Home / ڪرنٽ نيوز / ذوالفقار علي ڀٽو جي 35 هين ورسي
above article banner

ذوالفقار علي ڀٽو جي 35 هين ورسي

zulfikar-ali-bhutto11
پيپلز پارٽي جي باني ۽ ملڪ جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀـُٽي جي 35 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قافلن جي ڳڙهي خدا بخش آمد جو سلسلو جاري آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين پ پ اڳواڻن شهيد ذوالفقار علي ڀــُٽي جي مزار تي حاضري ڀري مٿن گلن جي چادر چاڙهي. ڳڙهي خدابخش ڀٽي ۾ پيپلز پارٽي پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي 35 هين ورسي جي سلسلي ۾ اسٽيج ۽ وڏو پنڊال تيار ڪيو ويو آهي. شهيد ڀٽو جي ورسي جي سلسلي ۾ ڳڙهي خدابخش ۽ نئين ديري کي پارٽي جي جهنڊن، بينرز ۽ اڳواڻن جي تصويرن سان سينگاريو ويو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 35 هين ورسي جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي پوليس سميت رينجرز جا 7 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ ليڊي اهلڪار به شامل آهن. جلسي گاهه ۾ داخل ٿيڻ لاءِ واڪ ٿرو گيٽس پڻ لڳايا ويا آهن. صبح 8 وڳي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي مزار تي قرآن خواني ڪرائي وئي، جنهن کانپوءِ لنگر تقسيم ڪيو ويو، جڏهن ته منجهند جو 2 وڳي جلسو ٿيندو، جنهن کي پ پ جو ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زداري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا. هوڏانهن پنجاب، آزاد ڪشمير، خيبرپختونخواه، بلوچستان سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان پ پ ڪارڪنن جا قافلا ڳڙهي خدابخش پهچي رهيا آهن. شهيدن جي شهر ڳڙهي خدابخش ڀــُٽي ۾ عوام پنهنجي شهيد اڳواڻن جي مزارن تي حاضري ڀري کين ڀرپور ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن. سپاف پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽي ۾ شهيد قائد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مير سهراب مري جي اڳواڻي ۾ رت جا ڏيئا ٻاريا ويا. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت پاران شهيد ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي اڄ سڄي سنڌ ۾ عام موڪل ڪئي وئي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو