Home / ڪرنٽ نيوز / حامد مير کي 6 گوليون لڳڻ جو انڪشاف، جانچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم
above article banner

حامد مير کي 6 گوليون لڳڻ جو انڪشاف، جانچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم

 Hamid-Mirچيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس تصدق حسين جيلاني سينيئر صحافي حامد مير تي قاتلاڻي حملي جي جانچ لاءِ 3 رڪني جوڊيشل ڪميشن قائم ڪري ڇڏي آهي پر واقعي جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ سبب ڪيترائي سوال پئدا ٿي ويا آهن. حڪومت جي درخواست تي چيف جسٽس 3 رڪني جوڊيشل ڪميشن قائم ڪري ڇڏي آهي. ڪميشن ۾ جسٽس انور ظهير جمالي، جسٽس اقبال حميد الرحمان ۽ جسٽس اعجاز افضل شامل آهن. واضح رهي ته حامد مير تي حملو ڇنڇر جي شام سوا پنجين وڏي ڪراچي ۾ اُن وقت ٿيو جڏهن هو قائداعطم انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان آفيس اچي رهيو هو. حامد مير تي حملي جي ايف آءِ آر اڃا تائين داخل ناهي ٿي سگهي. ڪيس داخل نه ٿيڻ تي سول سوسائٽي ۽ ٻين حلقن پاران ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو