Home / سنڌ افيئر / ۽ جڏهن ڪو ڀيل باگڙي اقليتن جي نمائندگي ڪندو!
above article banner

۽ جڏهن ڪو ڀيل باگڙي اقليتن جي نمائندگي ڪندو!

Ram Oadاسان وٽ “اقليت” لفظ صرف مذهبي ٿورائي وارن ماڻهن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. يعني عيسائي، احمدي، هندو وغيره اهي ڪنهن به صورت ۾ اقليت ۾ ناهن، جڏهن قومن جي ڳالهه هجي ٿي يا ڪنهن به قوم جي تشڪيل ۾ اقليت ۽ اڪثريت وارو اشو وجود ئي نٿو رکي، ڇاڪاڻ ته انهي سرزمين ۾ موجود سڀ ماڻهو، چاهي ڪهڙي به مذهب، ذات فرقي سان واسطو رکن، هڪ قوم جو تصور جوڙين ٿا. جيڪڏهن هڪ قوم جو تصور مذهبي نقطئه نگاهه کان ورتو وڃي ٿو ته پوءِ عوام “ اقليت“ ، “اڪثريت” ۽ ٻين گهڻين ڳالهين ۾ ورهايل هوندو.! ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجي ڪتاب “پاڪستاني معاشرو” ۾ لکي ٿو ته : “پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به ٻه قومي نظريي کي برقرار رکيو ويو. جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو مذهبي اقليتن کي قوميت مان خارج ڪيو ويو. ان سبب پاڪستان جي رياست موجوده دور جي نظرئي مطابق قومي رياست نه، بلڪه مذهبي رياست ٿي وئي آهي”

مذهبي اقليتن کي هتي اهو احساس گهيري ويو آهي ته سندن حق برابر نه آهن. سندن آواز کي دٻايو وڃي ٿو. کين اهو محسوس ٿئي ٿو ته هتي تعصب وارو رويو روا رکيو وڃي ٿو. هو احساس ڪمتري جو شڪار ٿي ويا آهن. هونئن ته سڄي سنڌ بدامني جي باهه ۾ آهي، پر مذهبي اقليتن کي اغوا ڪرڻ، يا سندن گهرن ۾ ڦر ڪرڻ ۽ ڌاڙا هڻڻ کي آسان سمجهيو وڃي ٿو.

15

ميرپور خاص ريلوي اسٽيشن تي ڇنڇر واري رات رش انهي ڪري وڌيڪ هجي ٿي ته عمرڪوٽ، مٺي، سانگهڙ ۽ ٻين ضلعن مان ماڻهو هندستان لڏي وڃي رهيا آهن. گذريل ڪجهه سالن کان لڏ پلاڻ ۾ واڌ ٿي آهي. ماڻهن ۾ حراس آهي. هڪڙا وڃن ٿا ته پويان ٻيا لڏي وڃڻ جو منصوبو جوڙين ٿا. ويندڙ ماڻهن کان پڇو ته چوندا عزت محفوظ ناهي، مختلف مسئلن ۾ ڦاسايو وڃي ٿو. ڌرتي ٽامو ڪئي ويئي آهي. ڪير ٻڌڻ وارو ڪونهي. ڌاڙا ۽ وارداتون آهن. انتهاپسندي وڌي ويئي آهي، ڇوڪرين جو زوري زبردستي مذهب مٽايو وڃي ٿو.

ميڊيا ۽ سول سوسائٽي ڪجهه هي تاثر ڏنا آهن ته : ڇوڪرين کي محبت جي چڪر ۾ آڻي برين واش ڪري مذهب تبديل ڪيو وڃي ٿو. ڇوڪري کي مائٽن سان ملڻ نٿو ڏنو وڃي، عدالت ۾ پريشر ڏئي موقف تبديل ڪرايو وڃي ٿو. محبت واري شادي جي نالي ۾ اهو سڀ ڪجهه وڌيڪ ٿئي ٿو.

حقيقت ۾ ڪجهه شين کي هوا ڏئي وڌائي پيش ڪيو ويو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون ڪٿي به نه ڏٺو آهي ته ڪو زوري مذهب مٽايو وڃي ٿو، در اصل اهو اشو نام نهاد “ اقليت” ۽ “ شيڊول ڪاسٽ” جي نالي سان ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي پيدوار آهي، جيڪي ڪروڙين روپيا هڙپ ڪري، صرف شادين جي رجسٽريشن جو مطالبو ڪن ٿا! زوري مذهب مٽائڻ واري اشو کي ايڏو وڌائي پيش نه ڪيو وڃي. هڪ نطقئه نظر هي به آهي ته اهو مسئلو ڪنهن جي رضا خوشي کانسواءِ ممڪن ڪونهي. لاڳاپن جي نوعيت غلط ٿي سگهي ٿي، يا اها ڇوڪري ان لاڳاپي ۾ ڪيترو Involve آهي؟ واري ڳالهه کي ذهن نشين ڪرڻ ضروري آهي. 

مذهبي اقيلت واري مامري سان ڪافي شيون لاڳاپيل آهي: ڏسجي ته سنڌ ۾ مذهبي اقليت جي نمائندگي انهن وٽ آهي، جيڪي وڏا سيٺ ۽ سرمائيدار آهن. اقتدار جي راڻي پرچي ئي سرمائيدارن وٽ ٿي. هنن جون اوليتون عام غريب ماڻهو جي مسئلن سان تضاد ۾ آهن. اهي ڪروڙين روپين جا بريف ڪيس ڏيئي ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي سيٽ خريد ڪن ٿا. اڳتي هلي اهي سياست کي ڪاروبار نه بڻائيندا ته ٻيو ڇا ڪندا؟ انهن لاءِ سياست به هڪ ڪاروباري انڊسٽري آهي.

سنڌ ۾ انهي حوالي سان اقتدار پرست سياسي پارٽين جو جائزو وٺي سگهجي ٿو. ڪافي شيون ظاهر پيون آهن. هڪ ته اهي ساڳيا پراڻا ماڻهو آهن، جن کي پارٽي ٽڪيٽ ملي ٿي، يا مخصوص سيٽ ملي ٿي. هنن جا آدرش مٽجي چڪا آهن. ٻيو ته اهي نام نهاد جمهوريت پسند پارٽيون ڪنهن پوئتي پيل قبيلي جي طبقي مان (ڀيل، باگڙي، ڪولهي، اوڏ) حقيقي پڙهيل لکيل نوجوانن کي اڳتي آڻڻ کان انڪاري آهن ۽ اهي قبيلا صدين کان وڏيرا شاهي جي ڪتاب هيٺ آهن. پوءِ ڇو نٿو هنن ماڻهن کي اقتداري ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي، جو اهي استحصال ڪندڙن جو احستاب ڪري سگهن؟

جڏهن اهي پوئتي پيل قبيلن جا ماڻهو وڏيرن ۽ سردارن جي دقيانوسي سوچ کان بيزار ٿيا. جڏهن انهن ماڻهن، ڀوتارن جي ظلم جو ازالو ڪرڻ جو ڪو رستو نه ڏنو ۽ اهم ڳالهه ته اقتدار پرست پارٽين جي وڏيرن مقامي چڱن مڙسن ۽ پٽيلن جي مدد سان کين صرف ووٽ ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. سندن ڏک، درد ۽ مسئلن جو حل جڏهن انهن جي اوطاقن تي نه ٿيو، يا اڃا به ٻي اهم ڳالهه ته هنن پارٽين مذهبي اقيلت جي نمائندگي لاءِ ڪڏهن موقعو نه ڏنو ته انهن پوئتي پيل قبيلن جي ماڻهن ٻي ڪا راهه، ڪو رستو نه ڏسي هڪ نسلي تنظيم ۾ شموليت ڪئي. هن تنظيم ۾ هڪ ٻه ايم پي اي ٿيا، ته پوءِ “پڙهيل لکيل ۽ باشعور” نوجوان به ڪاهي پيا! 

ٽيل پيس: مذهبي اقليتن کي عدم تحفظ واري احساس مان ٻاهر نڪري، ذهني طور تي مثبت سوچ رکڻ گهرجي. علحده ٿي، سنڌ ڇڏي وڃڻ بجاءِ ترقي جي ڌارا ۽ سماج جي شعوري روش ۾ حصو وٺي اقليت ۽ اڪثريت جي فرق کي ختم ڪرڻ گهرجي. ايئن ممڪن آهي، جڏهن هو سياسي توڙي سماجي فورمن ۾ شموليت اختيار ڪندا. ڪافي وطن دوست، جمهوريت پسند ۽ سوشلسٽ پارٽيون آهن، جن ۾ مذهبي اقليتن جي شموليت نالي ماتر آهي. اهي پارٽيون جڏهن مذهبي اقليت سان ٿيندڙ هر ناانصافي ۾ گڏ هجن ٿيون، ساٿ ڏين ٿيون ته پوءِ مذهبي اقليتي ماڻهن کي به اڳتي اچي، جدوجهد ڪرڻ گهرجي ۽ احساس ڪمتري کي دور ڪرڻ گهرجي. اقليت ۽ اڪثريت جا نام نهاد نالا ڏئي، سنڌي ماڻهن ۾ ويڇا وجهڻ واي ذهنيت غير نظرياتي ۽ غير منطقي پروپيگنڊا آهي.

below article banner

هڪ رايو

  1. eho sbh tanzimon black mailing te bdhal aen criminals khe protection deon lae aahan chho ta asan gi sind mein aqlieatan ji aksriat dohan ji dunia ja rhaka aen raw lae kam kan tha aen aqliaten jon tanzimon hunan khe protection deon thion

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو