Home / اسپيشل افيئر / سنڌين کي اقتصادي قومپرستيءَ جي واٽ وٺڻ جو سڏ مرڪو به سنڌيءَ ۾ !
above article banner

سنڌين کي اقتصادي قومپرستيءَ جي واٽ وٺڻ جو سڏ مرڪو به سنڌيءَ ۾ !

Nasir Aijaz

(افيئر رسالي جي گذريل شماري ۾ ڇپيل منھنجي مضمون ۾ مون ٻولين جي اقتصادي اھميت تي لکندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ اندر مارڪيٽ جي ٻوليءَ طور اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو ھو. منھنجي مضمون جو مرڪزي يا بنيادي خيال ھو “مُرڪو به سنڌيءَ ۾”. دنيا ۾ اھو تصور پراڻو ٿي چڪو آھي ته ٻوليون رُڳو ڪنھن به قوم جو ثقافتي اُھڃاڻ آھن. دنيا جي محققن موجب ٻوليون، خاص طور مادري ٻوليون، نه رُڳو نيشنلزم جو ھڪ اھم جُز آھن پر قومن جي اقتصادي ترقيءَ جو راز به اُن ۾ سمايل آھي. جيئن آمريڪا، ڏکڻ ڪوريا ۾ پنھنجي سيڙپ وڌائي اُتان جي شھر اِنچيان کي انگريزي شھر پڌرو ڪيو ۽ “مُرڪو به انگريزيءَ ۾” جو نعرو ڏنو، تيئن مون تجويز ڏني ھئي ته سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اقتصادي اھميت کي وڌائڻ لاءِ “مُرڪو به سنڌيءَ ۾” نعرو اختيار ڪيو وڃي. منھنجي اِھا سوچ سنڌ ۽ سنڌين جي اقتصادي ترقيءَ واري واٽ وٺڻ واري مقصد تحت آھي ڇو ته موجوده حالتن ۾ سنڌي جيڪڏھن جاگرافيائي ۽ سياسي آجپي حاصل ڪرڻ جي سگھه نٿا رکن ته گھٽ ۾ گھٽ اقتصادي آجپو حاصل ڪري سگھن ٿا۽ ھيءُ اُھو دڳ آھي جنھن تي ھلڻ کان پاڪستان جو ڪو به قانون ۽ آئين روڪي نٿو سگھي. منھنجو ھيءُ مضمون گذريل مضمون جو تسلسل آھي جنھن ۾ مون نيشنلزم ۾ اقتصادي اھميت تي ويچار ونڊيا آھن.)
سنڌ ۾ قومپرستي يا نيشنلزم جو نعرو ھڻڻ تي ملڪ جي ڪنُڊ ڪُڙڇ مان باھوڙ شروع ٿي وڃي ٿي. ايئن لڳندو آھي ڄڻ قومپرستي ڪو وڏو پاپ آھي. ملڪ سان غداري ۽ بغاوت جا الزام ھڻي قومپرستيءَ جي سوچ کي دٻائڻ جي ڪوشش ھن ملڪ جي ٺھڻ کان وٺي لاڳيتو ٿيندي رھي آھي. بلوچن سان به ساڳي جُٺ ٿيندي رھي آھي ته پٺاڻ به ساڳي ٻيڙيءَ جا سوار رھيا آھن. سمجھڻ وارا سمجھن ٿا ته قومپرستيءَ کي دٻائڻ جون ڪوششون ھن غير فطري ملڪ ۾ اقتصادي وسيلن ۽ سياسي حاڪميت تي قبضي کي جاري رکڻ لاء ٿينديون رھيون آھن. اھڙيون ڪوششون پنھنجي جاءِ تي خود ھڪ غير فطري عمل آھي جو قومپرستي ھڪ فطري ۽ قدرتي احساس جو نالو آھي ۽ سڄي دنيا جا ملڪ ۽ قومون قومپرستيءَ جي آڌار ھلي رھيا آھن. گڏيل قومن جي دستاويزن ۾ به واضح طور لکيل آھي ته اُسرندڙ ملڪن اندر نيشنلزم جي لھر اقتصادي محرومي، سماجي ۽ سياسي بحرانن خلاف ھڪ قسم جو احتجاج آھي. اقوامِ متحده ان نيشنلزم کي رد نه ڪيو آھي. اھي ماڻھو بيوقوفن جي جنت ۾ رھن ٿا جيڪي سمجھن ٿا ته دنيا مان نيشنلزم ختم ٿي ويو آھي. خود پاڪستان ۾ قومپرستيءَ جي سوچ کي پاپ سڏي اقتصادي وسيلن ۽ سياسي حاڪميت تي قبضو جاري رکڻ پٺيان به قومپرستيءَ واري سوچ شامل آھي. پنجاب کي مان ان حساب سان وڏو قومپرست سمجھان ٿو جنھن قومپرستيءَ جو نعرو ھڻڻ بدران عملي طور ان کي پنھنجو ھٿيار ٺاھيو ۽ ڪن ٻين ڌرين کي اتحادي ٺاھي وسيلن ۽ سياسي حاڪميت تي قبضو قائم رکيو آھي. انھن مقصدن کي ماڻڻ لاءِ ھنن غير فطري پاڪستاني نيشنلزم کي مڙھڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر ان جي اوٽ ۾ وڏي اقتصادي ترقي ماڻي ورتي.

Picture11
ھاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته قومپرستي ڇاکي چئجي ٿو: قومپرستي قومي جاڳرتا جو نالو آھي. ھيءَ اُھا قومي جاڳرتا آھي جنھن ۾ ھڪ قوم ھُئڻ جو احساس ۽ سوچ جنم وٺن ٿا. دنيا جي سرمائيداري نظام جا باني ۽ دانشور پاڻ چون ٿا ته اھڙي قومي جاڳرتا ۾ جمھوريت ۽ برابريءَ جو احساس سمايل ھوندو آھي. جڏھن قومون قومي خودمختياري حاصل ڪري وٺن ٿيون ته منجھن قومي سڃاڻپ ۽ وقار جو احساس پيدا ٿئي ٿو ۽ اھو احساس اقتصادي واڌ ۽ ترقيءَ ۾ اھم ڪرادار ادا ڪري ٿو.
آمريڪي محقق ۽ ليکڪ لَيه گرينفيلڊ ته ان موضوع تي ٻه ڪتاب به لکي ورتا آھن. دي اسپرٽ آف ڪيپيٽلزم: نيشلزم اينڊ اڪنامڪ گروٿ ۽ ٻئي ڪتاب نيشنلزم: فائيو روڊس ٽُه ماڊرنٽي ۾ ھو لکي ٿو ته نيشنلزم سماجي شعور جو ھڪ منفرد نمونو آھي. نيشنلزم جي اقتصادي اھميت جو جائزو پيش ڪندي ھو چوي ٿو ته نيشنلزم ۽ اقتصاديات وچ ۾ تمام ويجھو ڳانڍاپو آھي. “ان نظرئي ۾ اقتصادي عمل جھڙوڪ صنعتي ترقي، ڪاروبار ۽ سرمائي جي واڌ اھم ۽ بنيادي نقطا آھن جڏھن ته سياسي ادارا، سماجي تعلقات ۽ ڪلچر جي حيثيت ثانوي آھي ۽ اصل ۾ اھي پھرين نقطن تي ڀاڙين ٿا،” گرينفيلڊ لکي ٿو ۽ دليل ٿو ڏئي ته حقيقت ۾ ڪلچر ڪنھن به قوم جي اقتصادي ترقيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ ڪلچر اقتصادي ترقيءَ جي عملي شڪل آھي. “اقتصادي ترقي سمورن سماجي عملن جو بنياد آھي،” ھو چوي ٿو.
اھڙي نيشنلزم جي شروعات سورھين صديءَ جي اوائل ۾ انگلينڊ کان ٿي جيڪا پوءِ آمريڪا ۾ انگريز آبادين تائين پکڙجي وئي ۽ پوءِ فرانس ۽ روس پھتي جنھن بعد باقي يورپ، آمريڪا، ايشيا ۽ آفريڪا ۾ به اثر ڏيکارڻ لڳي. نيشنلزم جو ننڍڙو مثال ھن ريت ڏئي سگھجي ٿو ته ايشيا، آفريڪا، يورپ توڙي آمريڪا جي ڪنھن به ملڪ جي اندروني يا بيروني پاليسي ان ملڪ جي قومي مفادن کي آڏو رکي ٺاھي وڃي ٿي. عالمي واپار ۾ به قومي مفادن کي نظر ۾ رکيو وڃي ٿو. مثال طور جيڪڏھن ڪا به شئي امپورٽ ڪرڻ سان مقامي مصنوعات وارين صنعتن کي نقصان پوي ٿو ته اھڙين امپورٽيڊ شين تي ڪسٽم ۽ ٻيا محصول وڌايا وڃن ٿا. مقامي صنعتڪارن ۽ صنعتن لاءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ نوان مارڪيٽ ڳوليا وڃن ٿا. اھڙا مثال آمريڪا توڙي دنيا جي ھر ٻئي ملڪ ۾ ملن ٿا. اھوئي نيشنلزم آھي جنھن سان ڪنھن به قوم جي اقتصادي حالت بھتر ٿئي ٿي ۽ ان قوم جي ھر فرد جي معاشي سگھه سڌري ٿي ۽ منجھن خوشحالي اچي ٿي. ٻه ٻيا اقتصادي ماھر ۽ ڏاھا پروفيسر وليم اِي رئپرڊ ۽ جنيوا جي يونيورسٽيءَ مان پڙھيل مائيڪل اَي ھيلپَرين چون ٿا ته پھرين مھاڀاري جنگ کانپوءِ پروٽيڪشنزم واريون پاليسيون اختيار ڪيون ويون ته جيئن ملڪي معاشي ادارن کي تحفظ ڏئي سگھجي. اھا به ھڪ قسم جي اقتصادي قومپرستي ھئي. پروفيسر رئپرڊ موجب اقتصادي قومپرستي جو بنيادي مقصد قوم جي اقتصادي زندگي ٺاھڻ آھي جنھن تي باقي دنيا جون پاليسيون اثرانداز نه ٿي سگھن. پروفيسر رئپرڊ اقتصادي قومپرستيءَ جي حوالي سان ٻه اھم ۽ بنيادي ڳالھيون ڪيون آھن. قوم کي انھن مصنوعات جي کاپي تائين محدود رکجي جيڪي ان جي پنھنجي ڌرتيءَ تي پنھنجي ئي محنت ۽ پورھئي سان تيار ڪيون وڃن ٿيون ۽ ان لاءِ ٻاھرين دنيا جي شين تي محصول وڌائي ڇڏجن. ٻيو ته انھن شين جي پيداوار وڌائي ڇڏجي جنھن جي قوم کي وڌيڪ گھرج آھي. اھڙي طرح انھن شين جي پيداوار شروع ڪجي جيڪي پاڻ وٽ پيدا نٿيون ٿين. مائيڪل ھيلپَرين ته ان حد تائين چوي ٿو ته سوشلزم اصل ۾ ڪليڪٽِوِاِزم يعني اجتماعيت جو نالو آھي جنھن ۾ ڪنھن فرد جي بدران سموري عوام جي ڀلي لاءِ پاليسيون ٺاھي اُپاءَ ورتا وڃن ٿا تنھنڪري اھا به اقتصادي قومپرستي آھي. ھو چوي ٿو ته اقتصادي قومپرستي قومي خُود ڪفالت يا پاڻڀرائيءَ واري پاليسيءَ جو نالو آھي.
ڇا اھي وصفون سنڌين سان لاڳو ٿين ٿيون؟
پاڪستان ۾ اقتصادي نيشنلزم جي ڳالھه ڪرڻ تي نسلي يا لساني تنگ نظريءَ جي آڌار ڪوبه تنقيد ڪري سگھي ٿو پر جيئن ته سنڌي تاريخي طور تي ھڪ قوم آھن ۽ سنڌسندن پنھنجي ڌرتي آھي تنھنڪري اھي نيشنلزم جي آڌار پنھنجي اقتصادي ترقيءَ جو حق رکن ٿا. بلڪل ايئن جيئن پنجاب وارن پنھنجي صوبي کي صنعتي ترقيءَ جو ھڪ مثال ٺاھي ڇڏيو آھي. اڳي ڪراچيءَ کي ملڪ جي صنعتي مرڪز جي حيثيت حاصل ھئي. اھا ٻي ڳالھه آھي ته صنعتن ۾ سنڌين جو حصو ٻُڙيءَ برابر ھو. ڪارخانن جا مالڪ انڊيا مان آيل ڪاٺياواڙي ميمڻ ھئا يا پنجاب جا سرمائيدار ۽ ڪي ٻيا. ھاڻ ڪراچيءَ جي اھا حيثيت ڪانھي جو پنجاب ۾ وڏا صنعتي مرڪز قائم ٿي چڪا آھن ۽ سنڌ سندن مارڪيٽ آھي. ڪيترائي پنجابي سنڌ مان صنعتون منتقل ڪري پنجاب وڃي چڪا آھن. ٻين ڪاروباري ادارن ۾ به سنڌي سرمائيدار نه ھئڻ برابر ھئا. اسان دعوى ته ڪندا آھيون ته پاڪستان جي معيشت ۾ سنڌ جو حصو سٺ ستر سيڪڙو آھي پر ايترو حصو ڪمائي ڏيڻ وارا سنڌي ناھن. سنڌ جي ڌرتي، سنڌ جا روڊ رستا، سنڌ جا بندر ۽ ٻيا وسيلا غير سنڌين استعمال ڪيا. ويندي زراعت ۾ به ڏسجي ته وڏي ايراضي پنجابي آبادڪارن جي ملڪيت آھي. ٻين صوبن جي صنعتڪارن، ڪاروباري ماڻھن جي ادارن توڙي غيرملڪي سرمائيدارن جي ادارن ۾ سنڌين جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آھي. اھوئي ڪارڻ آھي جو ورھاڱي کان وٺي اڄ تائين سنڌين جي دانھن آھي ته روزگار سميت سمورا وسيلا ڌارين جي قبضي ۾ آھن. ان صورتحال جو ئي نتيجو آھي جو سنڌي پنھنجي ئي ڌرتيءَ تي معاشي بدحاليءَ جو شڪار آھن. اڄ تائين اسان سنڌين اھڙي ڪا سنجيده ڪوشش به ڪانه ڪئي آھي ته ھر شعبي ۾ سنڌين جا انگ اکر گڏ ڪريون. مثال طور سنڌ ۾ ھلندڙ ڪارخانن مان ڪيترن ڪارخانن جا مالڪ سنڌي آھن. ڪارخانن جون به مختلف درجا بنديون ٿي سگھن ٿيون. مثال طور دوائن جا ڪارخانا، ٽيڪسٽائل جون صنعتون، صابڻ ، ڏندن جي پيسٽ، بُرش، ريزر، کاڌي جي تيل ۽ گيھه ٺاھڻ جا ڪارخانا يا زندگيءَ جي عام استعمال جي ھر شئي ٺاھيندڙ ڪارخانا. ساڳي طرح ڪارپوريٽ سيڪٽر جا ٻيا ادارا به ڏسجن ته انھن مان ڪيترن جا مالڪ سنڌي آھن. انھن ڪارخانن ۽ ادارن ۾ سنڌي ملازمن جو تعداد ڪيترو آھي. سنڌ جي سامونڊي بندرن کان وٺي ملڪ جي ٻين علائقن ڏانھن تيل ۽ ٻيو سامان ڍوئيندڙ ٽريلر، ٽرڪون ۽ ٽينڪر ڪنھن جون ملڪيت آھن ۽ انھن جا ڊرائيور ڪير آھن. اھڙي طرح زندگيءَ جي ھر شعبي جو جائزو وٺبو ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا ۽ خبر پوندي ته اسان سنڌي ڪٿي بيٺا آھيون. جيستائين مونکي خبر آھي سنڌ ۾ برف جي ڪارخانن، ڪاٽن جننگ فيڪٽرين، اٽي جي چڪين، چانور ڇڙڻ جي ڪارخانن ۽ کنڊ جي ڪارخانن کان سواءِ سنڌين وٽ مشڪل سان ڪو ٻيو ڪارخانو ھوندو. ھن وقت ڏيپلي جا لاٽ مصالحا ٺاھڻ ۽ ايڪسپورٽ ڪرڻ ۾ نالو ڪڍيو بيٺا آھن جڏھن ته جھانگير صديقي ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ اڳڀرو آھي جنھن پنھنجي بينڪ به قائم ڪري ورتي آھي. ايئن ڪي ٻيا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سنڌي ھوندا انھن شعبن ۾.

Picture12
اڄڪلھه ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻھو مختلف ڪِرتن سان لڳل نظر اچن ٿا. ڪي پان ٻيڙيءَ جون مانڊڻيون ھلائين ٿا ته وڏي تعداد ۾ رڪشائون ھلائيندي به نظر ايندا. اندرون سنڌ ۾ روزگار جا وسيلا نه ھجڻ ۽ بد امني ھجڻ ڪري ڪراچيءَ ڏانھن وڏي لڏپلاڻ ٿي آھي. سرڪاري نوڪريون ملن ڪونه ۽ ٻيو ته اسان وٽ ٻيو ڪو خاص ھنر به ڪونھي. ان صورتحال سنڌين کي خُود روزگار (سيلف ايمپلائمينٽ) ڏانھن ڌڪيو آھي، جيڪا ھڪ لحاظ کان چڱي ڳالھه به آھي. اندرون سنڌ مان ڪيترائي ڪاروباري ماڻھو به سنڌ جي گاديءَ ڏانھن لڏيندا رھيا آھن. ان جو ڪارڻ ڌاڙيلن جون قھري ڪارروايون آھن. ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ سونارڪن دڪانن، گفٽ شاپس، جنرل اسٽورن وغيره جا مالڪ سنڌي آھن. زينب مارڪيٽ ۾ ته سنڌي وڏي عرصي کان ثقافتي شين جا دڪان ھلائي رھيا آھن. ڪن سنڌين ڪراچيءَ ۾ ٽريوِل ايجنسيون به کوليون آھن ته اسٽيٽ ايجنسين جو ڪاروبار به جام ڪن ٿا. 1990 واري ڏھاڪي جي وچ ڌاري ڪراچيءَ جي ميمڻ ڳوٺ ڀرسان سنڌين جو پنھنجو صنعتي زون قائم ٿيو ھو. ڪن سنڌي ڪامورن، جيڪي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا ميمبر ھئا، تن اُتي زمين الاٽ ڪرائي ڪارخانا ھڻڻ شروع ڪيا ھئا. مون پنھنجي اکين سان ان وقت اُتي وڃي ٺھندڙ ڪارخانا ڏٺا ھئا. ھن وقت اڻ تصديق ٿيل اطلاعن موجب ڪيترين ئي سنڌين اھي ڪارخانا وڪڻي ڇڏيا آھن. الله ڪري ته ايئن نه ھجي، جو سنڌين جي اقتصادي ترقيءَ لاءِ اھو اھم پروجيڪٽ ھو ۽ ان کي مثال بنائي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ صنعتي زون ٺاھي سگھجن ھا. مان ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي ڳالھه ان ڪري ٿو ڪريان جو اندرون سنڌ ۾ ته ڪاروباري سنڌين جو وڏو تعداد آھي. انھن ٿورن مثالن جي آڌار چئي سگھجي ٿو ته سنڌي جيڪڏھن چاھين ته ھر معاشي شعبي ۾ پنھنجو ڌاڪو ڄمائي سگھن ٿا. ڪي تاريخدان سنڌين کي ھندو ۽ مسلم ۾ ورھائي لکن ٿا ته سنڌ ۾ ھندن جي آمد پنجاب رستي ڪلھوڙن جي راڄ ۾ شروع ٿي ۽ ان کان اڳ سنڌ ۾ ڪاروبار تي مسلمان سنڌي ڇانيل ھئا. بعد ۾ ھندن ھتان جي ڪاروبار تي ديرو ڄمايو ۽ مسلمان سنڌي پوئتي پوندا ويا. 1947 ۾ ورھاڱي جي نتيجي ۾ سنڌي ھندو انڊيا لڏي ويا ته سنڌ ۾ ڪاروباري طبقي جو وڏو خال پيدا ٿي ويو. مان سنڌين ۾ ھندو ۽ مسلم جي تفريق ڪرڻ کانسواءِ اھو ئي چوندس ته ھڪ قوم جي حيثيت ۾ سنڌي ھزارين سالن کان ڪاروبار ۽ صنعت ۾ سرگرم رھيا آھن. ايستائين جو سنڌ ۾ ھٿيارن جي صنعت جو به وڏو مرڪز ھو. چون ٿا ته سانگھڙ ضلعي جي مکي ٻيلي وارو علائقو ھٿيارن جي صنعت سبب مشھور ھو. جيئن قومن جي ترقي ۽ زوال ھڪ قدرتي عمل آھي، تيئن سنڌي قوم تي به لاھا چاڙھا ايندا رھيا آھن. موقعا ملڻ تي اھي واپار ۽ صنعت ۾ اڳتي نڪري سگھن ٿا.
سنڌين کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟
پروفيسر رئپرڊ جا بيان ڪيل نقطا سنڌين جي رھنمائي ڪري سگھن ٿا. مثال طور ڪي ملڪ اقتصادي قومپرستيءَ جي واٽ تي ھلندي اھڙيون پاليسيون اختيار ڪندا آھن جو قوم سندن پنھنجي ڌرتيءَ تي پنھنجي پورھئي سان پيدا ڪيل ۽ اُپايل شيون واپرائڻ شروع ڪنديون آھن ۽ ٻاھران امپورٽ ڪيل مصنوعات جو استعمال ڇڏي ڏينديون آھن. سنڌين کي ان پاليسيءَ تي ھلندي سنڌي ڪارخانيدارن ۽ واپارين جي شين جو واھپو وڌائڻ گھرجي. سُئي سڳي کان ويندي زندگيءَ لاءِ گھربل ڪابه شئي جيڪڏھن ڪو سنڌي ماڻھو تيار ڪري ٿو ته ھر سنڌيءَ لاءِ لازم ھجي ته ھو اھي شيون خريد ڪري استعمال ڪري. مثال طور جيڪڏھن ڪو سنڌي ٽيڪسٽائل فيڪٽريءَ جو مالڪ ناھي ته اسان پنھنجي ھالا ۾ ٺھندڙ کاڌِيءَ ۽ سُوسيءَ جي ڪپڙي جو واھپو شروع ڪري ڇڏيون. ايئن اسان جي ھالا واري ڪپڙي جي صنعت ترقي وٺندي. اڄڪلھه ھنڌن جون چادرون اجرڪ جي ڊزائن ۾ اچڻ لڳيون آھن ۽ گھڻو مقبول به آھن. اھي چادرون اسان جا اجرڪ ٺاھڻ وارا مرڪز نصرپور ۽ ھالا توڙي ڪي ٻيا مرڪز به ٺاھي سگھن ٿا.
سنڌي انھن چادرن جو استعمال وڌائين ته اھا صنعت زور وٺي سگھي ٿي. ايئن ئي ھالا ۾ ٺھندڙ ٽائيلون سنڌي ثقافت جو اھڃاڻ آھن جن جي صنعت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ٻين غير سنڌين جي ٺاھيل ٽائيلن جو استعمال بند ڪرڻ گھرجي. ٿر ۾ ٺھندڙ قالين، شالون ۽ ٻيون شيون اسان جي ضرورت پوري ڪري سگھن ٿيون. ڪنھن به علائقي ۾ گوشت يا ڀاڄي وڪڻندڙ سنڌي آھن ته اھي شيون انھن کان ئي خريد ڪجن. جيڪڏھن مارڪيٽ ۾ مصالحا وڪڻندڙ گھڻيون ئي ڪمپنيون آھن پر انھن ۾ ڪو ھڪ به سنڌي آھي ته اھو مصالحو استعمال ڪرڻ کي پنھنجو قومي فرض سمجھون. انھن شين جي اُپت وڌائجي جن جي گھرج وڌيڪ آھي. اھڙي طرح سنڌي سرمائيدارن کي ھمٿائجي ته ھو اھڙين شين جا ڪارخانا ھڻن جيڪي ھيل تائين سنڌين وٽ ڪونھن. وڏي يقين سان چئي سگھجي ٿو ته جيڪڏھن سنڌي سرمائيدار جو مارڪيٽ رُڳو سنڌ تائي به محدود ھجي ته ھو نقصان ۾ ڪونه ويندو. مثال طور جيڪڏھن سنڌي قوم جو انگ گھٽ ۾ گھٽ به ٽي ڪروڙ ھجي ته سنڌي سرمائيدار جي لاءِ ٽي ڪروڙ ماڻھن جي مَنڊي موجود آھي ۽ جيڪڏھن ايترا ڪروڙ خريدار پنھنجي زندگيءَ جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌين جون ٺاھيل پنھنجون شيون خريد ڪندا ته سنڌين جي ڪارخانن جو ڦيٿو وڏي تيزيءَ سان ھلندو رھندو. اھي ئي سنڌي سرمائيدار سنڌ ۽ پاڪستان کان ٻاھر به روانگي واپار ڪري سگھن ٿا جيڪا ڪا نئين ۽ ڏُکي ڳالھه ڪانه ٿيندي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رھندڙ سنڌي به ان اقتصادي انقلاب ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. جڏھن سنڌين جو ڪاروبار وڌندو ۽ سنڌين جي ڪارخانن جو ڦيٿو تيزيءَ سان ڦرندو ته سنڌين لاءِ روزگار جا در به کُلي پوندا. ايئن اسان اقتصادي نيشلزم جي واٽ تي ھلندي اقتصادي ترقيءَ جي ڪنھن ابتدائي ڏاڪي تي به پھتاسين ته سمجھبو ته سنڌين جي اقتصادي انقلاب جو عمل شروع ٿي چڪو آھي. مان ان سڄي بحث کي ان نعري ۾ سميٽيندس ته “مُرڪو به سنڌيءَ ۾”. سنڌي ٿيو، سنڌي ڳالھايو، سنڌين جون ٺاھيل شيون واپرايو، پنھنجي معيشت ۽ سنڌ جي معيشت مضبوط ڪريو ۽ اقتصادي خودمختياري حاصل ڪريو.
ليکڪ سينيئر صحافي ۽ دانشور آهي، هي ليک خاص طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو