Home / ڪرنٽ نيوز / جمهوريت جي تحفظ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪبي، نواز شريف ۽ آصف زرداري ۾ ملاقات دوران اتفاق
above article banner

جمهوريت جي تحفظ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪبي، نواز شريف ۽ آصف زرداري ۾ ملاقات دوران اتفاق

 وزير17اعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وچ ۾ ملاقات ۾ حڪومت ۽ فوج ۾ ڇڪتاڻ، پرويز مشرف معاملي، طالبان سان ڳالهين، تحفظ پاڪستان آرڊيننس ۽ ٻين معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا. جمهوريت جي تحفظ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۾ وفدن جي سطح کانپوءِ ون آن ون ملاقات به ٿي، وزيراعظم نواز شريف پاران اڳوڻي صدر ۽ وفد جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو ويو آهي، ٻنهي اڳواڻن خوشگوار موڊ ۾ گڏجي ماني کاڌي. ان کان اڳ وزيراعظم هائوس پهچڻ تي نواز شريف آصف زرداري جو شاندار استقبال ڪيو، خورشيد شاهه، مراد علي شاهه، سينيٽر رضا رباني، قانوني ماهر زاهد حامد، اسحاق ڊار ۽ ٻيا اڳواڻ ملاقات ۾ موجود هئا، ملاقات ۾ حڪومت ۽ فوج ۾ ڇڪتاڻ، پرويز مشرف معاملي، طالبان سان ڳالهين، تحفظ پاڪستان آرڊيننس ۽ ٻين معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا.اڳوڻو صدر آصف علي زرداري نور خان ايئر بيس تان وزيراعظم هائوس پهتو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ وڏي وزير قائم علي شاهه جو صلاحڪار مراد علي شاهه به گڏ هئا.وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۾ پهريان وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي جنهن ۾ خورشيد شاهه، مراد علي شاهه، سينيٽر رضا رباني، قانوني ماهر زاهد حامد، اسحاق ڊار ۽ فواد حسن شرڪت ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏجاڻي ۾ قانوني ماهر زاهد حامد تحفظ پاڪستان بل، فواد حسن طالبان سان ڳالهين ۽ اسحاق ڊار معاشي صورتحلا بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال، حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ ڇڪتاڻ، پرويز مشرف جي معاملي، طالبان سان ڳالهين، تحفظ پاڪستان آرڊيننس ۽ ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن ۾ ون آن ون ملاقات ٿي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم نواز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي تحفظ پاڪستان آرڊيننس ۽ ٻين معاملن تي پيپلز پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ اهو به چيو آهي ته حڪومت طالبان سان ڳالهين ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ سلمان تاثير جي پٽن جي آزادي وارو معاملو شامل ڪندي ۽ کين آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.ملاقات ۾ جمهوريت جي تحفظ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، بعد ۾ وزيراعظم نواز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ودف جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو.غير جمهوري قوتن خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق، ملڪي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ ڇاهيون ٿا، وزيراعظم، جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن ان جي بقا لاءِ به جدوجهد جاري رکي ويندي، اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي 35 ارب ڏيڻ جو مطالبو، تحفظ آرڊيننس پاڪستان ۾ ترميم تي راضپو، رضا رباني ترميمي مسودو پيش ڪري ڇڏيو. ) وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن هڪ بهتر مستقبل جي لاءِ سيڪيورٽي، صحت، تعليم ۽ غربت سميت ملڪ کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن ادارن جي احترام ۽ مضبوطي جي لاءِ پنهنجو عزم ظاهر ڪيو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ سياسي ادارن جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. مختلف صوبن ۾ عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ جي فيصلي ۽ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ جاري تعاون کي به ساراهيو. وزيراعظم نواز شريف اڳوڻي صدر ۽ سندس ٽيم کي پنهنجي ترقياتي ويزن ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ منصوبن کي ترجيح ڏني وئي آهي، سنڌ ۾ توانائي ۽ انفرااسٽرڪچر جي شعبي ۾ ڪيترائي منصوبا پهرين ٽن سالن دوران ترجيح بنياد تي عمل درآمد جي لاءِ شامل ڪيا ويا آهن. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سنڌ ۾ عملدرآمدي نظام کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ملاقات ۾ تحفظ پاڪستان آرڊيننس، دهشتگردي جي خاتمي جي ايڪٽ ۾ ترميمن سميت مختلف قانونسازي جي معاملن ۽ اڳتي جي قانونسازي جي ايجنڊا تي به غور ڪيو ويو. اهو اتفاق ڏٺو ويو ته سمورن قوتن کي قانونسازي تي ان جي موثر نفاذ جي لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم زاهد حامد کي هدايت ڪئي ته هو سمورن سياسي پارٽين سان هڪ ٻي مشاورت ڪري ته جيئن جيڪڏهن انهن جا ڪي خدشا هجن ته انهن کي ختم ڪري سگهجي. اهو اتفاق ڏٺو ويو ته  پاڪستان جي عوام جون پنهنجن چونڊيل نمائندن مان وڏيون اميدون آهن. ۽ هاڻي اها اڻٽر گهرج آهي ته چونڊيل نمائندا عام ماڻهن جي ضرورتن کي اولين ترجيح ڏيندي انهن جي اميدن تي پورو لهن، جنهن ۾ روزگار، تعليم، صحت ۽ ڇت جي فراهمي شامل آهي، وزيراعظم انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي خصوصي حوالي سان ملڪ ۾ امن امان جي موجوده صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو