Home / رانديون / ڪاري آنڌي ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ بنگالي ٽائيگرن جون متيون منجهائي ڇڏيون، 73 رنسن تان فتح
above article banner

ڪاري آنڌي ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ بنگالي ٽائيگرن جون متيون منجهائي ڇڏيون، 73 رنسن تان فتح

CRICKET-WORLD-ICCT20-WIS-BANويسٽ انڊيز ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ ميزبان بنگلاديش کي 73 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ميرپور ۾ کيڏيل ميچ ۾ دفاعي چيمپئن ويسٽ انڊيز پهرين بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن تي 171 رنسون ٺاهيون، ويسٽ انڊيز جي اننگ ۾ ڊيرن اسمٿ 72، ڪرس گيل 48 ۽ سيموئل 18 رنسن جي شاندار بيٽنگ ڪري ٽائيگرز جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، اوپنرن 97 رنسن جي پارٽنرشپ جوڙي، بعد ۾ ڪرس گيل ۽ سيموئل وچ ۾ 54 رنسن جي پارٽنر شپ جوڙي، بنگلاديش طرفان الامين حسين 3، محمود الله، شڪيب الحسن ۽ ضياءَالرحمان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، جواب ۾ ڪاري آنڌي جي بالرن به ٽائيگرن جون متيون منجهائي ڇڏيون ۽ سڄي ٽيم 19 اوورن ۾ 98 رنسن تي ڍير ٿي وئي، تميم اقبال 5، انعام الحق 10 ۽ مومن الحق 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، مشفق الرحيم سڀ کان وڌيڪ 22 رنسون ٺاهيون، ويسٽ انڊيز طرفان سيموئل بدري 4، سانتوڪي 3 ۽ آندري رسل 2 شڪار ڪيا، ڊيرن سمٿ کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو