Home / ڪرنٽ نيوز / ٿر ۾ غير حاضر ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جو حڪم، فوتين، بيمار ماڻهن ۽ ٻارڙن جا انگ اکر طلب
above article banner

ٿر ۾ غير حاضر ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جو حڪم، فوتين، بيمار ماڻهن ۽ ٻارڙن جا انگ اکر طلب

supreme-court 2سنڌ هائيڪورٽ، ٿر ۾ ڏُڪار بابت ڪيس ۾ غير حاضر ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي فوتين، بيمار ماڻهن ۽ ٻارڙن جا انگ اکر طلب ڪري ورتا. ٿر ۾ ڏڪار بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مقبول باقر جــِي سربراهي ۾ بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻــُڌڻي دوران صحت واري سيڪريٽري ۽ سيشن جج مٺي ڌار ڌار رپورٽون جمع ڪرايون. عدالت، ٿر ۾ ڏڪار سٽيلن جي وقت سر واهر نه ڪرڻ تي رليف ڪمشنر ۽ ڊي سي ٿرپارڪر خلاف ڪارروائي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس حڪم ڏنو ته بيمارين جو تعين ڪري طبي ماهر مقرر ڪيا وڃن. سيڪريٽري صحت پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته ٿر جي مختلف اسپتالن ۾ مقرر ڪيل 28 ڊاڪٽرن مان 8 ڄڻا غير حاضر هئا، جڏهن ته ٿر کانسواءِ بدين، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ ٺٽي سميت ٻين ضلعن کي ڏُڪار سٽيل قرار ڏئي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. هن رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پروٽين جــِي گهٽتائي سبب ويم دوران ٻار فوت ٿيا آهن. سيشن جج مٺي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته هن مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو آهي، جڏهن ته 25 اهڙا ڳوٺ آهن جتي هن وقت تائين ڪا به ميڊيڪل ٽيم ۽ خوراڪ نه پهتي آهي. هن رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته اهڙي صورتحال باوجود ڊاڪٽر غير حاضر هئا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٿر ۾ ڏڪار بابت ڪيس جي ٻڌڻي 27 مارچ تائين ٻــُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو