Home / ڪرنٽ نيوز / آءِ ايس آءِ معتبر ادارو آهي، الزام بند ڪيا وڃن، قانوني ڪارروائي ڪري سگهون ٿا: پاڪ فوج
above article banner

آءِ ايس آءِ معتبر ادارو آهي، الزام بند ڪيا وڃن، قانوني ڪارروائي ڪري سگهون ٿا: پاڪ فوج

Pakistan_Army-Logo-300x208 پاڪ فوج حامد مير تي حملي جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ واري اعلان جي آجيان ڪندي ڊي جي آءِ ايس آءِ تي الزام جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ اداري خلاف ڪا غلط ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي. دنيا نيوز جي پروگرام ڪيون؟ ۾ ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصم باجوه چيو ته حڪومت جي جوڙيل عدالتي جاچ ڪميشن جي آجيان ڪريون ٿا ۽ ان سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. هن چيو ته فوج جي موجوده قيادت کي حالتن جو پورو احساس آهي. حامد مير تي حملو شرپسند عنصرن ڪيو. آءِ ايس آءِ هڪ باوقار ۽ معتبر ادارو آهي. ان تي الزام گمراهه ڪندڙ آهن. اهو سلسلو بند ڪيو وڃي. فوج تي الزام ملڪ جو دفاع ڪمزور ڪرڻ برابر آهن. اهي بند ڪرڻا پوندا. هن چيو ته آءِ ايس آءِ تي الزامن سان سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿي، انهن الزامن جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ان تي قانوني ڪارروائي جو به سوچيو پيو وڃي. هن چيو ته قومي ادارن خلاف ڪا به غلط ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو