Home / ڪرنٽ نيوز / حڪومتي ڪميٽي ۽ طالبان وچ ۾ سڌين ڳالهين ۾ ڪنهن پاران ڪو ئي مطالبو آڏو ناهي آيو: مولانا يوسف شاهه
above article banner

حڪومتي ڪميٽي ۽ طالبان وچ ۾ سڌين ڳالهين ۾ ڪنهن پاران ڪو ئي مطالبو آڏو ناهي آيو: مولانا يوسف شاهه

moطالبان جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر مولانا يوسف شاهه چيو آهي ته حڪومتي ڪميٽي ۽ طالبان وچ ۾ سڌين ڳالهين ۾ ڪنهن طرفان ڪو مطالبو آڏو ناهي آيو پر طالبان مبينا طور حڪومت جي حراست هيٺ غير عسڪري ماڻهو جنهن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن انهن کي آزاد ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. برطانوي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي هن کان سوال ڪيو ويو ته طالبان آخر ڪهڙا مطالبا ڪيا آهن ته مولانا يوسف شاهه چيو ته حڪومتي ۽ طالبان جي شورا جي پهرين ملاقات ۾ ڪنهن پاران ڪي به مطالبا سامهون نه رکيا ويا آهن، جڏهن ته طالبان پهريان کان هڪ تجويز اها ڏني هئي ته غير عسڪري ماڻهو جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن انهن کي آزاد ڪيو وڃي، حڪومت ۽ پاڪستان جي فوج پاران طالبان جي ان تجويز تي رد عمل اچي چڪو آهي ته انهن جي تحويل عورتون ۽ ٻارڙا نه آهن، طالبان جو چوڻ آهي ته ان بابت اعليٰ سطح تي جاچ ٿيڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو