Home / اسپيشل افيئر / ڊاڪٽر ۽ فرشتو!
above article banner

ڊاڪٽر ۽ فرشتو!

جاويد نقوي
ڀارت جي جوشيلي اڇوت اڳواڻ ڊاڪٽر ڀيم رائو امبيڊڪر کي مشڪل سان اسان جي تاريخي شعور ۾ جاءِ ملندي آهي. ڇاڪاڻ جو آزادي جي تحريڪ جي حوالي سان جيترا به بحث مباحثا ٿيندا آهن کيس انهن مان نيڪالي ڏني وئي آهي. حالانڪه کيس هندستاني آئين جي حوالي سان هڪ اهم مقام (هندستاني آئين جو ابو) تي فائز ڪيو ويو آهي.
امبيڊڪر کي هندستان ۽ پاڪستان بابت جيترا به مذاڪرا ٿين ٿا، تن ۾ شامل ناهي ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ هن ورهاڱي ٿيڻ تائين هن موضوع تي سڀ کان وڌيڪ متوازن تبصرا ڪيا ۽ مضمون لکيا. مهاتما گانڌي سان سندس تلخ ۽ تُرش تڪرارن جا تفصيل، جيڪي هو هندستان جي لکين ڪروڙين اڇوتن جي سماجي انصاف لاءِ وڙهندو رهيو ۽ جيڪي ڪانگريس پارٽي جي سياسي جدوجهد کان ٻاهر هئا، سندن اڇوت حامين لاءِ اڄ به وڏو اثاثو آهن ۽ انهي موضوع تي ريسرچ جو وڏو خزانو آهن.
مون کي پڪ آهي ته هندستان ۽ پاڪستاني، ٻنهي هنڌن تي امبيڊڪرکي قومي ڌارا جي بحث مباحثي کان اهڙي ريت الڳ ٿلڳ ڪرڻ جي تفصيلي وضاحت هندو- مسلمان عالمن جي اوچي ذات جي عينڪ آهي، جنهن سان اهي پنهنجي بيٺڪي دور جي تاريخ کي ڏسندا هئا. آءُ هتي هڪ اهڙي آزاداڻي ڳالهه ٻولهه جو مثال ڏيڻ چاهيان ٿو جيڪا هندو، مسلم ٻنهي ذاتين جي وچ ۾ ٿي هئي ۽ ان ۾ ڪهڙي ريت اڇوت مسئلي کي دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.
1858ع ۾ اوڌ جي راڻي بيگم حضرت محل، پنهنجي رعيت کي اپيل ڪئي ته اهي راڻي ايلزبٿ جي برطانوي حڪومت هيٺ عذر کان سهولتن جي واعدي واري دوکي ۾ هرگز نه اچن. حضرت محل جي دعويٰ هئي، جيئن لبرل ماڻهو اڄ به چون ٿا ته سندن نظر ۾ هندو ۽ مسلمان ٻئي برابر آهن.
“اوچي ذات جا ماڻهو مسلمانن ۽ پوءِ اهي سيد، شيخ، مغل يا پٺاڻ هجن يا هندن ۾ برهمڻ، ڪشتري، ويش، يا ڪائساٿ هجن، اهي سڀ ماڻهو پنهنجي ذات جي حساب سان اهڙي ئي عزت جا حقدار هوندا ۽ هيٺين ذات جا اهي سڀ ماڻهو جيئن جمعدار، ڀنگي ۽ ٻيا صفائي ڪندڙ سندن برابري جي دعويٰ نه ڪري سگهندا.”
حضرت محل جي آخري جملي ان مخصوص سوچ کي واضح ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا ان سماج جي روئي تي مسلط هئي. ان ڳالهه يقيني طور امبيڊڪر کي تمام گهڻي تڪليف پهچائي هوندي.
هڪ نئين ڪتاب ۾، جنهن ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪتاب جيترو ڊگهو مضمون آهي. جنهن جو عنوان آهي (The Doctor and the saint) “ڊاڪٽر ۽ فرشتو” گانڌي ۽ امبيڊڪر وچ ۾ ڀيٽ ڪندي ليکڪا ۽ ايڪٽوسٽ ارون ڌتي راءِ ڪوشش ڪئي آهي ته ان عظيم اڇوت اڳواڻ کي ويهين صدي ۾ هندستان جي عظيم مفڪر ۽ سماج سڌارڪ جو اهو رتبو جيڪو گانڌي کان وڏو آهي، اهو کيس واپس ڏياري. ان انتهائي تحقيقي مضمون کي پڙهي اکيون کلي وڃن ٿيون.
۽ اهو هڪ لحاظ کان امبيڊڪر جي بهترين مضمون The Annihilation of caste جي تعارف جو ڪم ڏئي ٿو. ارون ڌتي راءِ جو خيال ٻن قسمن جي حقيقتن کي واضح ڪري ٿو هڪ ته امبيڊڪر کي پڙهڻ لاءِ اتساهي ٿو ۽ ٻيو اهو ته لڪل ثبوتن جي خزاني وسيلي هو هڪ نئين زاوئي سان روشني وجهي گانڌي جو ۽ سندس نفرت ۽ خوف جو نئين روشني ۾ تجزيو ڪري ٿي.

Picture2
امبيڊڪر جو گانڌي سان اصل بحث اهو هو ته هندو ذات پات جو سسٽم ۽ ان اندر جڙيل لازمي نسلي متڀيد هڪ جديد قومي رياست جي مقصدن جي خلاف آهي.
هن عورتن ۾ هندو سماج جي ٻين پٺتي پيل طبقن سان متڀيد تي پڻ سخت تنفيد ڪئي. سياسي سڌارن کي سماجي سڌارن جي توثيق ڪرڻ گهرجي. اهو هن اڇوت ليڊر جو مطالبو هو. ڪانگريس گانڌي جي شموليت کان اڳ ئي ان خيال کي رد ڪري ڇڏيو هو.
“ڇا اسان ان قابل به نه آهيون” ڊبليوسي بئنرجي 1892ع جي ڪانگريس اجلاس ۾ گجگوڙ ڪري چيو: “ڇو ته اسان جون بيواهون شادي نه ڪنديون آهن يا اسان جو ن ڌيئرون اسان سان گڏ دوستن جي گهرن ۾ نه وينديون آهن…
ڇو ته اسان پنهنجي نياڻين کي آڪسفورڊ ڪيمبرج پڙهڻ لاءِ ناهيون موڪليندا!؟ (حاضرين جون تاڙيون)
امبيڊڪر جڏهن ٻڌ مت کي قبول ڪرڻ وقت هندو، مذهب ترڪ ڪيو ته ان کان هڪ ورهيه پوءِ Annihilation of castle ڪتاب 1936ع ۾ شايع ٿيو هو.
ارون ڌتي، گانڌي جو قول دهرائي ٿي. جڏهن هن امبيڊڪر کي هڪ مضمون جي صورت ۾ جواب ڏنو هو، هو اسان کي مهاتما جي اها شڪل ڏيکارڻ چاهي ٿو، جيڪا اسان ڏسڻ جا عادي ناهيون. جيتوڻيڪ گانڌي گهڻو تڻو تڪراري ڳالهيون ڪندو هو. هن هڪ مضمون ۾ لکيو The Ideal Bhangi “هڪ مثالي ڀنگي” ان ذات بابت جيڪي انساني ڪاڪوس وغيره صاف ڪندا آهن ۽ اهو کڻي به ويندا آهن. گانڌي جو مشاهدو هو ته “برهمڻ ذات جو ڪم صرف روح صفائي کي ڏسڻ آهي، ڀنگي جو ڪم سماج جي جسم جي صفائي آهي” هو ڏکارو هو ته ڀنگين سان خراب سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته کين برهمڻ جي برابر درجو ڏيڻ گهرجي (پڪ سان هاڻوڪين پراڻين ۽ فرسوده درجي بندين ۾ مداخلت ڪرڻ کانسواءِ) سماج جي اهڙي خدمت ڪندڙ باعزت ماڻهو جي اندر اهڙيون ٻيون ڪهڙيون خوبيون هجڻ گهرجن؟ گانڌي اڳتي هلي لکي ٿو ته“ منهنجي خيال ۾ هڪ مثالي ڀنگي کي صفائي جي اصولن جي مڪمل معلومات هجڻ گهرجي. ان کي ان ڳالهه جو علم هجڻ گهرجي ته هڪ صحيح قسم جو باٿ روم ڪيئن ٺاهيو ويندو آهي.. مثالي ڀنگي کي رات جو ڪاڪوس ۽ پيشاب جي قسم جي به خبر هجڻ گهرجي ۽ کيس انهن شين کي غور سان ڏسندو رهڻ گهرجي ۽ ان ۾ ڪنهن تبديلي جو اطلاع فوري طور لاڳاپيل شخص کي ڏيڻ گهرجي.”
امبيڊ ڪر سمجهندو هو ته گانڌي جي خيالن مان منافقت جي ڌپ اچي ٿي. ارونڌتي راءِ ڏکڻ آفريقا ۾ سندس افسانوي جدوجهد دوران شروع کان گانڌي ۾ اهو لاڙو ڏسي ٿيو (Boer Wars) جي زماني ۾ هو برطانيه طرفان جنگ ۾ شامل ٿيو، هن جا فرائض ايمبولينس ڪور لاءِ هئا. ٻئي موقعي تي جڏهن هو ٽرانسوال ۾ هندستاني واپارين جي خلاف پابندي بابت احتجاج ڪندي جيل ويو ته ان وقت گانڌي لکيو:
اسان سختيون سهڻ لاءِ تيار هئاسين ليڪن اهڙي تجربي لاءِ نه، آءُ سمجهان ٿو ته اسان کي گورن جو درجو نٿو ملي سگهي، ليڪن اسان کي اهو درجو ڏيڻ جيڪو مقامي جو آهي، برداشت کان ٻاهر آهي… ڪافر هونئن ته وحشي ماڻهو هجن ٿا.. ۽ مجرم ته اڃا به وڌيڪ، هو تڪليف ڏيندڙ هجن ٿا. تمام گهڻا غليظ ۽ بلڪل جانورن وانگر رهن ٿا.”
۽ آخر ۾ ڇا توهان کي ياد آهي ته هالي ووڊ جي ايوارڊ يافته فلم ۾ امبيڊ ڪر جو رول ڪنهن ادا ڪيو هو؟ ان فلم ۾ ڪو اهڙو ڪردار هيو ئي نه، هڪ بنهه مختصر اڳيان گذرڻ وارو ڪردار به نه، جيئن ارون ڌتي نوٽ ڪيو آهي. جيتري قدر مون کي ياد پوي ٿو ته هو جناح تي ٺهندڙ فلم ۾ به نه هو، حالانڪه جناح صاحب سان سندس بهترين لاڳاپا هئا. انهن ٻنهي کي ڪانگريس کان تحفظ کپندو هو، جيڪو کين ٻي رائونڊ ٽيبل ڪانگريس ۾ مليو به سهي..

©DAWN

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو