Home / ڪرنٽ نيوز / تحريڪ طالبان 10 اپريل تائين جنگبندي ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو
above article banner

تحريڪ طالبان 10 اپريل تائين جنگبندي ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Photo_506پابندي مڙهيل تنظيم، تحريڪ طالبان پاڪستان جنگبندي ۾ 10 اپريل تائين واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ترجمان شاهد الله شاهد جو چوڻ آهي ته 10 تاريخ کانپوءِ طالبان شوريٰ ايندڙ حڪمت عملي بابت فيصلو ڪندي. هڪ جاري ڪيل بيان ۾ تحريڪ طالبان جي ترجمان شاهد الله شاهد چيو ته هو 10 اپريل تائين جنگبندي ۾ واڌ جو اعلان ڪن ٿا ۽ سمورن طالبان گروپن کي ان مدت دوران حڪومت ۽ فورسز خلاف ڪارروايون معطل رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جنگبندي ۾ وڌيڪ واڌ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو طالبان شوريٰ 10 اپريل کانپوءِ ڪندي. شاهد الله شاهد چيو ته هـُو جنگبندي جو مدو ختم ٿيڻ باوجود حڪومت جي جواب جا منتظر آهن ۽ سرڪار طرفان خاموشي اختيار ڪرڻ تي ماڻهو پريشاني جو شڪار آهن. تحريڪ طالبان جي ترجمان چيو ته امن خاطر ڳالهين ۾ ذميواري ۽ سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ شروعاتي طور تي آسان شرط حڪومت جي سامهون رکيون ويون آهن. واضح رهي ته حڪومت ۽ طالبان ۾ باضابطه ڳالهيون شروع ٿيڻ کانپوءِ طالبان ۽ حڪومت طرفان هڪ مهيني تائني جنگبندي جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن جو مدو 31 مارچ تي پورو ٿي ويو هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو