Home / رانديون / سري لنڪن ٽيم ڀارت کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ورلڊ ٽي-20 جي چيمپئن بڻجي وئي
above article banner

سري لنڪن ٽيم ڀارت کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ورلڊ ٽي-20 جي چيمپئن بڻجي وئي

sri-lanka-asia-cup_0802afp_سري لنڪا ڪمار سنگا ڪارا جي شاندار بيٽنگ عيوض ڀارت کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي  آءِ سي سي ورلڊ ٽي-20 جو ٽائيٽل کٽي ورتو، ڀارتي ٽيم يوراج سنگهه جي انتهائي سست رفتار  بيٽنگ سبب سري لنڪا کي وڏو هدف ڏيڻ  ۾ ناڪام رهي. ڌوني اليون  اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي  4 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنسون ٺاهيون، ويرات ڪوهلي 77 رنسن جي عمده انگز کيڏي جواب ۾ آئي لينڊرز هدف ڪمار سنگا ڪارا جي شاندار ففٽي عيوض 17.5 اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. سنگا ڪارا 52 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي پنهنجي ٽي-20 ڪيريئر جي شاندار پڄاڻي ڪئي. کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ويرات ڪوهلي کي ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. سري لنڪا جي ڪپتان لاسٿ ملنگا ٽاس کٽي اڳ ۾ فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ڪمار سنگا ڪارا  دٻاءَ ۾ اچي پر اعتماد انداز ۾ بيٽنگ ڪئي ۽ 52 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي سري لنڪا جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اهڙي طرح هن پنهنجي ٽي-20 ڪيريئر جي آخري ميچ کي به يادگار بڻائي ڇڏيو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو