Home / ڪرنٽ نيوز / تحفظ پاڪستان بل سينيٽ ۾ پيش، مخالف ڌر جو سخت احتجاج، ڊپٽي چيئرمين بل لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو
above article banner

تحفظ پاڪستان بل سينيٽ ۾ پيش، مخالف ڌر جو سخت احتجاج، ڊپٽي چيئرمين بل لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو

as

وفاقي حڪومت، تحفظ پاڪستان بل 2014 سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر جي سخت احتجاج کانپوءِ ڊپٽي چيئرمين بل لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو. سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين صابر بلوچ جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد، قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل تحفظ پاڪستان بل 2014 پيش ڪيو. بل جي پيش ٿيڻ تي مخالف ڌر سخت احتجاج ڪيو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جا ميمبر ” بل نا منظور“ هئڻ جا نعرا هڻي رهيا هئا. پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني چيو ته تحفظ پاڪستان بل ڪارو قانون آهي، جنهن ۾ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. رضا رباني چيو ته تحفظ پاڪستان بل قومي اسيمبلي مان منظور ڪري ايوان کي بلڊوز ڪيو ويو آهي. عوامي نيشنل پارٽي جي سينيٽر حاجي عديل چيو ته هو اهڙي بل جي مخالفت ڪن ٿا، جيڪڏهن تحفظ پاڪستان بل 2014 منظور ٿيو ته عوام جي تحفظ لاءِ حڪومت کي نئون بل آڻڻو پوندو. سينيٽر حاجي عديل چيو ته بل جي منظوري لاءِ ايوان کي ڪميتي جو درجو ڏنو وڃي. ايم ڪيو ايم جي سينيٽر طاهر مشهدي چيو ته تحفظ پاڪستان آرڊيننس ڪارو قانون آهي، جنهن ذريعي عوام تي ظلم ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته هي بل ڪو پراڻو قانون ناهي، هن بل ۾ 1997 جون دهشتگردي جي خاتمي واريون ڪيتريون ئي شقون شامل ڪيون ويو آهن. طاهر مشهدي چيو ته حڪومت پراڻي قانون تي عملدرآمد ڇو نه ڪرائي رهي آهي، نوان قانون ڇو آندا پيا وڃن. ايوان ۾ ميمبرن جي سخت احتجاج کانپوءِ ڊپٽي چيئرمين تحفظ پاڪستان بل لاڳاپيل ڪميٽيءَ حوالي ڪري ڇڏيو

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو