Home / ڪرنٽ نيوز / سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ سبب انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي وئي: سنڌ سرڪار
above article banner

سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ سبب انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي وئي: سنڌ سرڪار

ڪراچي:  سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي کي آگاهي ڏني آهي ته وفاق طرفان سنڌ کي حصي جو گهربل پاڻي نه ڏيڻ Qaim-Ali-Shah-in-Sindh-Assemblyسبب انڊس ڊيلٽا تباھ ٿي رهيو آهي ،ان کي بچائڻ لاءِ  ڪوٽڙي کان هيٺ 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي روزانو ڇڏڻ ضروري آهي ، هن وقت ڊيلٽا ۾ ٻيلا ختم ٿيڻ سبب جھنگلي جيوت به تيزي سان ختم ٿي رهي آهي . وڻن جي واڍي  تي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا جو ترميمي بل جلد سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو . اهڙن خيالن جو اظهار ڪالھه ٻيلي ۽ جھنگلي جيوت وارن کاتن جي سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني سيڪريٽري سيد ناصر شاھ  صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي جي غيرموجودگي ۾ ميمبرن طرفان لکت ۽ضمني پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو . هن وڌيڪ چيو ته اڄ تائين گورک هل اسٽيشن کي ڪڏهن به ايريل سيڊنگ نه ڪئي وئي آهي . هن چيو ته 2011ع ۾ ٿر جي بااثر ماڻهن زهريلو ڪيميڪل  وڃي گوگر جي وڻن کي ساڙي ڇڏيو هو .جڏهن ته ضلعي جي مختلف علائقن ۾ قلم 144 به لاڳو آهي . هن چيو انهن کي سڳ سودو پڪڙيو ويو هو انهن تي سنڌ فاريسٽ ايڪٽ 1297 جي سيڪشن 68 اي تحت 43 هزار 500 رپيا ڏنڊ به ورتو ويو هو . هن چيو ته انڊس ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ 10 لک ڪيو سڪ پاڻي ۽  درياھهي ڪچي جي ٻيلن کي بچائڻ لاءِ 6 لک ڪيوسڪ پاڻي جي ضرورت آهي وفاق کان سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ ۽ سنڌ کي 91ع واري ٺاھ مطابق 10 ملن ايڪڙ فٽ پاڻي هر سال انڊس ڊيلٽا ۾ نه ڇڏڻ سبب ڊيلٽا تباھ ٿي رهيو آهي. سنڌ اسيمبلي ٽي ٺهراءُ اتفاق راءِ منظور ڪري ورتا آهن جڏهن ته وڌيڪ پنج ڪارڪنن جي گمشدگي ۽  ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ جو احتجاج، ايم ڪيو ايم جو چوڻ آهي ته تحفظ پاڪستان قانون کي تسليم نٿا ڪريون، ان قانون جي لاڳو ٿيڻ کان اڳ ئي سياسي ڪارڪنن خلاف سادا لباس اهلڪارن رڻ ٻاري ڇڏيو جيڪڏهن اهو لاڳو ٿيو ته پوءِ الاهي ڪهڙو حشر ٿيندو. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پي ايم ڊي سي ( پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل  ) کي ٽوڙڻ واري قدم خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. ان حوالي سان پ پ جي ميمبر ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي ٺهراءَ کي سنڌ اسيمبلي اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي ايم ڊي سي کي ٽوڙڻ لاءِ آرڊيننس نمبر ٽي بابت 2014 کي جاري ڪرڻ ۾ منسٽري آف هيلٿ، سروسز اينڊ ريگيوليٽري افيئرز جو قدم پاڪستان جي آئين خلاف آهي. صحت بابت معاملا ريگيوليٽري ادارن کي 18 هين آئيني ترميم جي تحت گڏيل مفادن واري ڪائونسل هلائيندي آهي.  ٺهراءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسيمبلي هاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي کي ساراهي ٿي، جنهن ۾ منسٽري آف ريگيوليٽري افيئرز طرفان جوڙيل مئنيجنگ ڪمپني کي پي ايم ڊي سي طور ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.  سنڌ اسيمبلي پ پ جي ميمبر تيمور ٽالپر طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ پڻ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته صوبي جي ننڍن شاخن مان پاڻي جا غير قانوني لنگهه ختم ڪيا وڃن ۽ ان ڪنيڪشنز مان فائدو حاصل ڪندڙ آبپاشي کاتي جي اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. سنڌ اسيمبلي ايم ڪيو ايم جي عورت ميمبر عظيم فاروق جو ٺهراءُ پڻ منظور ڪري ورتو، جنهن ۾ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اها صوبي جي ٻارڙن واري جيلن ۾ لازمي ووڪيشنل ٽريننگ شروع ڪن ته جيئن پاڪستان جا ڪار آمد شهري بڻجي وڃن. ان کان اڳ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ فيصل سبزواري چيوته اسان جي وڌيڪ پنجن ڪارڪنن کي سادا لباس اهلڪار کنڀي ويا آهن جيڪو عمل ٺيڪ نه آهي، هن چيو ته تحفظ پاڪستان قانون لاڳو ٿيڻ کان اڳ ئي عام شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو آهي جڏهن اهو لاڳو ٿيو ته پوءِ ڪهڙو حشر ٿيندو، دهشتگردن کي آزاد ۽ سياسي ڪارڪنن کي کنڀيو پيو وڃي جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهي. ڏوهارين کي ختم ڪرڻ لاءِ تحفظ پاڪستان جهڙي قانون جو مطالبو ايم ڪيو ايم ناهي ڪيو، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ لاڳاپا قائم رهڻ گهرجي، ڪنهن دعوت جي کيس ڄاڻ ناهي. هن چيو ته طالبان قيدي آزاد ۽ سياسي ڪارڪن گرفتار ڪيو پيو وڃي، ايم ڪيو ايم جا ڪيترائي ڪارڪن گم آهن، جن جي گمشدگي وارو معاملو ايوان ۾ اٿاريو ويندو. هن چيو ته پي پي او جو اسان مطالبو ناهي ڪيو، انساني حقن خلاف قانون خلاف آواز بلند ڪيو ويندو.  هن چيو ته مڪاني تڪبندين ۽ ناظمن بابت پ پ کي تجويزون ڏنيون آهن، حڪومت ۾ شموليت بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن به دعوت جي ڄاڻ ناهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو