Home / ڪرنٽ نيوز / گهرو وزير چوڌري نثار احمد بزدلي نه ڏيکاري، سينيٽ ۾ اچي سوالن جا جواب ڏئي: چوڌري اعتراز احسن
above article banner

گهرو وزير چوڌري نثار احمد بزدلي نه ڏيکاري، سينيٽ ۾ اچي سوالن جا جواب ڏئي: چوڌري اعتراز احسن

Aitzaz-Ahsan (1)سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو ته چوڌري نثار احمد بزدلي نه ڏيکاري، سينيٽ ۾ اچي سوالن جا جواب ڏئي، جيڪڏهن هو مونکان ۽ ميان رضا رباني کان ڊڄي ٿو ته اسان هلڪو هٿ رکنداسين، سنڌ ۾ سڙيل لاش ملڻ سميت ملتان ۾ سعودي عرب جي وزير جي جلسي کي خطاب جا معاملا سينيٽ ۾ اٿارينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر تي مقامي هوٽل ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ْاران 3 ڏينهن واري بين الاقوامي سينيمار سنڌ صدين کان جي دوران صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن چيو ته چوڌري نثار احمد سميت وزيرن کي ايترو نرم مجاز نه هئڻ گهرجي، چوڌري نثار ته هوئين به ڪافي انا پرست ثابت ٿيو آهي، کيس سينيٽ ۾ اچي مخالف ڌر جي سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ مان سڙيل لاش ملڻ جو معاملو سينيٽ ۾ اٿاريو ويندو، ان سان گڏوگڏ ملتان ۾ هڪ سعودي وزير جو جلسي کي خطاب تي به حڪومت کان وضاحت پڇي ويندي. سعودي وزير هڪ مخصوص مذهبي گروپ جي حمايت ڪئي آهي، ڇا سعودي عرب اسان جي وزيرن کي پنهنجي سرزمين تي جلسو ڪرڻ يا سياسي سرگرمين جي اجازت ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي سعودي عرب پاران ڏيڍ ارب ڊالر رقم ملڻ بابت معاملو اٿاريو ويندو ته قوم کي هيءَ رقم ڪيئن ۽ وياج جي ڪهڙي شرح تي واپس ڪرڻي پوندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان طالبان سان ڳالهين جي مخالفت نٿا ڪريون پر جڏهن دهشتگردي ۽ ڳالهيون گڏوگڏ هلنديون رهن ته قوم ۾ مايوسي پيدا ٿيندي آهي. هن چيو ته اسان حڪومت ۽ طالبان ڳالهين مان پراميد نه آهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 3 مارچ جو معاملو به سينيٽ ۾ اٿاريو ويندو، ڇو ته جاچ آفيسرن جو چوڻ آهي ته عدالت تي 7 کان 8 ماڻهن حملو ڪيو هو ۽ ريڊر جو چوڻ آهي ته جج رفعاقت احمد خان کي طالبان گولي هئين هئي ته وفاقي گهرو وزير حملي جي اڳ ئين ڏينهن قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ اهو ڪيئن چيو ته حملا آور صرف 2 هئا ۽ اهي ٻئي مارجي ويا هئا. هن چيو ته ڪنهن جي چوڻ تي طالبان کي ڪلين چٽ ڏنو هاڻ جيڪڏهن ڪو ملزم گرفتار به ڪيو ته اهو ان بنياد تي آزاد ٿي ويندو ته گهرو وزير چئي چڪو آهي ته 2 حملا آور هئا، جيڪي ٻئي مارجي ويا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو