Home / ڪرنٽ نيوز / سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪريڪرن جا 15 ڌماڪا،سنڌ حڪومت نوٽِيس ورتو،آءِ جي کان رپورٽ طلب
above article banner

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪريڪرن جا 15 ڌماڪا،سنڌ حڪومت نوٽِيس ورتو،آءِ جي کان رپورٽ طلب

ralvڪوٽڙي ۽ قاسم آباد ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪا ڪيا ويا آهن، حيدرآباد ڪنٽونمنٽ ۾ هڪ ۽ دادو ۾ 4 دستي بم حملا ڪيا ويا آهن، ڪي به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو. ڌماڪن کانپوءِ علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو آهي. حيدرآباد جي علائقي ڪوٽڙي خورشيد ڪالوني جي ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي بم ڍماڪو ڪيو ويو، ڌماڪي سان ٽريڪ کي جزوي نقصان پهتو. في الحال ڪي به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو. پوليس علائقي جو گهيرو ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. قاسم آباد سحر نگر جي ڀرسان به ريلوي ٽريڪ تي بم ڌماڪو ويو آهي، دادو جي علائقي اسٽيشن روڊ، نيو چيوڪ تي هوٽل سميت شهر ۾ 4 دستي بم حملا ڪيا ويا آهن، حملو ڪندڙ موٽرسائيڪلن تي فرار ٿي ويا آهن. ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي. ماروي هوٽل تي ڌماڪي جي 3 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. حيدرآباد ۾ پوليس کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ دستي بم حملا ڪيا ويا آهن حملن ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب ناگر چورنگي جي ڀرسان دستي بم حملو ڪيو ويو آهي، حملي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا گلستان جوهر ۾ گاڏي تي دستي بم حملو ڪيو ويو، حملي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سمورن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعن کانپوءِ علائقن ۾ خوف پکڙجي ويو آهي. هوڏانهن اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جي مذمت ڪئي آهي. شرجيل ميمڻ آءِ جي سنڌ کان فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فوري طور دهشتگردن کي گرفتار ڪن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو