Home / ڪرنٽ نيوز / حامد مير تي حملو افسوسناڪ آهي، الزامن خلاف قانوني هرجاڻي دعويٰ ڪنداسين: آءِ ايس پي آر
above article banner

حامد مير تي حملو افسوسناڪ آهي، الزامن خلاف قانوني هرجاڻي دعويٰ ڪنداسين: آءِ ايس پي آر

4ef7c350df8e0200245d2bc33d0a5bbb_M انٽرسروسز پبلڪ رليشن (آئي ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل عاصم باجوه چيو آهي ته سينيئر صحافي حامد مير تي حملو شرپسندن ڪرايو آهي، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل ظهير الاسلام تي الزام بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهن، بي بنياد الزامن سان بدنامي ٿي آهي، قانوني چاره جوئي ڪنداسين. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر جنرل عاصم باوجوه چيو ته انٽرسروسز انٽيليجنس هڪ باوقار ۽ معتبر ادارو آهي. قومي ادارن خلاف ڪابه غلط ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي. جنرل عاصم باوجوه چيو ته فوج جي موجوده قيادت جي موجوده حالتن جو خيال آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل ظهير الاسلام تي الزام بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهن. بي بنياد الزامن سان بدنامي ٿي آهي. حامد مير تي حملو شرپسندن ڪيو آهي. سمورن رخ کان جائزو وٺي آئين ۽ قانون موجب هرجاڻي جي دعويٰ ڪئيويندي. هن چيو ته حامد مير تي حملي جي جانچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي قيام جي آجيان ڪريون ٿا، مڪمل تعاون ڪنداسين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو