Home / ڪرنٽ نيوز / سنڌ اسيمبلي ۾ هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ٿيل خرچن ۽ آمدني بابت رپورٽ پيش
above article banner

سنڌ اسيمبلي ۾ هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ٿيل خرچن ۽ آمدني بابت رپورٽ پيش

Sindh-Assembly1 سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه سومر ڏينهن اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ شروع ٿيو. اجلاس ۾ مالي سال 14-2013  جي بجيٽ جي حوالي سان  9 مهينن جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ان عرصي جي دوران صوبي کي هاڻي تائين ٿيندڙ آمدني ۽ ترقياتي ۽ غير ترقياتي  خرچن جو تفصيل ڏنو ويو.  اها رپورٽ  پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو پيش ڪئي ۽ چيو ته ان رپورٽ تي بحث جي لاءِ 5 ڏينهن مخصوص ڪيا ويندا.  هن چيو ته سنڌ اسيمبلي  کي اهو اعزاز حاصل ٿي ويو آهي ته اها پاڪستان جي پهرين اسيمبلي آهي جنهن ۾ بجيٽ کان اڳ بحث ٿيندو جڏهن ته ڪنهن به ٻي اسيمبلي ۾ بحث ناهي ٿيندو ، صرف قومي اسيمبلي ۾ پري بجيٽ پريزنٽيشن ڏني ويندي آهي.  رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته  هلندڙ مالي سال دوران  وفاقي حڪومت کان حاصل ٿيندڙ رقم جو ڪاٿو 4 کرب 9 ارب هڪ ڪروڙ 26 لک روپيا لڳايو ويو هو  جڏهن ته پهرين جولاءِ 2013  کان 31 مارچ 2014  جي دوران  2 کرب 61 ارب 58 ڪروڙ 19 لک  روپيا وصول ٿيا آهن.  اهڙي ريت 45 ارب 17 ڪروڙ 75 لک  رپين جو شارٽ فال آهي.  رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته  صوبي جي پنهنجي آمدني جو ڪاٿو هڪ کرب 20 ارب  18 ڪروڙ 19 لک  روپيا لڳايو ويو هو  جڏهن ته 9 مهينن جي دوران مجموعي طور تي 59 ارب 98 ڪروڙ 42 لک  روپيا وصول ٿيا آهن . 9 مهينن ۾ جيتري وصولي ٿيڻ گهربي هئي،  ان مان 33 سيڪڙو وصولي گهٽ ٿي آهي.  رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته  بجيٽ ۾ غير ترقياتي خرچن جو ڪاٿو 3  کرب 55 ارب 97 ڪروڙ 37 لک  روپيا لڳايو ويو هو،  جڏهن ته نظرثاني ٿيل ڪاٿو  3 کرب 79 ارب 62 ڪروڙ 42 لک روپيا هو، 9 مهينن ۾ 3 کرب  20 ارب 79 ڪروڙ 52 لک روپيا جاري ڪيا ويا آهن  جڏهن ته  2 کرب 30 ارب 92 ڪروڙ 23 لک  روپيا خرچ ٿي چڪا آهن.  رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته  ترقياتي خرچن جو ڪاٿو  هڪ کرب 65 ارب  روپيا لڳايو ويو  هو ، ان مان 78 ارب 95 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا ويا  آهن جڏهن ته 51 ارب 24 ڪروڙ روپيا خرچ ٿي چڪا آهن، يعني 9 مهينن ۾ غير ترقياتي خرچ 65 سيڪڙو کان وڌي ويا آهن جڏهن ته ترقياتي خرچ 30 سيڪڙو کان به گهٽ ٿيا آهن .

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو