Home / افيئر / زرعي ملڪ باوجود ماڻهو بک وگهي مرڻ شرم جهڙي ڳالهه آهي: سپريم ڪورٽ
above article banner

زرعي ملڪ باوجود ماڻهو بک وگهي مرڻ شرم جهڙي ڳالهه آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ  چئني صوبن ۾ اٽي جي قيمتن بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته Supreme-Court-with-flagجماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ پاران ملڪ ۾ اٽي جي کوٽ ۽ وڌندڙ قيمتن خلاف داخل درخواست جي سماعت جسٽس جواد احمد ايس خواجه ۽ جسٽس  مشير عالم  تي مشتمل بينچ ڪئي، ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وفاق ۽ صوبا اٽي تي  40 ارب رپيا سالياني سبسڊي ڏين ٿا، جنهن تي جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته عوام جا بنياد حق پورا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي 7 هزار آمدني تي گهر هلائڻ مشڪل آهي، ان ۾ وقار سان زندگي ڪيئن گذاري سگهجي ٿي، حڪومت ٻڌائي. جسٽس جواد خواجه چيو ته اسان جو ملڪ زرعي آهي پوءِ به ڪو بک وگهي مري وڃي ته شرم جهڙي ڳالهه آهي ڪنهن کي ته پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته جيڪڏهن عوام جي مسئلن جي حل ۾ ڪا رڪواٽ محسوس ڪئي ته هليا وينداسين، ان موقعي تي عدالت جي معاون سينٽر رفيق  رجوانه چيو ته فلور مل مالڪ ذخيرو ڪن ٿا، افغانستان ڏانهن ڪڻڪ اسمگل ٿئي اسمگلنگ بابت ڪسٽم اختيارين کان به پچاڻو ڪيو وڃي، جڏهن ته عدالت 10 هزار پگهار 4 ماڻهن  تي مشتمل ڪٽنب جو گذارو ڪئين ٿو ٿئي، معاملي تي ڪميٽي قائم ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي سماعت 22 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو