Home / ايڊيٽوريل / ڪجهه ڏوهه اسان جو به آهي!
above article banner

ڪجهه ڏوهه اسان جو به آهي!

edٿر ۾ ماڻهو مصيبت ۾ هئا، رهن ٿا ۽ رهندا- اسان جا حڪمران حيران ان تي آهن ته ميڊيا ان عام خبر کي نشر ڇو ٿي ڪري. کين حيراني ان تي آهي ته هاڻ ماڻهو پنهنجي نصيب جي لکئي ته به ڪُرڪن ۽ ڪُنجهن ٿا.

ڪجهه هفتا اڳ جڏهن ٿر مان خبرون اچڻ لڳيون ته چوپايو مال مري رهيو آهي، ماڻهو لڏ پلاڻ ڪن پيا ۽ ٻار بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن، ته ان عام خبر تي ڪنهن کي به حيراني ڪا نه پئي ٿي ڇو جو ان مصيبت کي عوام به حڪمرانن جيان قسمت جي لکئي طور قبول ڪري ڇڏيو آهي. ايئن ئي جيئن 2010ع ۾ ٽوڙي بند ٽٽڻ کي حڪمرانن درياءَ جي بادشاهي ۽ 2011ع ۽ 2012ع جي برساتي ٻوڏ کي آسماني آفت قرار ڏئي ماڻهن کي ماٺ رهڻ جي هدايت ڪئي هئي. ساڳي ئي ريت حڪمرانن ٿر جي سوهڪڙي مان ڦٽي نڪتل مصيبت کي آسماني لکيو قرار ڏيئي ڳالهه آئي ويئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ميڊيا نه مڙي ۽ نتيجي ۾ حڪمرانن جي بادشاهي خيالن جا پول پڌرا ٿيندا رهيا. سيد قائم علي شاه بادشاهه جو کريون ڳالهيون ۽ مخدوم مين فهيم جا ڀڙڪيدار بيان، ڏي جواب وٺ جواب ۽ آخر ۾ “لوٽي ۾ ٺڪري، ڳالهه وئي نڪري”، سڀ پرتا پاڻ ۾ جو لقاءَ ڪنهن کا وسرندو. معني ٿر ۾ برابر ڪوتاهي ٿي پر ڏوهه ڪنهن جو به ناهي! 

سو، جيڪڏهن حڪمرانن جي اها ڳالهه مڃجي ته ٿر ۾ هميشه اهي ئي حالتون رهيون آهن، ايئن ئي انسان توڙي جانور بک ۾ پاهه ٿي مرندا رهيا آهن ۽ ميڊيا اجائي ڳالهه کي ڳالهوڙو ٿي ڪري ته پوءِ اها سوچ وڏي سفاڪ چئجي. ڏاڍي بي رحم. ڪنهن به رياست يا پر ڳڻي ۾ اڳ ڇا ٿيندو هيو آهي ان کي نه پر هاڻ ڇا ڪرڻ کپي کي اهميت هوندي آهي. ٿر باوجود ان جي ته اناج اپائڻ لاءِ آسماني وسڪاري جو محتاج علائقو آهي پر آهي ته هن ملڪ ۽ صوبي جو حصو – لاهور ۽ ڪراچي جاماڻهو ڪهڙو ماني کائڻ لاءِ پاڻ چار ايڪڙ ٻني جا کيڙيندا آهن؟ هن دور ۾ ڏڪر جو تعلق عام ماڻهو جي قوت خريد يا معاشي سگهه سان آهي. ٿر سنڌ جو حصو آهي ۽ سنڌ هڪ طرف ملڪ کي ستر سيڪڙو ڏوڪڙ پيسا ڏئي پاڻ کي وڏي صوبي پنجاب کي کارائي ٿي ٻئي طرف سنڌ پاڻ به کاڌ خوراڪ جي جنس اپائڻ لاءِ پاڻ ڀري آهي. ڪڻڪ، جوئر، ساريون ۽ ٻاجهر جا عاليشان فصل هر سال لهن ٿا ۽ ان عالم ۾ جيڪڏهن سنڌ کي بهتر حڪمراني نصيب هجي ۽ بهتر رٿا جوڙجي ته سنڌ سڄي جو هڪ؟ ماڻهو هڪ ويلو بکيو نه ويهي. عام بيمارين ۾ چڙ ۽ چڙي نه جيئي ۽ مري ۽ جاهليت وبا وانگر پکڙيل نه هجي. ماڻهو سکيو هجي ته ٻه ويلا ماني ڇا، وڃي پزا ۽ برگر کائي، ان جو وسڪاري سان ڇا؟

پر هتي حڪمرانن جا جيڪي به جڏا ڪم رهيا آهن تن سبب سنڌ بيواهه جي اڻڀي سينڌ وانگر ٿي وئي آهي. مالي وسيلا عوام جي ترقي ۽ ڀلائي تي خرچ اچڻ بجاءِ اربابن، ٽپين، ٽالپرن، سيدن، نادرن، درانين، زردارن ۽ سندن اڻ کٽ لومڙن ۽ گدڙن جي معاشي ڀلائي تي خرچ ٿين ٿا. هي جي وزير مشير ڪروڙ پتي کان ارب پتي ٿي رهيا آهن ته آهي ڪو سندس ٻني ٻاري يا فيڪٽري جو نه پر عوام جي ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل بجيٽ جا ڏوڪڙ آهن. اقتدار ۾ آيل هر ڌر اهي ڏوڪڙ ٺيڪن، ڪميشن ۽ نوڪرين مان کائي کپائي جاوا ڪندي رهي آهي. پ پ جي گذريل 6 سالن ۾ ته اها لٽ مچي جو لياقت جتوئي ڄام صادق ۽ ارباب غلام رحيم جا حڪمراني ٻه ڏينهن سنهرا ٿا لڳن.

ان ڪري ٿر ۾ اها مصيبت اچڻي هئي ۽ اها اتي رهندي جيستائين حڪمرانن جو ترجيحات ۽ نيتون نه ٿيون تبديل ٿين. اهي عوام تي ڏوڪڙن خرچ ڪن ته پاڻ ملڪيتون ڪيئن ٺاهن؟ باقي اها ڳالهه ته ميڊيا ان “عام” خبر کي هيل ڇو “خاص” بڻائي حڪمرانن جا نشا خراب ڪيا اتي ان تي کوڙ ساريون ٿيوريون آهن. ميڊيا ۽ پ پ تي روائتي ڪاوڙ ڪڍڻي هئي، اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ ڪوئلي جي کاڻيڻ تي تي بحريه واري ملڪ رياض کي وسائڻو هيون يا ميڊيا کي مڙئي لڙ مچائڻو هيو يا اڃان ئي ڪو ٻيو پيٽ ۾ سُور هو، في الحال خبر نه ٿي پوي. بهرحال ٿر ڪيس کي کڻي ڪري حڪمرانن جا افعال پڌرا ٿيا پرحڪمران به نڪ ۽ اک جا پڪا آهن. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڳالهه آئي وئي ٿي ويندي. سنڌي قوم کي نراڙ۾ اهي حڪمران ئي لکيل آهن ايستائين جيستائين بامقصدجدوجهد سان سياسي متبادل پيدا ڪري سنڌي قوم پنهنجو نصيب تبديل نه ٿي ڪري.

سو، پنهنجي قسمت بگهڙن جي حوالي ڪرڻ ۾ ڪجهه ڏوهه اسان جو به آهي!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو