Home / ڪرنٽ نيوز / آصف علي زرداري پاران مٺي سول اسپتال جو دورو
above article banner

آصف علي زرداري پاران مٺي سول اسپتال جو دورو

drought-hit-tharparkar-to-have-a-university-soon-zardari-1397825990-3143اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، ڏڪاريل ڏيهه ٿر واسين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به بک وگهي ۽ علاج سبب مرڻ نه ڏنو ويندو، انتظامي ڪمن ۾ غلفت ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اڳوڻو صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ڏُڪار جــِي صورتحال کانپوءِ پهريون ڀيرو ٿر جي دوري تي مٺي پهتو، جنهن دوران سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پڻ ساڻس گڏ هو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ سرڪٽ هائوس مٺي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کيس وڏي وزير، رليف ڪمشنر ۽ ڊي سي ڏڪار واري صورتحال بابت بريفنگ ڏني. اڳوڻي صدر سول اسپتال پهچي علاج هيٺ مريضن جي عيادت پڻ ڪئي. ان موقعي تي لاڳاپيل عملدارن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي ٿر ۾ ڏُڪار جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آصف زرداري ٿر ۾ پيدا ٿيل ڏڪار واري صورتحال کانپوءِ سنڌ سرڪار توڙي ضلعي انتظاميا پاران ورتل اپائن جو پڻ جائزو ورتو. ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻين جي موجودگي سان شهيد راڻي جو خواب پورو ٿيو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ٿر واسين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪنهن کي به علاج ۽ بک وگهي مرڻ نه ڏنو ويندو. ان کان اڳ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري آر او پلانٽ واري منصوبي جو دورو پڻ ڪيو، جتي کيس ان رٿا بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. آصف علي زرداري جي مٺي آمد جي موقعي تي سڪيورٽي جا پڻ انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا، جڏهن ته ميڊيا جي نمائندن کي پڻ ڪوريج کان روڪي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو