر ۾ معصوم جانيون ضايع ناهن ٿيون بلڪه هن انگ کان به شايد اهو ڪاٿو مٿي هجي، ڇو جو اڪثريت ٻارن جي اسپتالن جي منهن ڏسڻ کان اڳ دم ڌڻي حوالي ٿي ڪيو، جنهن جو گهٽ ۾ گهٽ ضلعي انتظاميه وٽ ڪو رڪارڊ ناهي.مختلف ڳوٺن ۾ وڃڻ کانپوءِ هڪ ٻي ڳالهه جو به اندازو ٿيو ته سوين جيئرا ٻار به موت ڪنڌي تي ويٺا آهن. مون کي صحت مند ۽ تندرست ٻار بنهه گهٽ نظر آيا سڀ کان وڏي ڳالهه ته ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي مائرون به بک جو شڪار نظر آيون، جن جي پيٽ ۾ اناج نه هجي ته هنن جي ڇاتي ۾ ٻارن لاءِ ڪهڙو ۽ ڪيترو کير هوندو! عورتن ۽ ٻارن جي صحت جي حوالي سان ٿر باقي سنڌ کان ڪيترائي سال پوئتي آهي ۽ اهو انتظاميه کي گهٽ ۾ گهٽ هاڻ مڃڻ گهرجي.

ڳالهه ته ٿر ۾ مال جي مرڻ جو ڪارڻ به ڏڪار گهٽ بدانتظامي گهڻي نظر آئي. 60 لک وڏن ننڍن جانورن لاءِ صرف يارنهن وٽنري ڊاڪٽر ۽ 46 يونين ڪائونسلن لاءِ صرف ٽي گاڏيون جن مان هڪ ڪنهن آفيسر جي استعمال هيٺ آهي. مال مرڻ پويان ويڪسين نه ٿيڻ هو. ڪجهه هنڌن تي مال کي ٽڪن لڳائڻ کان انڪار جا اهڃاڻ به مليا. سنڌ ۾ تقريبن 75 سيڪڙو چوپايو مال ٿرپاڪر ۾ پلجي ٿو، جنهن لاءِ قائم ٿيل هڪ ليبارٽري به بنيادي ريسرچ جي اوزان جي اڻهوند جا چٽا اهڃاڻ ڏئي رهي هئي. چيو ويو ته ٿر مان مال کي بک وگهي ٻين ڀرپاسي جي علائقن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته حقيقت هي آهي ته مال جي آمد رفت ٿر ڏانهن ۽ ٿر کان بئراجي علائقن ڏانهن ڪافي پراڻي آهي جيڪا خريف جي موسم ۾ عام نظر ايندي آهي. وڌيڪ چرپر وڌيڪ سوڪهڙي ۾ ٿيندي آهي. جڏهن ته ٿر مان ٺاهوڪي وسڪاري کانپوءِ هزارين جانور ٿر ڏانهن ويندي به ڏٺا ويندا آهن.

چون ٿا ته ڏڪار سبب لڏپلاڻ پئي ٿئي. اجهو سڄو ٿر ٿو خالي ٿئي، لڏپلاڻ به ڪو نئون مسئلو ناهي. اها به سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا ٿئي ٿي. ها البته سوڪهڙي ۾ انگ ٿورو وڌيڪ ٿئي ٿو. انگن اکرن موجب ٿر ۾ گذريل سال معمول جي برساتن کان تقريبن 30 سيڪڙو گهٽ وسڪار ٿيو. ڪنهن حد تائين سوڪهڙي ٿر کي نقصان پهچايو آهي.

پر سڀ کان وڌيڪ ٿر ۾ ڪيل ڪم سامهون آيا نه اسپتال نه اسڪول ۽ نه ئي ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستا. پيئڻ جي پاڻي جي ته ڳالهه ئي نه پڇو. اڄ به ٿر مان مرد ۽ عورتون مٺي پاڻي لاءِ ڪوهه پنڌ ڪن ٿيون. ڪيترن ئي کوهن جو پاڻي کارو ٿي چڪو آهي. ڪيترائي ڳوٺاڻا انساني صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي استعمال ڪن ٿا. پنهنجي جانورن کي روز جي بنياد تي پاڻي نٿا ڏين. هفتي ۾ هڪ ڀيرو وهنجن ٿا. ڪٿي ڪا واٽر سپلاءِ اسڪيم نظر نه ٿي اچي.

ظاهر ظهور ڪا شيءِ نظر آئي ته اهي هئا پيپلز پارٽي جا وڏا وڏا جهنڊا. ڄڻ تازو روس ڪريميا کي فتح ڪيو هجي! انتهائي خراب صورتحال ٻڌائي وئي ۽ صوبائي حڪومت وقت بوقت اهو تسليم به ڪيو ته غفلت ۽ انتظامي نااهلي سبب ڪافي ڪوتاهيون ٿيون. پر انهي جي رد عمل ۾ هنگامي بنيادن تي ٿيندي ڪو ڪم نظر نه آيو. البته وي وي آئي پيز جي اچڻ ۽ وڃڻ سبب سوين نه بلڪه هزارين ماڻهو پريشان ٿيا.

وزيراعظم نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي اچڻ کان هڪ رات اڳ سوين مريضن کي اسپتال مان جبري ڪڍيو ويو. جيڪي هنن جي اچڻ وقت اسپتال جي گيٽ تي تڙپندا رهيا ۽ هنن جا مائٽ وري انهن کي منٿون ڪندا رهيا، جيڪي ڊاڪٽر آندا ويا انهن کي سنجيدگي سان تپاس ڪندي نه ڏٺو ويو.

ڪڻڪ ڏيکاءُ لاءِ ورهائي وئي، امداد فوٽو سيشن تي محدود نظر آئي. مال جو چارو گرامن جي حساب سان ڏنو پئي ويو. ڪيئي وزير مشير آيا پر مجال ڪو جو ڪنهن ڳوٺ ۾ لنگهي وڃي ڏسي ته ماڻهن اصل حال ڇاهي؟

ڏڪار جي صورتحال سبب ڪيئي جوان ميدان ۾ لٿل نظر آيا، جن ۾ سرفهرست سونهاري وارا يار هئا. چون ٿا ته هو مسجدون ۽ مدرسا ٺاهڻ نه بلڪه انساني خدمت لاءِ پهتا آهن. انتظاميه جا پنڌ ته ميڊيا جي موجودگي تائين رهيا پر هنن خيما وڏي عرصي لاءِ کوڙجي چڪا آهن، انهي جا مثال ٻوڏ کان پوءِ انهن علائقن ۾ بخوبي ڏسي سگهجن ٿا جتي هنن رليف جو ڪم ڪيو.

ٿر ۾ هنگامي بنيادي تي اپائن کان سواءِ ديرپا اسڪيمن جي پڻ ضرورت آهي، جيڪي في الحال صوبائي حڪومت جي لسٽ ۾ شامل نظر نٿيون اچن. بدين ۽ ٺٽي جي ماڻهن جيان ٿر جي ماڻهن کي به هٿ ٽنگڻ تي هيرايو ويو ته پوءِ اسان سڀ پينو ٿي وينداسين. ٿر ۽ اتي جي ماڻهن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ انتهائي سنجيده اپائن جي ضرورت آهي نه ته هر سال ٿر ۾ اهڙو ڏڪار ئي رهندو… ميڊيا کڻندي، انتظاميه تحرڪ ۾ ايندي ۽ پوءِ وري ماٺ….

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو