Home / ڪرنٽ نيوز / ايم ڪيو ايم جو تحفظ پاڪستان آرڊيننس خلاف ڪراچيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو
above article banner

ايم ڪيو ايم جو تحفظ پاڪستان آرڊيننس خلاف ڪراچيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو

2878f23aed53876a86c5a15efbbdbb20_M

ايم ڪيو ايم پاران تحفظ پاڪستان آرڊيننس خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي. مظاهري
کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن تي صوبائي حڪومت ۽ فوج بي وس آهي، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انصاف نٿا ڏئي سگهن هڪ پاسي ٿي وڃن. جيڪڏهن پوليس بي وس آهي ته اسان کي ٻڌائي ٻڌائين ته پوءِ اسين هونداسين ۽ سادا ڪپڙي پهريل اهلڪار، جيڪڏهن سادا ڪپڙا پهريل آڏو آهن ته پوءِ اسين به سادا ڪپڙا پهري اينداسين، اسان وٽ اطلاع آهن ته سادن ڪپڙن وارا اهلڪار ڪير آهن. ڪراچي ۾ ريليءَ کي خطاب ڪندي فاروق ستار چيو ته مظاهري کي ٽريلر سمجهيو وڃي، انهيءَ سان آئينده هلندڙ فلم جو اندازو لڳايو وڃي، آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ احتجاج ڪري رهmqm-to-protest-in-karachi-today-1397709620-5265يا آهيون. اڄ اسان کي باهه ۽ رت جو دريا پار ڪرڻو پيو ته ڪنداسين. هن چيو ته احتجاجي ريلي سوال ڪري رهي آهي ته ڇا پاڪستان ۾ آئين نالي جي ڪابه چيز ناهي؟ ايم ڪيو ايم جا 45 ڪارڪن گم آهن، 00 ٽارگيت ڪلنگ جو شڪار ٿيا، 25 ڪارڪنن کي گولين سان پروڻ ٿيل لاش مليا آهن، 25 ڪارڪنن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو جڏهن ته 35 ساٿين جي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي. هن چيو ته ڪراچي جون مائرون، ڀينرون، ڌيئرون ۽ بزرگ ۽ هر ٻار گم ٿيل ڪارڪنن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم اڳواڻ حيدر عباس رضوي ريليءَ کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ٽارگيٽيڊ آپريشن جي مطالبي تي ڪوبه شرم ناهي، شهر ۾ ڀتا خور، مافيا، پابندي مڙهيل تنظيم آزاد گهمي رهيا آهن، اڄ انتهائي تڪليف ڏيندڙ ڏينهن آهي، محدود مظاهرو ڪيو آهي، جيڪڏهن هي مظاهرو ٽوڪن نه ٿيو ته پوءِ هتي ڪهڙي صورتحال هوندي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم شهر ۾ قانون جي عملداري گهري ٿي، ڇا قانون جي حڪمراني گهرڻ ڏوهه آهي. مائرون ۽ ڀينرون پيارن لاءِ دربدر جون ٺوڪرون کائي رهيون آهن. مڪافات عمل کان ڊڄو، هر ظلم کي مٽڻو آهي. اسان سڄي پاڪستان جو ڀلو چاهيون ٿا. هن چيو ته سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار ماڻهن کي اغوا ۽ قتل ڪمندي قانون کي لاقانونيت ذريعي لاڳو نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف اڳيان هٿ ٻڌا ٿو ته تحفظ پاڪستان آرڊيننس جو ڪارو ڪانون اسان تي لاڳو نه ڪريو. هن چيو ته اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري تشدد ڪيو پيو وڃي، اسان جو ڏوهه اهو آهي ته اسان حق پرست آهيون ۽ الطاف حسين کي اڳواڻ مڃون ٿا. اڄ جو احتجاج علامتي آهي، اسان پنهنجو احتجاج مٿئين ايوانن تائين پهچائڻ چاهيون ٿا. ريليءَ کي خطاب ڪندي خواجه اظهار الحسن چيو ته شهر ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن چاهيون ٿا، ڇا اها ڪراچي آپريشن جو مطالبو ڪرڻ جي سزا آهي، ڪو ڏوهاري آهي ته عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪارڪنن کي اغوا، گم ڪرڻ ڪهڙي جمهوريت آهي، اسان جا جنازا کڻڻ وارو ڪير به ناهي، انساني حقن جون تنظيمون اسان جو آواز اختيارين تائين پهچائين. هن چيو ته فوج، پوليس، رينجرز جي مضبوطي جا خواهشمند آهيون، اسين جمهوريت جو ساٿ ڏيندڙ ماڻهون آهيون. اسان کي جمهوريت بچائڻ جي سزا نه ڏني وڃي. هن چيو ته چئن مهينن ۾ ٻيو ڀيرو احتجاج ڪري رهيا آهيون، جيستائين اسان جو هڪ به ڪارڪن گم آهي، بازيابي لاءِ مظاهرا ڪندا رهنداسين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو