Home / ڪرنٽ نيوز / ڏُڪاريل ڏيهه ٿر جي رهواسين جا سور نه گهٽيا، خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 140ٿي ويو
above article banner

ڏُڪاريل ڏيهه ٿر جي رهواسين جا سور نه گهٽيا، خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 140ٿي ويو

Photo_90ٿر ۾ بدترين ڏڪار سبب بــُک ۽ بيمارين سبب وڌيڪ ٻن ٻارن جــَي فوت ٿيڻ بعد فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي هڪ سئو 42 ٿي ويو، ڏورانهن علائقن ۾ امدادي ڪارروائيون شروع ئي نه ٿي سگهيون ۽ ڪڻڪ جــِي ورهاست وارو ڪم سست رفتاري جو شڪار آهي. ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ مير علي نواز ٽالپر ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙا نيمراج ۽ پاروتي فوت ٿي ويا، جڏهن ته مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ ڇهن ٻارن کي داخل ڪيو ويو جنهن بعد مريض ٻارن جو انگ 38 ٿي ويو آهي. امدادي ڪارروائيون شهرن جي ڀرپاسي وارن علائقن تائين محدود آهن ۽ ڏورانهن علائقن ۾ امدادي ڪم شروع ئي نه ٿي سگهيو آهي. مٺي، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر جي گودامن مان ڪڻڪ جون 9 هزار ٻوريون ڏڪار سٽيل علائقن ڏانهن روانيون ويون آهن. ريگستاني کيکڙن جي کوٽ ۽ ٽرانسپورٽرن کي حڪومت طرفان پراڻيون بقايون ادا نه ڪرڻ سبب ڪڻڪ جي ورهاست واري ڪم ۾ تيزي نه اچي سگهي آهي. ڏڪار سٽيل وڌيڪ 4 ٻارن کي عمرڪوٽ سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چئن ٻارن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ عمرڪوٽ کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي کانپوءِ سنڌ جو صحت وارو کاتو جاڳي پيو، غير حاضر رهندڙ 7 سئو 25 ڊاڪٽرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. صحت کاتي سڄي سنڌ ۾ ڊيوٽيز نه ڪندڙ ڊاڪٽرن کي نوٽيس جاري ڪيا. سڄي سنڌ ۾ 7 سئو 25 ڊاڪٽرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جن کان ٻن هفتن اندر وضاحت پڻ طلب ڪئي وئي آهي. نوٽيس جي متن موجب ڊاڪٽرن کان پــُڇيو ويو آهي ته هــُو ڪهڙي هنڌ ڊيوٽيز ڪري رهيا آهن ۽ سرڪاري اسپتالن مان غير حاضر ڇو آهن؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو