Home / سياسي افيئر / 4 اپريل، تاريخ جو ڪارو ڏينهن!
above article banner

4 اپريل، تاريخ جو ڪارو ڏينهن!

sanaهر سال بهار جي موسم جتي هرٽاري ۾ نوان، گل ۽ ڌرتي تي ساواڻ آڻي ٿي اتي سنڌ لاءِ گلابن جي ڳاڙهاڻ بجاءِ ڳوڙها آڻي ٿي، جيڪي ڳلن تي برسات جيان وسن ٿا. اڄ ان جي ورسي آهي. 4 اپريل 1979ع جي ڳالهه آهي جڏهن سج پنهنجي ڳاڙهاڻ ۾ ڍلجي وڻن مان پن گل خزان جي جهوٽي جيان ڇڻڻ لڳا هئا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اهڙي گهڻ رخي شخصيت آهي جنهن کي وقت جي دز گمنامي جي غار ۾ اڇلائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. پر جيئن وقت گذرندو ٿو وڃي تيئن تيئن سندس شخصيت وڌيڪ اجري بڻجندي پئي وڃي.
وادي سنڌ ڏاهپ ۽ ڏانءُ جي حيثيت سان انقلاب ۽ قومي بقاءُ جي جنگ ۽ فڪري روين جي جهت سان علمي سياسي شخصيتون پيدا ڪيون آهن. انهن سڀني ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت فڪر ۽ فلسفي جي هڪ الڳ حيثيت آهي، سندس نالو انهن ۾ سر فهرست آهي اهل سنڌکي نئين زندگي، بي جان جسمن ۾ ساهه ڦوڪيندڙ ذلفي هميشه دل جي ڌڙڪن ۾ سمايل آهي. شهيد ڀٽي جي ذات ڏکين کان ڏکين ۽ اذيتناڪ حالتن مان گذري هن بيباڪ اڻموٽ شخص پنهنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي ۽ انهن سان مهاڏو اٽڪايو جيڪي پاڪستان کي ليبارٽري طور استعمال ڪري نت نوان تجربا ڪندا رهيا. سختين سندس عزم ۽ فڪري استقلال کي وڌيڪ سگهارو ڪيو.
ڪجهه ماڻهو مري وڃڻ جي باوجود زندهه ۽ طاقتور هوندا آهن زندهه ڀٽي کان شهيد هزار بار طاقتور ۽ هڪ انقلاب جي علامت ٿي اڀريو جنهن پنهنجي فڪري ائپروچ ذريعي پنهنجا پوئلڳ پيدا ڪيا. بقول ڀٽائي جي “همه منصور هزار ڪهڙا چاڙهيو چاڙهئين” هتي ته ملڪ مڙيوئي منصور آهي، جتي ڀٽو جو فڪر موجود آهي اتي ڀٽو موجود آهي. شهيد ڀٽي ملڪي حالتن ۽ عالمي تناظر جي روين کي ذهن ۾ رکي پنهنجي سياسي فلسفي ۽ نظريي جي شروعات ڪئي. پاڪستان جنهن طرز سان وجود ۾ آيو ته ڌرتي جا غدار مير جعفر جهڙا سپوت ان کي ڪرپشن جي ور چاڙهي عوام کي ڏڪار ۽ بک جي حالت ۾ ڇڏي چڪا هئا ۽ هڪ کان بعد هڪ حڪمران پنهنجا تجربا ڪرڻ لڳو. سامراج طرفان انجي بقا جو تصور عالمي طور تي مشڪوڪ هو، ڀٽي صاحب ان تصور کي مٽائي هڪ مضبوط فلاحي رياست بڻائي. ڀٽي صاحب محسوس ڪيو هو ته ملڪ جي خودمختياري مشڪوڪ صورتحال سان لاڳاپيل آهي تنهن ڪري، ٽيڪنالاجي ۽ سائنس کانسواءِ ملڪ اندر افرادي قوت به بيڪار ٿي پوندي ۽ رياست جي بقا لاءِ ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ لازم سمجهيو. دنيا اندر ڪجهه ئي ملڪ هئا جيڪي ايٽمي طاقت رکن پيا. ائٽمي قوت جي خطرن سبب ڀٽي صاحب ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ لاءِ جتن ڪيا جڏهن ته سپر پاور جي ڌمڪين ۽ مالي دٻاءُ باوجود به پوئتي نه هٽيو. اسلامي بلاڪ جو وجود ان ذريعي عالمي اسلامي، بينڪ جو قيام ، اسلامي سرمائيداري ذخيرن جي گڏيل حڪمت عملي هئي. اهي سڀ اهڙا قدم هئا جيڪي آمريڪا لاءِ سڌو سنئون خطرو هئا پر ان کان اول سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو هن کي تخته دار تي پهچايو ويو.

29
شهيد ڀٽي جي اصل ميراث عوامي بهبود، عوام جي ڀلائي ۽ فلاحي رياست جو قيام، فيوڊل ازم ۽سرمائيداري جو خاتمو ۽ عوامي مساوات کي زندگي جي هر شعبي ۾ قائم ڪرڻ هو، شهيد جي فڪر جا وارث هڏاوان جسم، ميرن، وڏيرن ۽ ظالمن جي ظلم ۾ پيسچندڙ عوام هو ۽ آهي. حقيقت ۾ ڀٽو پنهنجي شهادت کانپوءِ به به نئين جنريشن ۾ زندهه آهي، جيڪڏهن ڀٽو صاحب سياسي تاريخ جو حصو نه هجي ها ته اڄ پاڪستان جو نانءُ شايد ئي اڪريل هجي ها. سندس نظريو ملڪ اندر غريب جو ٻار پڙهي، سندن گهرهجن ۽ ان نظريي کي وڌائڻ لاءِ ان هارين مز دورن ۽ شاگردن جي ڀلائي لاءِ قدم کنيا ۽ ساڻن هم قدم رهيو ۽ اڄ به ڀٽو ان ئي غريب بي پهچ دلين ۾ زندهه آهي.
“ ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا.”
گهاريل ڌرتي جي سيني جي اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي
جا دنيا کي بدلائي ٿي…
ڀٽو جيڪو وقت جي عدالت جو اهم قيدي هو اڄ جنهن اڳيان تاريخ شرمسار آهي ۽ کيس ڦاهي چاڙهيندڙ منصف به مڃين ٿا ته اهو قتل سياسي هو ۽ گناهه هو. اڄ اهو ڀٽو عوام جي دلين ۾ راڄ ڪري ٿو. ڳڙهي خدا بخش جي مٽي ۾ سندس دفن ٿيل جسم اڄ به معطر آهي.

sanadashti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو