ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿي وئي آهي. ڊاڪٽر صغير احمد ۽ رئوف صديقي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. گورنر هائوس ۾ حلف برداري جي تقريب ٿي، تقريب ۾ وڏي وزير سيد قائم شاهه موجود هو. گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان ايم ڪيو ايم جي وزيرن ڊاڪٽر صغير احمد ۽ رئوف صديقي کان حلف ورتو. ذريعن موجب گورنر هائوس ۾ حلف کڻڻ واري تقريب ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ به شريڪ ٿيا.