Home / ڪور افيئر / سولين فوجي تڪرار مشرف کي محفوظ رستو ڏنو ويندو؟
above article banner

سولين فوجي تڪرار مشرف کي محفوظ رستو ڏنو ويندو؟

A Reporter

جنهن ڏينهن اڳوڻو صدر زرداري، وزيراعظم ميان نواز شريف وٽ وزيراعظم هائوس پهتو ته نه رڳو هِن جي مانَ ۾ وڏيون مهمانيون ٿيون، پر سنڌ جي اين ايف سي ايوارڊ تحت رهيل 13 ارب رپيا ڏيڻ جي به خاطري ڪرائي وئي، خبر ناهي ته زرداري الائي ميان کي ڪهڙي هُشي ڏئي ويو جو ٻئي ڏينهن سڏايل قومي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ٻنپهرن جو وقت هجڻ باوجود به چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، چيف آف آرمي اسٽاف ، ڊي جي آءِ ايس آءِ ، ڊي جي ايم آءِ ۽ ٻين کي ماني جي به صلاح نه هنئي وئي، هنن سان به ائين ئي ڪيو ويو جيئن ڪجهه وقت اڳ ۾ طالبان ڪميٽي کي وزيراعظم ناشتي جي دعوت تي گهرائي ناشتو نه ڪرايو، جنهن ڪري مولوي صاحبن کي 16 ڪلاڪن جي فاسٽنگ بعد ميلوڊي ۾ اچي ناشتو ڪرڻو پيو، جنهن جو بل مولانا يوسف ادا ڪيو!!

“ وزيراعظم صفا ڪو تڏي جوخان آهي” هڪ صحافي انهي صورتحال تي هلندڙ بحث دوران طنزيه تبصرو ڪندي چيو هو، 

“ نه ائين به ڪونهي، هوواپاري آهي، ان ڪري کيس خبر آهي ته ڪٿي ، ڪيئن ۽ ڪنهن کي کارائبو آهي” هڪ ٻئي صحافي کيس جواب ڏيندي چيو هو.“ واپاري لالچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن وڏو ڌڪ به کائي ويندا آهن” هن موٽ ۾ چيو هو

پاڪستان جي هاڻوڪي منظر نامي ۾ جتي هي حڪومت طالبان ۽ مشرف جي معاملي ۾ ڦاٿل آهي، تيئن فوج به آجي ناهي، جيتوڻيڪ مشرف جي معاملي ۾ فوج جي مداخلت جي ترديد دفاع وارو وفاقي وزير خواجا آصف ڪندو رهيو آهي، جيڪڏهن هي بڻيادو جمهوري ملڪ هجي ها ته ان ۾ وزير دفاع جي ئي ڳالهه حرف آخر هجي ها، پر پاڻ وٽ ته بڻيادي جمهوريت رڳو مڪاني نظام جي چونڊن کي چيو ويندو آهي، جن جي ٿيڻ جو امڪان نظر نٿو اچي ، ان ڪري هن ملڪ جي عوام کي فوج جي معاملن تي جيستائين آءِ ايس پي آر ڪنهن ڳالهه جي وضاحت نٿي ڪري تيستائين وزيردفاع جي ڳالهه تي اعتبار نٿو اچي، جيڪڏهن اسان ان ڳالهه تي اعتبار ڪري به وٺون، پر جيڪا تعدي خواجا آصف سان پي ايم اي ڪاڪول ايبٽ آباد ۾ ٿي اها نه ٿيڻ گهرجي ها، ٿيو ائين ته وزيراعظم تربيت مڪمل ڪندڙ ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪرڻ لاءِ ويل هو، جتي وزيردفاع خواجا آصف ۽ اطلاعات وارو وفاقي وزير پرويز رشيد به ان تقريب ۾ موجود هئا، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سرڪاري ٽي وي تي هنن جو هڪ به ڪلپ نظر نه آيو،چون ٿا ته آءِ ايس پي آر سرڪاري ٽي وي ۽ پنهنجي ڪيمرامين کي روڪيو هو ته انهن ٻنهي وزيرن کي نه ڏيکاريو وڃي.

فوج خلاف جيتوڻيڪ خواجا آصف بيان نه ڏنو هو، هن رڳو مشرف جي معاملي ۾ اها ڳالهه ڪئي هئي ته هڪ آئين ٽوڙيندڙ سان آئين ۽ قانون موجب اهو ئي ٿيڻ گهرجي، جيڪو آئين چوي ٿو، پر اها ڳالهه به فوج پنهنجي کاتي ۾ وڌي ۽ معاملي کي ايترو اڳتي وڌايو ويو جو اهو تاثر سامهون آندو ويو ته فوج ۽ حڪومت ۾ ويڇا وڌي ويا آهن، گذريل 6 سالن کان انتظار ۾ ويٺلن کي اها اميد پيدا ٿي ته ڏاٺ سائي ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، لانگ بوٽن جو مڌر ساز هنن جي ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳو ۽ اهي نجي ڪچهرين ۾ وري ڪنهن 12 آڪٽوبر بدران 12 اپريل جو انتظار ڪرڻ لڳا.

Picture3

خواجا آصف ۽ خواجا سعد رفيق جي اسلام آباد ۾ ڏنل بيانن پنڊي وارن کي چيڙائي وڌو ، نتيجو اهو نڪتو ته ڳالهه گهڻي اڳتي وڌي وئي ، فوج جي سربراھ ٿيل واعدي خلافي جي ميار به ڏني پر همراھ مڙيا ڪونه، جنهن جي نتيجي ۾ هن کي تربيلا ۾ اهو چوڻو پيو ته فوج هر حال ۾ پنهنجي اداري جي وقار جو تحفظ ڪندي، هي هڪ شريف جو ٻئي شريف کي پيغام هو. تبصري نگارن چيو ته گهڻي سوچ ويچار بعد نواز شريف ،جنرل راحيل شريف جي چونڊ ڪئي هئي، ڇا هي به هِن لاءِ ٻيو پرويز مشرف ثابت ٿيندو؟ جڏهن ته ڪجهه ساٿين جو خيال هو ته حڪومت جو جهيڙو فوج سان ڪجهه سالن بعد متوقع آهي، پر 10 مهينن اندر اها صورتحال پيدا ٿيندي ان جو اندازو هنن کي به نه هو. رپورٽون ته اهي آهن ته حڪومت فوج کي اها خاطري ڪرائي هئي ته جيڪڏهن مشرف عدالت ۾ حاضر ٿئي ته مٿس چارج شيٽ فريم ڪري پوءِ ان لاءِ ڪجهه سوچي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو اختيار حڪومت جي هٿ ۾ هو، ان ڪري فوج کي ان ڳالهه تي آندو ويو ته هو مشرف کي خاص عدالت ۾ پيش ڪري ته حڪومت هن جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪري ڇڏيندي، پر حڪومت ائين نه ڪيو، مشرف جي عدالت ۾ پيشي بعد جڏهن سندس وڪيل وفاقي گهرو کاتي کي مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست ڏني ته کيس اها پڪ هئي ته سندس مئوڪل جو نالو اي سي ايل مان نڪري ويندو، پر ان دوران وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪچن ڪابينا (جنهن کي هاڻي نئين اصطلاح موجب ڪور ڪميٽي چيو ويندو آهي) جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهڻي غور ويچار بعد اهو فيصلو ڪيو ويو ته مشرف جو نالو اي سي ايل مان حڪومت نه پر عدالت ڪڍندي، ان ڪري ته عدالت ئي اهو نالو اي سي ايل ۾ وڌو آهي. جيڪڏهن اهائي ڳالهه هئي ته ڇا حڪومت کي اها اڳ ۾ خبر نه هئي ته مشرف جو نالو عدالت اي سي ايل ۾ وڌو آهي، ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن رڳو قانون ۽ آئين جي ڳالهه ڪرڻي هئي ته فوج کي ڪهڙي کاتي ۾ اها خاطري ڪرائي وئي ته فرد جرم بعد کيس آجو ڪيو ويندو، حڪومت پاران پنهنجي واعدي تان ڦِرڻ بعد فوج کي پنهنجا ستل سور به ياد اچي ويا آهن ۽ هاڻي طالبان سان ڳالھين جي حوالي سان به ڪيترائي مسئلا سامهون اچي رهيا آهن. ان صورتحال پيدا ٿيڻ بعد آرمي چيف جي بيان ٻرندي تي تيل جو ڪم ڏنو ۽ اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته فوج ۽ حڪومت جي وچ ۾ وڇوٽيون وڌي ويون آهن، ان دوران زرداري صاحب سيد خورشيد شاھ ۽ سنڌ جي ناڻي واري صلاحڪار سيد مراد علي شاھ کي ساڻ وٺي هڪ خاص جهاز ذريعي پهرين نورخان ايئر بيس پهتو ۽ ان بعد هيلي ڪاپٽر ذريعي هو وزيراعظم هائوس آيو، جتي هو 3 ڪلاڪ رهيو ، ڪجهه ڳالھيون ٻنهي اڳواڻن جون سندن ٽيمن جي روبرو ٿيون ۽ باقي ڳالھيون هِنن اڪيلائي ۾ ڪيون. انهي ملاقات جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته ٻنهي اڳواڻن چيو آهي ته هر صورت ۾ جمهوريت جو تحفظ ڪيو ويندو، جڏهن ته انهي ملاقات ۾ موجود سينيٽر ميان رضارباني ٻڌايو ته مشرف سميت ملڪ جي سمورن معاملن تي ڳالھيون ٿيون، ذريعا ته اها به ڳالهه ٻڌائين ٿا ته اڳوڻي صدر زرداري پنهنجي ٻن پارٽي اڳواڻن تاثير ۽ گيلاني جي پٽن جي طالبان کان بازيابي لاءِ به وزيراعظم کي درخواست ڪئي ۽ جمهوريت کي خطري جي صورت ۾ کيس ان ڳالھ جي به خاطري ڪرائي ته پيپلزپارٽي نواز شريف سان گڏ بيٺل هوندي،

“ ڇا سينيٽ ۾ وزيراعظم کي حاضري جو پابند بڻائڻ واري قانون جي هڪ ميان ٻئي ميان کي ميار نه ڏني ؟”ميڊيا کي بريفنگ ڏيڻ بعد جڏهن ميان رضارباني تڪڙ ۾ پنهنجي ڪار ڏانهن روانو ٿيو ته مون کائنس پڇيوهو. 

“ نه اهڙي ڪا ڳالهه نه ٿي” هن کلندي ورندي ڏني ۽ ڪار ۾ ويهي روانو ٿي ويو.

وزيراعظم ۽ اڳوڻي صدر جي هن ملاقات جو تاثر جيتوڻيڪ سڄي ملڪ ۾ اهو ويو ته پاڪستان جون سياسي ڌريون جمهوريت تي ڪابه سوديبازي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، پر ڇا زرداري صاحب ايترو سادو آهي جيڪو سڄو ميدان ميان نواز شريف لاءِ ڇڏي ڏئي؟!!

ميان نواز شريف سان صدر جي هي ملاقات ڪيترن حوالن سان زرداري صاحب جي ئي فائدي ۾ رهي، هڪ طرف هو سنڌ مان ناڻي واري صلاحڪار سيد مراد علي شاھ کي ان ڪري وٺي آيو هو ته جيئن سنڌ جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ رهيل رقم وٺي سگهي، ان لاءِ ذريعا اها ڳالهه ٻڌائين ٿا ته ان رقم جي گُهر زرداري صاحب پاڻ نه پر مراد علي شاھ پاڻ ڪئي، رقم جي گهر ڪرڻ کان اڳ ۾ هن پهرين ڳالهه جو ٿلهه ٻڌو ۽ ٿر ۾ اچڻ ۽ هڪ ارب رپين جي مالي مدد ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ان بعد هن پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڪئي. جيڪا ٿڏي تي پوري ٿي ، وزيراعظم اسحاق ڊار کي هدايت ڪئي ته رقم جاري ڪئي وڃي، ان موقعي تي ميان رضارباني جيڪو تحفظ پاڪستان آرڊيننس ۾ ترميمن جو ڪاغذ تيار ڪري وزيراعظم هائوس پهتو هو ان بابت به وزيراعظم سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ وزيراعظم مخالف ڌر جي ترميمن کي ان بل ۾ شامل ڪرڻ تي راضي ٿي ويو.

فيصلو اهو ٿيو آهي ته قانون جا حڪومتي معاملا سنڀاليندڙ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير زاهد حامد سمورين پارلياماني پارٽين سان رابطا ڪري ان بل بابت تجويزون حاصل ڪندو . هاڻي اهو بل سينيٽ ۾ پيش ٿي ويو آهي، جيڪو لاڳاپيل ڪميٽي جي به حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سينيٽ جي چيئرمين رولنگ ڏني آهي ته ايوان جو ڪوبه ميمبر ان بل تي پنهنجي راءِ ۽ ترميم جمع ڪرائي سگهندو، جنهن کانپوءِ ان ڳالهه جي اميد آهي ته مخالف ڌر جي ترميمن بعد اهو بل سينيٽ مان پاس ٿي ويندو. اڳوڻي صدر سان ملاقات ٻئي ڏينهن قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، انهي اجلاس ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ٻيا فوجي عملدار اڳ ۾ وزيراعظم هائوس پهتا، پر آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي ايم آءِ گڏ وزيراعظم هائوس پهتا، ان کي اتفاق قرار ڏيڻ ته خام خيالي هئي، ۽ پي ايم هائوس کي اها ڳالهه نه وڻي، جنهن ڪري ذريعا چون ٿا ته گڏجاڻي ختم ٿيڻ کانپوءِ ماني جو وقت هجڻ جي باوجود به وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي جي اهم اڳواڻن کي رڳو چانهه بسڪيٽن تي ٽاريو ويو ، 

هاڻي مشرف وي وي آءِ پي پروٽوڪول ۾ ڪراچي روانو ٿي ويو آهي، سپريم ڪورٽ مان مشرف جي داخل درخواست تي رليف ملڻ جي اميد گهٽ نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته آرمي چيف جي بيان بعد چيف جسٽس جا به جمهوريت جي حق ۾ بيان اچي چڪا آهن، ان ڪري صورتحال ۾ ڇڪتاڻ ضرور آهي، پر اها ان حد تائين في الحال ويندي نظر نٿي اچي جو لانگ بوٽن جو مڌر سُر ٻڌڻ جي خواهش رکندڙن جي خواهش پوري ٿئي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ڌرين کي پنهنجي پنهنجي حدن ۾ رهڻو پوندو، ۽ ان سان گڏوگڏ عقل سان به ڪم وٺڻو پوندو، پاڪستان هن وقت جتي موجود آهي اتي هن کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته هو کڏ ۾ وڃي يا بلندي ڏانهن سفر ڪري، پاڪستان کي ڪيترائي مرض لڳل آهن، پر ان جا علاج ڪندڙ اڃا تائين پراڻين ڦڪين تي گذارو ڪن پيا، جنهن ڪري ان علاج جو ڪوبه فائدو نظر نٿو اچي، جيستائين دنيا ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن کي سامهون رکندي نئين طريقي سان علاج نه ڪيو ويندو تيستائين هن ملڪ جي صحت مند ٿيڻ جا امڪان نظر نٿا اچن، جڏهن ته هن ملڪ جا معالج ان ڳالهه تي بضد آهن ته هنن جو نسخو ئي ڪارگر آهي، پر جديد دنيا ۾ اهو نسخو هاڻ مدي خارج ٿي چڪو آهي!!!

طالبان وري جنگاڻ جي تيارين ۾!

Picture4

اسان ته پهرين ڏينهن کان اها ڳالهه چوندا پيا اچون ته طالبان سان ڳالھيون ڪري ملڪ ۾ امن آڻڻ جي خواهش هڪ لاحاصل ڪوشش آهي، جنهن جا ڪي به نتيجا نه اچڻا آهن، پر ان باوجود حڪومت جي ٻاراڻي ضد تي سموريون پارٽيون ان ڪري خاموش آهن ته آخر حڪومت پاڻ ان ڳالهه تي ايندي جيڪا پهرين ڏينهن کان اسان سڀ چوندا ٿا اچون. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته حڪومت طالبان جا “ غير عسڪري” قيدي ته آزاد ڪري ڇڏيا آهن، پر انهن جا نالا ۽ ايڊريسون ڪهڙيون آهن ، ان جي خبر حڪومت جي اهم ماڻهن کي به ، فوج اندر به حڪومت جي ان قدم تي ڳڻتي نظر اچي ٿي. پر مزيدار ڳالهه اها آهي ته جن جا اهي قيدي آزاد ڪيا ويا آهن، اهي به حڪومت جي ان مهرباني کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن، ۽ هاڻي انهن جنگ بندي ۾ واڌ وارو اعلان واپس وٺي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ان ڳالهه جا خدشا وڌي ويا آهن ته ملڪ ۾ هڪ دفعو وري دهشتگردي جا واقعا ٿيندا، هڪ طرف طالبان جيڪي پاڪستان جي رياست کي چيلينج ڪريو بيٺا آهن ، جن وٽ ملڪ جي ٻن اهم شخصيتن گيلاني ۽ تاثير جا پُٽ قيد آهن، تن لاءِ پهرين چيو ويو ته اهي سندن قيد ۾ ناهن، بعد ۾ چيو ويو ته ان جي جاچ ڪئي ويندي ۽ هاڻي چيو پيو وڃي ته پ پ پ جي اڳواڻن جي طالبان جي حوالي سان سخت روئي سبب انهن جي آزادي ۾ رڪاوٽون آهن. پاڪستان وٽ طالبان جا گرفتار ٿيل جوابدار آهن، جن کي مختلف ڏوهن ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته علي حيدر گيلاني ۽ شهباز تاثير اغوا ڪيا ويا آهن، طالبان جي مختلف گروپن اندر جنگ شروع ٿي وئي آهي، اسان اڳي به هنن ئي صفحن تي چيو هو ته محسود قبيلو وزيرستان جو طاقتور قبيلو آهي، جن وٽ ٽي ٽِي پي جي اڳواڻي رهي آهي، هن دفعي جڏهن اها ملا فضل الله ڏانهن وئي ته انهن ڏينهن ۾ ان ڳالهه جا امڪان پيدا ٿي ويا هئا ته اهو قصو گهڻو وقت نه هلي سگهندو. ٻيو طالبان کي اهو ڌڪ رسيو آهي ته انهن جي مرضي جي ابتڙ افغانستان ۾ ٿيل چونڊون انتهائي گهڻيون ڪامياب ٿيون آهن، هن دفعي پاڪستان به پنهنجي انهي اڳوڻي پنجين صوبي ۾ مداخلت کان پاسيرو نظر آيو، جڏهن ته عورتن جي انهن چونڊن ۾ شموليت طالبان کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي، جيڪڏهن افغانستان ۾ مضبوط حڪومت قائم ٿئي ٿي ته طالبان لاءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي، ان ڪري هن وقت حڪومت وٽ اهو موقعو آهي ته هو جنڊ ۾ ڦاٿل پنهنجو هٿ عقل مندي سان ڪڍي وٺي جيئن گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي، پر جيئن ته اسان جي جاسوسي اسٽيبلشمينٽ جيڪا اڃا به طالبان کي پنهنجو اثاثو سمجهي ٿي اها ائين ڪرڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي، جڏهن ته ٻئي طرف وزيرستان جي جبلن تان هاڻي برف ڳرڻ جو عمل به شروع ٿيڻ وارو آهي، هنن جيڪو ڪجھ چاهيو ٿي اهو ٿي رهيو آهي. طالبان هڪ دفعو وري پنهنجو ڪم ڏيکارڻ جو تياريون ڪري رهيا آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو