Home / ڪور افيئر / ٿر ۾ ڏڪار: انتظامي لاپرواهي ۽ اين جي اوز جا پرڪار
above article banner

ٿر ۾ ڏڪار: انتظامي لاپرواهي ۽ اين جي اوز جا پرڪار

علي آڪاش

انگريزن جي زماني کان وٺي، ٿر جي حوالي کان اها روايت رهندي پئي آئي آهي ته جيڪڏهن آگسٽ جي مهيني تائين مينهن نه پوندا آهن ته ٿر ۾ ڏڪار جو اعلان ڪيو ويندو آهي. سانوڻيءَ جي نه وسڻ کي ڏڪر جو اڻسڌو اهڃاڻ ڄاتو پئي ويو آهي. ٿر جي آبادي ۽ اتان جي حياتياتي نظام جو دارومدار مينهن تي رهندو پئي آيو آهي. مينهن پون ته ماڻهو خوش، جانور ۽ چوپايو، پکي پکڻ، جيت جڻيا، پسون-سڀ باغ بهار. مينهن نه پون مطلب ڪا سڪي سائي نه ٿئي. پوءِ مسئلا-پاڻيءَ جي کوٽ، اڃ ۽ رولو، کاڌ خوراڪ جي اڻاٺ. ماڻهو بنهه ويچارا ٿيو پون. اهو سبب آهي جو آگسٽ ۾ مينهن جي نه پوڻ کي، ڏڪار جي امڪان طور وٺندي، سرڪاري سطح تي اڳواٽ اپاءَ ورتا ويندا آهن.

پوئين سال پڻ ٿرين سان سانوڻيءَ سهج نه ڪيا، وسڪاري وفا نه ڪئي، انڪري، سرڪار اڳواٽ اپاءُ طور ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ موڪلي ڏني، پر پوءِ ڪا پرگهور نه لڌي ته انهيءَ ڪڻڪ جو ڇا ٿيو؟! ايئن اها ڪڻڪ سرڪاري گودامن پئي خراب ٿي ويئي، تان جو اچي ڏڪار منهن ڪڍيو. سرڪار پنهنجي منهن سوڙ اوڍيو ستي پئي هئي، ميڊيا تي خبرون اچڻ کان پوءِ اها جاڳي، پر تيستائين، سون جي انگ ۾ معصوم ٻار ساهه ڏيئي چڪا هئا ۽ سوين ٻار مٺي، ميرپورخاص ۽ ٻين ڀر پاسي جي اسپتالن ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب جيئڻ مرڻ جي ويڙهاند جي وچ تي پيل هئا. خوراڪ جي کوٽ سبب سنڌ ۽ هن ڀيري وڏا دل ڌوڏيندڙ منظر ڏٺا، اهڙا اڳي ڪڏهن به نه ڏٺا ويا هئا. سنڌ نه لڳي، ايٿوپيا، صوماليا يا سوڊان پئي لڳي!

سرڪاري غفلت موت جي هر گهڙي گمان جي صورت وٺي چڪي هئي. سرڪار ي گودامن کي تالا لڳل هئا، ماڻهو بک ٿي مئا، اسپتالن ۾ صحت جون سهولتون اڻلڀ هيون، ڊاڪٽر گهٽ هئا ۽ ٻئي پاسي معصوم ننڍڙا ٻار ڌڙاڌڙ اسپتالن ۾ اچي رهيا هئا. اهڙيءَ صورتحال ۾ قائم علي شاهه ٿر جو چڪر ڏئي ٻارن ۾ ٻه ٻه هزار ورهائي موٽي آيو ته ميڊيا ۽ ماڻهو مڇرجي پيا، چي؛ جي صوبي جي انتظامي سربراهه کي ايترو ئي ڪرڻو هو ته اهو ٿر ويو ڇو؟ تنهن کان پوءِ سرڪار کي وڃي معاملي جي نزاڪت جو احساس ٿيو ۽ ان پنهنجيءَ ڪمزوريءَ جو اعتراف ڪيو، پر اهو به چيو ته ٻارن خوراڪ جي کوٽ سبب نه، پر سخت سيءَ ڪارڻ جان ڏني آهي. سرڪار هر طرح اها ڪوشش ڪئي ته سندس انتظامي ڪوتاهيءَ تي ڍڪ اچي، نه ته مارچ جي مهيني ۾ ڪهڙا سيءَ ۽ ٻئي پاسي ميڊيا تان جيڪي خبرون ۽ رپورٽون اچي رهيون هيون، انهن ٻيون پر اصلي حقيقتون اڳيان پئي آنديون، جنهن جي ڪري، اهڙو بهانو بي اثر هو.

جڏهن سرڪار جي انتظامي نااهلي، پنهنجي پوريءَ خرابيءَ سان سامهون اچي چڪي ته اهڙي وقت تي، سرڪار جا پاليل درٻاري دانشور اڳتي آيا ۽ انهن اهڙي تاثرڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اصل ۾ ڪجهه ٿيو ئي ناهي، رڳو ميڊيا پئي هروڀرو معاملي کي اٿاري، نه ته، خير جهڙي صورتحال آهي. انهن دلبرن کي خوراڪ جي کوٽ سبب، ميڊيا تي هر گهڙي ظاهر ٿيندڙ منظر نظر نه پئي آيا، ٻارن جي موت جون خبرون ڄڻ ڪنهن ٻيءَ دنيا جون هيون. اهڙا ماڻهو هڪ تصوراتي ٿر جي نقشي چٽڻ ۾ پورا هئا، جتي هر شيءِ ٿانيڪي هئي، نڙ بيت پئي هليا، همرچا ۽ هوليون هيون. ان کان سواءِ، انهن مفروضا گهڙڻ شروع ڪيا ته ميڊيائي گروپن اهڙي مهم ڇو هلائي آهي، انهن سازشي ٿيوريز کي ميدان ۾ لاهڻ شروع ڪيو. بهرحال، انهيءَ سموريءَ مشق جو مطلب اهو هو ته سرڪار جي انتظامي بلنڊر تان ڌيان هٽايو وڃي ۽ ان سان گڏ، اين جي اوز جي پرڪارن تي پردو وڌو وڃي، جيڪي هن ڀيري کلي سامهون آيا هئا. اين جي اوز جون سڀ دعوائون ڌڙام ڪري پٽ اچي پيون هيون. 

ايترن معاملن کان پوءِ به، نه ته سرڪار جا بهانا کٽا ۽ نه ئي وري اسان جي ونگاري دانشورن جون ارڏايون کٽيون. جڏهن ٻيا سڀ حيلا بهانا ڪارگر نه ٿيا ته دادلن دانشورن هن سڄي معاملي کي اڃا هڪ وڌيڪ “حسين موڙ“ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. چيائون ته رياست جي ڊولپمينٽ پيراڊائم ۾ مسئلو آهي ۽ اسٽريٽجڪ ڊيپٿ جو اشو آهي، مطلب ته گمراهه ڪندڙ جارگنس جو استعمال ٿيڻ لڳو ته جيئن اصل معاملي تان ڌيان هٽايو وڃي. جيڪڏهن اهو مڃجي ته رياستي ڍانچي ۾ خرابي ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيو ته سرڪار سڳوريءَ جو ڪوبه قصور ناهي. سرڪار وري ان حد تائين چئي ڇڏيو ته ٿر ۾ ٻار خوراڪ جي کوٽ سبب نه پر مائرن جي لاپرواهيءَ سبب مئا آهن. اهڙو بيان بلڪل غيرفطري هو، هڪ ماءُ جو جيترو به وس هوندو آهي، اها پنهنجي ٻچڙي کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، ان جي سار سنڀال لهندي آهي، پنهنجي ٻار کي سکيو ۽ محفوظ رکندي آهي. اها جبلت رڳو انسانن جي ناهي، جانورن ۾ به اها جبلت آهي، ته پوءِ هڪ ماءُ جي پيار، خدمت ۽ مامتا ۾ شڪ يا کوٽ جي ڪنهن ڳالهه کي ڪيئن مڃي سگهجي ٿو. 

ٿر ۾ جيڪا ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي آهي، انهيءَ ۾ سرڪار جي لاپرواهي پڻ شامل آهي. پر انهيءَ سان گڏوگڏ هن ڳالهه کي پڻ نه وسارڻ گهرجي ته ٿرواسي جنهن ڏکي ۽ جان جوکي وجهندڙ صورتحال کي منهن ڏيئي رهيا آهن، انهيءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب اين جي اوز به آهن. ٿر جهڙي پوئتي پيل ۽ وسيلن کان آجي علائقي ۾ مختلف مقامي، قومي ۽ بين الاقوامي اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن، جن جو ڳاڻيٽو سون ۾ آهي. انهن مان ڪيتريون ئي اين جي اوز اهڙيون به آهن، جيڪي خالص نموني صحت ۽ کاڌي پيتي جي سهولت ڏيڻ جي حوالي کان ڪم ڪري رهيون آهن. اهڙين اين جي اوز ۾ اهي تنظيمون پڻ شامل آهن، جيڪي ٻارن جي تعليم ۽ صحت تي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ڪي تنظيمون اهڙيون به آهن، جيڪي گذريل ٻن ڏهاڪن کان وٺي ٿر ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، جن ٿر جي ماڻهن جي ترقي، يعني غربت کي گهٽائڻ، صحت جون سهولتون ڏيڻ ۽ انهن وسيلن تائين رسائيءَ کي وڌائڻ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي پهلوئن تي ڪم پئي ڪيو آهي ۽ ٿر جي غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي مسئلن جي بنياد تي اربين رپيا ڏيهي پرڏيهي ڊونرن کان ورتا آهن. 

26

پر نتيجو ڇا آهي؟ بک، افلاس، ڏڪار، معصوم ٻارڙن جي گلن جهڙين زندگين جو زيان، هڪ اڪيلي ملڪيت يعني چوپاين-رڍن، ٻڪرين ۽ ڳئن جو هزارن جي انگ ۾ مرڻ، دربدري، خالي هٿن جا ڪشڪول، آسمان ڏانهن تڪيندڙ ويران اکيون، ڏکايل ۽ اجهاڻل چهرا! جيڪڏهن ترقي جي نالي تي اهو ئي ڪجهه حاصل ڪرڻو هو ته پو اهڙين اين جي اوز جو ڪهڙو فائدو؟ هن سڄي ڏکوئيندڙ صورتحال ۾ اهو ضرور سوچڻ کپي ته سرڪار جي لاپرواهي سان گڏ اين جي اوز جي ڪردار تي پڻ سوچيو وڃي ته انهن ٿر جي مسڪين ۽ غريب ماڻهن جي نالي تي جيڪي ڪروڙين ڊالر ڊونرن کان حاصل ڪيا، اهي ڪيڏانهن ويا؟ ڪروڙين ڊالرن جي مقابلي ۾ ترقي ڪٿي آهي؟ خوشحاليءَ جي خواب جي جاءِ ڏڪار جي ڀوائتي ۽ روح ساڙيندڙ حقيقت ڪيئن ورتي آهي. 

ٿر ۾ جڏهن اين جي اوز جي ڪيل ڪمن جي نتيجن کي ڏسجي ٿو ته سچ پچ “سماجي خدمت” وارو اصطلاح پنهنجي معنيٰ وڃائي ٿو ويهي رهي. ان جو مقصد اهو ئي هوندو آهي ته پنهنجي ذات کان ٻاهر ڪم، يعني اهڙو ڪم جيڪو ذاتي فائدي يا مفاد لاءِ نه هجي ۽ اهو اهڙو ڪم هجي، جيڪو ٻين جي زندگين ۾ بهتري آڻي سگهي. جڏهن دعويٰ اها هجي ته ٻين جي خدمت ڪبي ۽ ٻين ڪارڻ جيئبو ته پوءِ ان جو مقصد اهوئي آهي ته هڪ وڏي ذميواري کڻڻ جو وچن ڪيو پيو وڃي. پر الميو اهو آهي ته ٿر ۾ چوڦير نظر ڦيرائبي ته انهيءَ سماجي خدمت جي نالي ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان ۾ ٻين جي لاءِ ڪجهه به نه آهي. ٻين يعني ٿرين کي انهيءَ منجهان ڪجهه به هڙ حاصل نٿو ٿئي. اڃا ٿرين کي قرضن ۾ ڪارو ڪيو ويو آهي. حالت اها آهي جو ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي، معصوم ٻار پيا مرن، پر ٿر جي اين جي اوز ۾ نانڙيءَ وارو ڪردار ادا ڪندڙ هڪ تنظيم کين قرض معاف نه ڪيا آهن، پر ويتر وڌيڪ مال ميڙڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار پئي ڏئي ته ڏڪار کان پوءِ ٿر کي ڇا ڇا کپي! ۽ ان لاءِ سندن خدمتون حاصل ڪيون وڃن. جڏهن سماجي خدمت جي حوالي کان سالن جي هڻ وٺ مان ڪجهه به نه وريو آهي ته اها تنظيم ۽ ان جون ٻيون ساٿاري تنظيمون اڳتي لاءِ ڇا ڪري سگهنديون. مطلب اهو ٿيو ته هڪ وڌيڪ وڏي سماجي خرابيءَ کي مضبوط ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن، جنهن کي هر قيمت ۽ هر صورت ۾ روڪڻ ئي اصل ۾ وڏي ۾ وڏي سماجي خدمت آهي. 

رڳو ٿر ئي نه، سڄيءَ سنڌ ۾ سماجي ترقيءَ جي ادارن جو حال اهوئي آهي، اهي سماجي خدمت يا خدمتن جي نتيجي ۾ سماج کي سگهه ڏيڻ بدران پاڻ تازا توانا ٿي رهيا آهن. سماجي خدمت جي ادارن جا مالڪ رڳو پنهنجي لاءِ ملڪيتون ميڙي رهيا آهن. اهو لقاءُ وڏي عرصي کان وٺي ڏٺو پيو وڃي، پر انهن سماجي خدمتڪارن کان ڪوبه پڇڻ وارو ناهي ته اوهان جي حالت ۾ هيءُ ايترو تڪڙو ڦيرو ڪيئن آيو؟ اوهين ڪک پتيءَ مان لک پتي ڪيئن بنجي ويا!؟

بهرحال، هن وقت جڏهن ڏڪار کان پوءِِ ٿر ۾ ڏيهي پرڏيهي امداد اچي رهي آهي ته اتي ڌيان جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اها ڳالهه پڻ هرڪنهن کي ويٺل آهي ته ٿر ۾ بکايل معصوم ٻارن جي ڏڪار ورتل ۽ روح کان آجا جسمن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ جي ڪري مرجهائيندڙ ابهم گلن واسطي جيڪا فنڊنگ اچي رهي آهي، انهيءَ جو استعمال ڪيئن ٿيندو؟ اهڙي سوال اڀرڻ جو سبب فطري آهي جو ماضيءَ ۾ پڻ سنڌ جا ماڻهو قدرتي آفتن مان گذريا. انهن آفتن ۾ اين جي اوز سرگرميءَ سان حصو ورتو، پر نتيجو سڀني جي سامهون هو ته قدرتي آفتن جي ڪري جيڪي ماڻهو دربدر ۽ بي گهر ٿيا، اهي مختلف هنڌن تان ڌڪا ٿاٻا کائيندا وري وٿاڻين پهتا. انهن کي بي يار مددگار ڇڏيو ويو. شروع ۾ ٿورو گهڻو ڪم ڪيو ويو، پر اهو ان وقت تائين جيستائين ڊونرن ۽ ڊونر ايجنسين پاران پئسي جي ريل پيل جاري هئي. جڏهن انهيءَ ۾ ٿوري به لاٿ آئي ته انهن اين جي اوز آفت سٽيل ماڻهن مان هٿ ڪڍيا، ڄڻ اهي کين سڃاڻندا ئي نه هجن. هن ڀيري پڻ اڳواٽ انڪري ئي دانهون ڪيون پيون وڃن ته جيڪڏهن رليف ۽ امداد جي عمل ۾ اين جي اوز شامل ٿيون ته ان جو نتيجو اهوئي نڪرندو، جيڪو پوئين ڀيري نڪتو هو. يعني مصيبت جا ماريل ماڻهو ڏکين مرحلن مان گذري وري پنهنجين جڙن ۾ واپس هليا ويندا، پوءِ ساڳيا سور ۽ ساڳيون دانهون، پر پوئتان ڪيترائي درجن اين جي اوز سکيون ستابيون ٿي وينديون. سنڌ ۾ سماجي خدمت جي نالي ۾ سدائين دڪانداري هلائي ويئي آهي. اهڙا دڪان اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهن ۽ هن وقت پڻ اين جي اوز ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيون آهن ته کين ڏڪاريل ٿرين جي نالي ۾ فنڊنگ ملي. 

ٿر جي معاملي ۾ اين جي اوز کي ڪم ڪرڻ ۾ سهولت اها ٿيندي آهي ته اتان جا ماڻهو ان، پاڻي، صحت، تعليم ۽ اهڙين ٻين زندگيءَ جي بنيادي سهولتن کان آجي زندگي گذاريندا آيا آهن، اتي زندگي سڀني سهولتن کان آجي رهي آهي، اهوئي سبب آهي جو ان جي ترقيءَ ۽ سڌاري لاءِ ڪي به فنڊنگ وارا پروجيڪٽ موڪليا ويندا آهن ته اهي گهڻي ڀاڱي قبول ڪيا ويندا آهن. ان کان سواءِ ٿر ۾ ڪم ڪرڻ کي اين جي اوز انڪري به اهميت ڏينديون آهن، جو ٿر جا ماڻهو امن پسند آهن ۽ پنهنجي مزاج ۾ ڪروڌ يا ڪاوڙ رکندڙ نه آهن. اڄ ڏينهن تائين ٿر ۾ سوين پروجيڪٽ شروع ڪرائي، ختم ٿيل ڄاڻايا ويا هوندا، جن مان اتي اڃ ۽ رڃ ۾ ورتل ماڻهن کي ڪجهه به فائدو نه مليو هجي، پر انهن ڪڏهن به، نه ته ڪو احتجاج ڪيو آهي ۽ نه ته ڪنهن اين جي او جو گهيراءُ ڪيو آهي. يعني هڪ پاسي فنڊنگ وڏي پئماني تي ٿيندي هجي، ٻئي پاسي ڪوبه پڇاڻو نه هجي ته اها ڪيئن خرچ ٿي، ڪٿي خرچ ٿي ته پوءِ ان کان وڌيڪ اين جي اوز لاءِ ٻي ڪهڙي “منافعي بخش” صورتحال هوندي. ٿرين جي شرافت جو ٻيو ڪهڙو مثال ڏجي، جو ترقيءَ جي نالي ۾ انهن تي هڪ خاص ۽ ناليواري اين جي او ڪيس ڪيا، ماڻهن کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو. اهڙا معاملا ميڊيا تي پڻ اچي چڪا آهن. پر پوءِ به اڄ ڏينهن تائين اها اين جي او اتي ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان جي اها دعويٰ پڻ رهي آهي ته انهي ٿر جي ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس اهڙي دعويٰ ٿر ۾ تازو ئي جنم وٺندڙ ڏڪار ۽ کاڌي جي انتهائي کوٽ کان پوءِِ پڌري ٿي پيئي آهي. اڄ جڏهن ٿر واسي ڏکي صورتحال مان گذري رهيا آهن ته هڪ وڏي ناليواري اين جي او جي دعويٰ اها پڻ آهي ته وٽس 50 هزار کان وڌيڪ رضاڪار موجود آهن، جيڪي هاڻوڪي ڏڪار واري صورتحال ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي 50 هزار رضاڪار جيڪڏهن موجود هئا ته پوءِ ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال ڇو پيدا ٿي؟ ڇا اهي عام فورمن تي ۽ اخباري اشتهارن وسيلي پنهنجي تنظيمي سگهه کي نام نهاد اڀار انڪري ٿا ڏين ته جيئن ڊونرن جي ڌيان ۾ اها ڳالهه اچي سگهي ۽ کين وڌ ۾ وڌ فنڊنگ ملي سگهي. سوال وري به اهو ئي آهي ته اڃا سانوڻيءَ جي مند پري آهي، تيستائين، ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ سرڪار وٽ ڪهڙي رٿابندي آهي، ان کان پوِءِ وڏو مسئلو مربوط نموني صحت جي سهولتن جو ڄار وڇائڻ آهي ته جيئن ٿر جي ماڻهن جي صحت جي سهولتن تائين سولي رسائي ممڪن ٿي سگهي. ان ڏس ۾سرڪار صحت ۾ نئين شعبي نيوٽريشن کي وڌيڪ جامع ۽ وسيع ڪري ته جيئن آئيندي وڌيڪ ٻارڙن جي زندگيءَ جي زيان وارن المين کان بچي سگهجي ۽ ان کان به وڏو سوال هي آهي ته ٿر ۾ زندگيءَ ۽ حياتياتي نظام بچائڻ ۽ ان کي مختلف خطرن کان مستقل بنيادن تي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا ويندا. جيڪڏهن اهي سڀ معاملا اڳي وانگي رڳو اين جي اوز جي حوالي ڪيا ويا ته پوءِ بهترنتيجن جي ڪابه اميد نه ڪرڻ کپي، انڪري، ٿر جا معاملا سرڪار ذميواريءَ سان پنهنجي هٿ ۾ کڻي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو