Home / ڪرنٽ نيوز / ٿر ۾ به پاربرهم مندر تي حملو مختلف شهرن ۾ هڙتال
above article banner

ٿر ۾ به پاربرهم مندر تي حملو مختلف شهرن ۾ هڙتال

Hindu-Temple بزرگ هستي پار برهم جي سماڌي ۽ مندر تي حملو ڪري هٿياربند ٻه قيمتي مورتيون چورائي ويا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪري بيحرمتي پڻ ڪئي. پوليس 4 جوابدار گرفتار ڪري سامان هٿ ڪري ورتو. پوليس چوڪي به قائم ڪري ورتي. مختلف شهرن ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو. ٿر پارڪر جي سرحدي علائقي ڳوٺ ويڙهي جپ ۾ گذريل ڏينهن صبح 6 وڳي هڪ گاڏي ۾ سوار چار ڄڻا جن جي هٿن ۾ لٺيون هيون. ساڌو پاربرهم جي آستاني ۾ داخل ٿي شِوَ جو جست جو ٺهيل نانگ ۽ هڪ مورتي پاڻ سان گڏ کڻي ويا ۽ مندر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، گاڏي کي مندر وٽان ويندي ڏسي ڳوٺ جا سوين مرد ۽ عورتون ٻاهر نڪري آيا ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڳوٺاڻن جي سڃاڻپ تي هڪ جوابدار وسايو ولد پوڙهو پاڙهيو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. ڏيپلو ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته مندر جي بيحرمتي ۽ مورتيون کڻي وڃڻ تي چار ڄڻا گرفتار ٿيا آهن. مک جوابدار وسايو پاڙهيو آهي جاچ ڪري رهيا آهيون. جيئن ئي وڌيڪ معلومات ملندي ته ايف آءِ آر داخل ڪنداسين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو