Home / ڪرنٽ نيوز / ارسا پنجاب جي فرمائش تي تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال کولي ڇڏيو،سنڌ جو احتجاج رد
above article banner

ارسا پنجاب جي فرمائش تي تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال کولي ڇڏيو،سنڌ جو احتجاج رد

greater-thal-canal ارسا پنجاب جي درخواست تي گريٽر ٿل ڪئنال کولي ڇڏيو، سنڌ جي ميمبرن جو سخت احتجاج، سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏيڻ جو مطالبو، جڏهن ته ارسا چيو آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملي رهيو آهي، هڪ خانگي ٽي وي چئنل مطابق ارسا پنجاب جي درخواست تي گريٽر ٿل ڪئنال کي کولي ڇڏيو آهي، جنهن سبب سنڌو درياهه مان گريٽر ٿل ڪئنال جي ذريعي 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي، گريٽر ٿل ڪئنال ذريعي ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي مان پنجاب جون غير آباد زمينون آباد ڪيون وينديون، هوڏانهن ارسا ۾ مقرر ٿيل سنڌ جي ميمبرن گريٽر ٿل ڪئنال کي کولڻ واري ارسا جي فيصلي جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، ارسا ۾ سنڌ جي ميمبرن پنهنجي مؤقف ۾ چيو آهي ته اسان کي ارسا طرفان گريٽر ٿل ڪئنال کولڻ واري فيصلي تي سخت اعتراض آهن ۽ اسان ان فيصلي جي مخالفت ڪريون ٿا، سنڌ جي ميمبرن مطالبو ڪيو ته ارسا سڀ کان پهرين سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪري، ان تي ارسا رد عمل ۾ چيو آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملي رهيو آهي، سنڌ هميشه گريٽر ٿل ڪئنال تي اعتراض واريو آهي. ذريعن مطابق سنڌ جي نمائندن کي گريٽر ٿل ڪئنال کولڻ جي باري ۾ ڪابه آگاهي نه ڏني وئي هئي، هوڏانهن خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي نمائندن ارسا جي گريٽر ٿل ڪئنال کولڻ واري فيصلي جي مخالفت نه ڪئي ۽ ان فيصلي جي حمايت ڪري ڇڏي، اجلاس ۾ پنجاب جي نمائندي حصي کان وڌيڪ 21 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ جي درخواست به ڪئي جيڪا رد ڪري صوبي کي حصي تحت 16 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو