Home / ڪور افيئر / ٿر مسئلي جو حل ڇا آهي؟
above article banner

ٿر مسئلي جو حل ڇا آهي؟

152

ٿر واري مسئلي جا اوسا پاسا گهڻا تڻا اڪابرن اوهاڙي ڇڏيا آهن. ٿر جي ٻارن واري مسئلي تان اٿيل ڳالهـ وڃي ٿر جي ڏڪار کان ٿيندي مستقل مسئلن تي کٽي آهي سو پاڻ ٻيا پاسا ڇڏي، ڏڪار سبب پئدا ٿيندڙ ٿر جي مستقل مسئلن تي اهاڙ ڏينداسين. اهي مستقل مسئلا جيڪي ڏڪار جي شدت کي وڌائن ٿا. اهي ئي ٿر جا بنيادي مسئلا آهن. هاڻ جن روڊ لهي ٿر جي واريءَ واري پير واٽ تي سفر ڪيو هوندو اهي ئي انهن مسئلن کي وڌيڪ گهرائي سان سمجهي سگهندا. انهن سڀني مسئلن ۾ پهريون ۽ بنيادي مسئلو آهي ٿر جي پاڻي جو مسئلو. هڪ تـ ٿر جي نوانوي سيڪڙو آبادي مال ۽ ماڻهو زير زمين پاڻي واپرائن ٿا ۽ اهو زير زمين پاڻي انسان جي پيئڻ جي لائق ناهي . اهو پاڻي ڏڪار جي شدت کي زور وٺرائي ٿو ڏڪاري حالتن ۾ اهو پاڻي هڪ تـ کوهن ۾ کٽي وڃي ٿو ٻيو برساتون نـ پوڻ جي ڪري اهو وڌيڪ کارو ٿي وڃي ٿو. ٻيو ٿريا برساتن ۾ تراين ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي وري گڏهن ۽ اٺن تي کڻي ٽانڪن ۾ گڏ ڪن ٿا ۽ پوءِ پيئڻ لاءِ پورو سال پيا استعمال ڪندا آهن. اهو پاڻي بـ ڳچ عرصو رهڻ کانپوءِ پيئڻ لائق ناهي هوندو ۽ بيمارين جو سبب پڻ بڻجي ٿو . تراين مان پاڻي کڻڻ ڪري جهنگلي جيوت ۽ پکي پکڻ کي بـ پيئڻ لاءِ وسڪاري ۾ بـ مٺو پاڻي نصيب نٿو ٿئي . کوهن وارو پاڻي ڪافي ڳوٺن ۾ تـ ايترو کارو آهي جو ماڻهو ڇا مال ۽ پکي بـ ناهن واپرائيندا . انهي ڪري انهن ڳوٺن تي نالو ئي انهي کاري کوه تان پيل هوندو آهي جيئن پوءِ گڏهـ تي جنڊا اٺن تي پکالون پيا ٻين ڳوٺن جي کوهن تي رلندا آهن. بس اهو پاڻي ٿر جو وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي . انهي مسئلي جي حل لاءِ هيستائين جيڪي اڪابرن جون صلاحون آيون آهن. يا هيستائين جيڪي حل ڳوليا ويا آهن اهي ڪي مستقل حل ناهن .جيئن کوهـ، ٽيوب ويل ،آراو پلانٽ. هاڻ کوهـ ۽ ٽيوب ويل تـ اهو ئي پاڻي زمين مان ڪڍندا جيڪو پيئڻ لائق ناهي يا جيڪو بيمارين جي جڙ آهي کوهـ تـ وري به ٿريا پاڻ ٺاهي سنڀالي ٿا وڃن پر ٿر ۾ ڪروڙين روپين جي سيڙپ سان لڳل ٽيوب ويلن جي حالت اها آهي جو انهن جا پائيپ ئي ڪڍي ڇڏيا اٿن. هڪ تـ ٿريا ايترا ٽيڪنيڪل ناهن جو ٽيوب هلائي ۽ سنڀالي سگهن يا انهن جي ٿوري گهڻي مشينري خرابي جو حل ڪڍي سگهن، انهي ڪري اهو ٽيوب ويلن وارو ملڪـ رياض وارو ڪمڪ الاهي ڪيئن ٿيندو جنهن 300 ٽيوب ويل ٿر ۾ لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

25

2400 ڳوٺن ۾ 300 ٽيوب ويل لڳندا ۽ ڪيترو عرصو هلي سگهندا؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي. يا پاڻ ايئن کڻي چئون تـ ٽيوب ويل جي ٿر ۾ ايتري ڄمار ناهي ۽ جي آهي بـ سهي تـ اهو زير زمين بي فائده پاڻي ئي ڏيندو. انهي کانپوءِ اربين روپين جي سيڙپ سان آراو پلانٽ لڳا، اهي آراوپلانٽ بـ ايئن سمجهو ته مڪمل طرح ناڪام ويا آهن جيڪي خبرون بـ رپورٽ ٿي چڪيون آهن . هاڻ اچو انهي ڳالهـ تي انهي مسئلي جو مستقل حل ڇا آهي انهي اربين رپين جي ضايع ٿيڻ کانپوءِ بـ انهي تي سيڙپ ڪرڻ مان فائدو. سو انهي جو مستقل حل آهي سنڌو ڌرياءَ مان ٿرين کي پيئڻ لاءِ پاڻي ملي دريائن تي ٿرين جو بـ اوترو ئي حق آهي جيترو بئراجي ماڻهن جو، انهي جي واٽ آهي جيڪو 1955 ۾مڪمل بند ٿي سکر بئراج جي ٺهڻ کانپوءِ بـ هاڪڙو هلندو هو جيڪو پوري اڇڙي ٿر ۽ ٿرپارڪر جي ٽنهي بئراجن سان لڳندڙ تعلقن جو ڪس ڏئي لنگهي ٿو . انهي هاڪڙي واري پراڻي وهڪري مان رڳو ٿر جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڍورو نارو فرش موري وٽان ڇڏيو وڃي ۽ پوءِ عمرڪوٽ ، ڇاڇرو، مٺي ۽ ڏيپلو تائين جي سڀني ڳوٺن کي آساني سان پائيپن ذريعي پاڻي مال ۽ ماڻهو جي پيئڻ لاءِ پهچائي سگهجي ٿو ۽ اهو ئي ٿر واري پاڻي جي مسئلي جو مستقل حل آهي. نئون ڪوٽ کان مٺي ويندڙ مٺي پاڻي جي لائين تان ٿر جا سوين ڳوٺ ۽ مال وچ ۾ ٺهيل پاڻي جي ٽانڪن جي ڪري سولو ٿي پيو آهي انهي علائقي تي ڏڪار ايترو اثر نـ ڪندو آهي، پائيپ لائينون هاڪڙي وهڻ سان پوري ٿر ۾ وڇائي سگهبيون انهي ڪري جو هاڪڙو ٿر جو ڪس ڏئي گذري ٿو ۽ انهي پائيپ لائين تي مٺي واري مٺي پاڻي جي پائيپ لائين وانگر وچ وچ ۾ وڏا ٽانڪا ٺاهبا تـ پوري ٿر جو مال ۽ ماڻهو سولو ٿي پوندو. تازو ڪوئلي جي مشينري لاءِ اربين روپين جو ميگا پروجيڪٽ نبي سر ۾ وڏا 250 ايڪڙ جا ٻـ تلاءَ ٺاهيا ويا آهن جن ۾ پاڻي جي وري سم نالي جو ايندو ۽ اتي فلٽر ٿي مٺو ٿي ڪوئلي جي مشينري ڏانهن ويندو انهي جي جاءِ تي جيڪڏهن 27 ڪلو ميٽر تي موجود فرش موري وٽان هاڪڙي کي وهايو وڃي ها تـ ڪوئلي جي پورت بـ ڪري ها .

ٻي ڳالهـ جيڪڏهن هاڪڙي ۾ پاڻي ڇڏيو ويو تـ اهو ٿر جيڪو ڏتڙجي سکر ۽ نواب شاه وڃي ٿو. جيڪڏهن هاڪڙو هليو تـ ٿر واري ڪس ۾ جتي رڳو ديويون بيٺيون آهي، زمينون آباد ٿينديون ۽ ٿر اتي ئي ويجهو سائو ٿي ويندو انهي کي گهڻو پرتي مال ۽ ٻار ٻچا رولڻ جي ضرورت نـ پوندي. 2011 واري ٻوڏ ۾ هاڪڙي وارو وهڪرو بحال ڪرڻ جي ڳالهـ نڪتي هئي پر پوءِ انهي جي کوٽائي جا پئسا ئي ٺيڪيدار کائي ويا. 

هاڪڙي جو هلڻ ٿر جي مسئلي ۽ ڪوئلي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. انهي کان پوءِ ٻيو ٿر جو مسئلو آهي جيڪو سامهون اچي ٿو . اهو آهي مال جي ڪري لڏ پلاڻ آهي هڪ تـ ڪجهـ سال ٿيندا جو بئراج وارا ماڻهو بـ مال جي ڪري وسڪاري ۾ ٿر اچن ٿا ننگر ۾ بـ لاڙ جو ماڻهو مال جي ڪري نظر ايندو آهي. اها ڪا بري ڳالهـ ناهي پر ٿر مان گهڻو تڻو لڏ پلاڻ ڪري ٿي ڍڳي،. ٻيو ڪوبـ جانور ٿر مان لڏ پلاڻ نٿو ڪري اهو انهي ڪري جو ٿر ۾ ڍڳي جي لاءِ سيارو ايندي ئي گاهه کٽي وڃي ٿو ۽ ڍڳي ڪوبـ وڻ ناهي کائيندي. هلڪو سلڪو ڪو ٻوٽو کائي ته کائي نـ تـ ٺهيو. سو ٿرين کي روليو اچي ڍڳي آهي. ڍڳي ٿرين جا ٻچا رولي ڇڏيا آهن. انهي مسئلي جو حل جيڪڏهن ٿريا جيئن ٽيو سال گوار وڌيو رڳو گوار ٿا پوکن سو هڪ تـ ٿر ۾ جيڪڏهن ٿريا ڍڳي جي سال جي لاءِ گاه اهڙو پوکن جيڪو لڻي رکڻ کانپوءِ بـ سڪي گاه طور ڪم اچي. ٻيو تـ گذريل سال کانپوءِ ٿرين ڀٽون بـ پوکيون گئوچرن تي قبضا ڪيا . انهي تي ٿر جي روينيو ڊپارٽمينٽ ڪو به تحرڪ نـ ورتو ايستائين جو هيل ماڻهن ڀٽون بـ پوکيون، مٿان روڊ ٺهڻ جي ڪري بئراج وارن ويجهن ضلعن جو مال سڄو ٿر ۾ سو سيم بچي ئي ڪونه جو انهي ڪري ڍڳين جي وڏي لڏپلاڻ ٿي انهي ڪري گئوچر پوکڻ کي هر سال روينيو ڊپارٽمينٽ کي هڪ تـ نوٽيس وٺڻ گهرجي ٻيو صرف سوري زمين پوکڻ ڏني وڃي جيئن مال لاءِ گاه خاص ڪري ڍڳي لاءِ گاه بچي سگهي . ٻيو ٿر جي ٻنين مان اڳي جيڪو ليڏاڻ ۾ گاه نڪرندو هو اهو ڍڳي لاءِ اسٽور ڪيو ويندو هو . اهو اسٽور ڪرڻ کپي ۽ ٻاجهر وڌيڪ پوکجي ڇو ته ڍڳي انهي جا ڪانا کائيندي آهي، اهي اسٽور ڪجن تـ ڍڳي کي لڏپلاڻ کان روڪي سگهجي ٿو . نـ تـ ڍڳي جي لڏپلاڻ وسڪاري يا ڏڪار ۾ رهندي ئي رهندي جيڪو سوچيو سو ڍڳي جي لڏپلاڻ تي سوچيو. انهي کي ڪيئن روڪجي . باقي اٺ ۽ ٻڪري ٻٽيهـ وڻ چرن ٿا انهن کي هڪڙي ٻن ڏڪارن جي پرواه ناهي. ٿر جي ڪمائي جو وڏو ذريعو زراعت نـ پر مال آهي انهي لاءِ ٿرين کي سوچڻ کپي پوکي پرڻ مهل انهي کانپوءِ ٿر مان ٻي لڏپلاڻ ڏڪار توڙي ڪڻڪ ۽ سارين جي لاباري مهل انهن ماڻهن جي ٿئي ٿي جن جي پنهنجي ڪا ٿر جي زمين ناهي هر هاري آهن اهي راڄن جون ڍڳيون ڪاهي بئراج ڏانهن وڃن ٿا. انهن مسئلي جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو آهي تـ 71 ۽ 47 ۾ لڏ پلاڻ ڪري ويل ماڻهن جي لکين ايڪڙ زمين اڃا تائين ٿر ۾ اويڪيو ۽ اينيمي پراپرٽي ۾ پئي آهي جيڪا پٽيلن جي قبضي هيٺ آهي جنهن جي ڪري اها قبضي هيٺ آيل گورنميٽ جي زمين بـ پٽيل جي قبضي جي پوکڻ جي ڪري هارين کي پٽيل حصو ڏي ٿو. اها زمين جيڪڏهن ٿر جي بي زمين هارين ۾ ورهائي وڃي تـ اهي اها زمين پوکي پنهنجو گذر سفر ڪري سگهن ٿا .

انهي زمين جو مسئلو ملڪ ٺهڻ کان وٺي ۽ 71 کان وٺي اڃا تائين حل ناهي ٿي سگهيو. سو ٿر جو اهو مسئلو حل ڪيو وڃي، تـ اهو بـ ڏڪار جي اثر کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو . ٻيو اڪثر ڪري ٿر ۾ جڏهن فصل لهندو آهي تـ ٽڪي ڌڙي هوندو آهي جيئن هيل 5000 هزار روپيا مڻ وٺي هيل پوکيو ويو ۽ هاڻ انهي کي 1500 روپيا مڻ بـ وٺڻ لاءِ ڪير تيار ناهي . سو جڏهن ٿر ۾ فصل لهي ٿو تـ اهو بجاءِ مقامي سيٺيون خريد ڪن اهو فصل سرڪار سڳوري کي خريد ڪرڻ کپي. انهي کانپوءِ موسمياتي تبديلي جي ڪري فصل نـ تـ سٺي اپت ٿو ڏي ۽ هيل تـ گوار کي بـ ماهيلو لڳو سو اهو بـ ٿرين کي فصل تبديل ڪرڻ کپي. ڪي ٻيا فصل پوکڻ کپن. باقي ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ جيڪڏهن مال ۾ کير هوندو ۽ مٺو پاڻي مليو تـ ختم ٿي ويندي، انهي مٺي پاڻي تي ٿريا ٻيو نـ تـ پارڪرين ۽ ڏيپلاين وانگر ڪا ڀاڄي پوکي ويندا، پاڻي آيو تـ نوان تجربا پيا ڪندا. باقي انفرا اسٽرڪچر خاص طور روڊ پوري ٿر ۾ هجن ۽ صحت جي سهولت ٻيو نـ تڏهن بـ ٿر جي وڏن شهرن ڏيپلو ، مٺي، ننگر، اسلام ڪوٽ ۾ بهتر سهوليتون هجن تڏهن بـ ٺيڪ هنيئر ته مٺي ۾ بـ صحت جي ڪا سهولت ڪونهي تـ ماڻهو نـ مرندا ٻيو ڇاٿيندو. هاڻ جڏهن ڳالهـ ايتري اٿي آهي تـ اسان کي رڳو اڌ مڻ ڪڻڪ تي نـ ڌتاريو ۽ نـ ئي وري اها ڪڻڪ اسان جي مسئلي جو حل آهي . امداد ٿر جي مسئلي جو نـ مستقل حل آهي نـ وري عارضي حل، اهو مسئلي کي دٻائڻ آهي. رهي ڳالهـ ٿر مان نڪرندڙ معدنيات ، لوڻ چائنا ڪلي، ڪارونجهر جو پٿر ۽ ڪوئلو انهن جون هتي فيڪٽريون ٿر ۾ لڳن ۽ ٿرين کي روزگار ملي اهو بـ وس وارا چاهين تـ ڪري سگهن ٿا مسئلو نيتن جو جي نيتون ٺيڪ هونديون تـ هن ڀيري ٿر جي مسئلي جو ڪونـ ڪو مستقل حل بـ نڪري ويندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو