Home / ڪرنٽ نيوز / ٿر ۾ ڪارو ڏڪار راڪاس بڻجي ويو، وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت، متاثر امداد جا منتظر، پاڪ فوج رليف ڪم شروع ڪري ڇڏيو
above article banner

ٿر ۾ ڪارو ڏڪار راڪاس بڻجي ويو، وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت، متاثر امداد جا منتظر، پاڪ فوج رليف ڪم شروع ڪري ڇڏيو

Picture1

ٿر ۾ ڪاري ڏڪار جا هاڃا جاري، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت، انگ وڌي 132 ٿي ويو، پاڪ فوج ۽ سماجي تنظيمن ۽ سنڌ حڪومت رليف جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، ڪيترائي بيمار ٻارڙا اسپتالن ۾ داخل، متاثر امداد جا منتظر، تفصيل موجب ٿر ضلعي ۾ ڪاري ڏڪار جا هاڃا جاري آهن، وڌيڪ 3 ٻارڙا ڇاڇري ۾ آسيه ولد عطا محمد نهڙي سوڀي جي تڙ ۾ 6 سالن جو محمد امين راهمون ۽ کيتلاري واسڻ لڇمي حيدرآباد اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، جڏهن ته ڏيپلي اسپتال ۾ غذائي کوٽ سبب 7 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، هوڏانهن ڏڪار جا ستايل هزارين ماڻهو امداد جا منتظر آهن. هوڏانهن ٿر رينجرس ۽ پاڪ آرمي پاران مختلف علائقن ۾ ڏيپلو، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڇاڇرو ۽ ٻين علائقن ۾ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن ۽ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪري متاثرن جو مفت علاج ڪيو پيو وڃي ۽ کاڌ خوراڪ تي مشتمل فوڊ پيڪيج پڻ مفت ۾ ڏنا پيا وڃن. ٻئي طرف جي او سي حيدرآباد ميجر جنرل انعام الحق ٿر ۾ ڏڪاري حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪالهه مٺي پهتو، جتي کيس درٻار حال مٺي ۾ ضلعي انتظاميه ٿر پارڪر جي آفيسرن پاران ٿر ۾ ڏڪاري حالتن کانپوءِ واري پيدا ٿيل صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويئي، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ مختلف کاتن جي سرڪاري آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي، جنهن بعد هو ڏيپلي پهتو جتي هن پاڪ فوج ۽ ٿر رينجرز پاران قائم ڪيل ميڊيڪل ڪئمپ ۽ تعلقي اسپتال ڏيپلو جو پڻ دورو ڪيو. هوڏانهن ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال، خوراڪ جي کوٽ سبب بک، بدحالي ۽ بيماري ۾ مبتلا ٿيل 2 ٻارڙا سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل، 5 مهينن جي معصوم ٻارڙي فوت ٿي وئي، وارث لڙڪ لاڙيندي نياڻي جو لاش کڻائي واپس پنهنجي ڏڪاريل ڏيهه روانا ٿي ويا. تفصيل موجب ٿرپاڪر ۾ پيدا ٿيل ڏڪار واري صورتحال کانپوءِ خوراڪ جي کوٽ سبب بک، بدحالي ۽ بيماري ۾ مبتلا ٿيل معصوم ٻارڙا مٺي اسپتال ۾ علاج جون سهولتون گهٽ هجڻ سبب سول اسپتال حيدرآباد ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪالهه ٿر مان 5 مهينن جي معصوم ٻارڙي فرزانه ڌي عبدالشڪور ۽ 10 مهينن جي ٻار جيسو ولد ڄيٺو کي سول اسپتال حيدرآباد ۾ آندو ويو، جتي 5 مهينن جي ٻارڙي فرزانه خوراڪ جي کوٽ سبب بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري فوت ٿي وئي. جنهن جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي سول اسپتال مان لڙڪ لاڙيندي معصوم ٻارڙي جو لاش کڻائي واپس پنهنجي ڏڪاريل ڏيهه ڏانهن روانا ٿي ويا. جڏهن ته 10 مهينن جي ٻار جيسو کي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جنهن جو علاج هلندڙآهي. سول اسپتال جي انتظاميا موجب معصوم ٻارڙي فرزانه جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هئي، جيڪا خوراڪ جي کوٽ سبب جسماني طور انتهائي ڪمزور هجڻ ڪري فوت ٿي وئي. جڏهن ته 10 مهينن جي ٻار جيسو کي علاج جون بهترن سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، جنهن جي حالت سڌري رهي آهي. اهو ٻار پڻ خوراڪ جي کوٽ سبب جسماني طور انتهائي ڪمزور آهي. اسپتال انتظاميا موجب ٿر مان هن وقت تائين سول اسپتال ۾ صرف ڄاڻايل 2 ٻارن جا ڪيس رجسٽرڊ ٿيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو