Home / ڪرنٽ نيوز / حڪومت اکيون ٻوٽي فيصلا ڪري رهي آهي: مولانا فضل الرحمان
above article banner

حڪومت اکيون ٻوٽي فيصلا ڪري رهي آهي: مولانا فضل الرحمان

4d88987f531369a4e75e34a63e7ca806_Mجمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت اکيون ٻوٽي فيصلا ڪري رهي آهي ۽ وطن ۾ اهڙا قانون آڻي رهي آهي جيڪي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت لاڳو ڪري ڇڏيا آهن هن چيو ته ڀارت ۾ به شڪ جي بنياد تي گرفتاري انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي ته هتي ڪيئن جائز آهي تحفظ پاڪستان آرڊيننس شرعي ۽ انساني حقن جي خلاف آهي جي يو آءِ هن بل جي مخالفت ڪندي رهندي اهڙن سمورن قانونن جي خلاف جي يو آءِ آواز اٿاريندي ۽ اهڙي ڪاري قانون کي عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو مرڪزي ميڊيا سيل موجب هو هتي پارٽي اڳواڻن سان مولانا قمرالدين مولانا گل نصيب خان مولانا محمد امجد خان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو مولانا فضل الرحمان چيو ته هر اداري کي آئين جي حد ۾ رهڻ گهرجي ۽ ٽراءُ واري پاليسي کان پري رهڻ گهرجي هن چيو ته جي يو آءِ حڪومت ۽ فوج وچ ۾ ٽڪراءُ جي حامي نه آهي ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان مولانا سيد عبدالمجيد نديم شاهه مولانا محمد يوسف سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ديني مدرسه اسلام جا قلعا آهن اتان محبت ۽ ڀائپي جو درس ڏنو وڃي ٿو سلامتي پاليسي ۾ مدرسن جي شق اسلامي ۽ انساني حقن جي خلاف آهي

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو