Home / ڪرنٽ نيوز / ڀرياروڊ ويجهو ڪار کي پــُراسرار نموني باهه لڳڻ سبب شهيد بشير خان قريشي جو ڀاءُ ۽ جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو فوت ٿي ويا
above article banner

ڀرياروڊ ويجهو ڪار کي پــُراسرار نموني باهه لڳڻ سبب شهيد بشير خان قريشي جو ڀاءُ ۽ جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو فوت ٿي ويا

2جسقم چيئرمين صنعان قريشي جو چوڻ آهي ته سندس چاچي کي شهيد ڪيو ويو آهي. گــُذريل رات دير سان ڀريا روڊ واري علائقي مان سڙيل گاڏيءَ مان ٻن ڄڻن جا لاش هٿ آيا،جن کي پوليس ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس تصديق ڪئي ته سڙيل ويل گاڏي جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي ڀاءُ جــِي آهي. اسپتال اختيارين موجب گاڏيءَ مان هٿ آيل لاشن جي سڃاڻپ جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ ڪارڪن سلمان وڌي طور ڪئي وئي. اسپتال اختيارين ٻڌايو ته لاش مڪمل طور سڙي ويا هئا،جن جي سڃاڻپ ڏکي هئي. واقعي جي اکين ڏٺن شاهدن موجب ڪار جي هينڊ بريڪ ڇڪيل آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته ڪار کي بيهاري باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي ۽ ڪار جو گئس سلينڊر به ڦاٽل ناهي. ڀرياروڊ ويجهو ڪار کي پــُراسرار نموني باهه لڳڻ سبب شهيد بشير خان قريشي جو ڀاءُ ۽ جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو فوت ٿي ويا، جسقم چيئرمين صنعان قريشي جو چوڻ آهي ته سندس چاچي کي شهيد ڪيو ويو آهي. گــُذريل رات دير سان ڀريا روڊ واري علائقي مان سڙيل گاڏيءَ مان ٻن ڄڻن جا لاش هٿ آيا،جن کي پوليس ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس تصديق ڪئي ته سڙيل ويل گاڏي جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي ڀاءُ جــِي آهي. اسپتال اختيارين موجب گاڏيءَ مان هٿ آيل لاشن جي سڃاڻپ جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ ڪارڪن سلمان وڌي طور ڪئي وئي. اسپتال اختيارين ٻڌايو ته لاش مڪمل طور سڙي ويا هئا،جن جي سڃاڻپ ڏکي هئي. واقعي جي اکين ڏٺن شاهدن موجب ڪار جي هينڊ بريڪ ڇڪيل آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته ڪار کي بيهاري باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي ۽ ڪار جو گئس سلينڊر به ڦاٽل ناهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو