Home / ڪرنٽ نيوز / شهيد بشير خان قريشي جي ٻي ورسي جي موقعي تي رتيديري ۾ جلسو، سنڌ دشمن قوتن لاءِ بابا زنده آهي صنعان قريشي
above article banner

شهيد بشير خان قريشي جي ٻي ورسي جي موقعي تي رتيديري ۾ جلسو، سنڌ دشمن قوتن لاءِ بابا زنده آهي صنعان قريشي

Photo_580شهيد بشير خان قريشي جي ٻئي ورسي جسقم پاران رتوديرو پاءِ پاس سندس مزار تي وڏي جوش، جذبي سان ملهائي وئي، ورسي ۾ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڪراچي کان وڏي انگ ۾ قافلا پهتا ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته شهيد بشير خان قريشي سنڌ جي قومي تحريڪ کي نوان رنگ ۽ ڍنگ ڏنا، سنڌ جي آجپي جي فڪر ۽ خيال کي عملي شڪل ڏيندڙ بشير خان قريشي سنڌ دشمن قوتن لاءِ اک ۾ ڪنڊو هيو پر خود بشير خان قريشي جا اهي لفظ تاريخ جو حصو آهن ته سنڌ دشمن قوتن لاءِ زنده بشير خان کان شهيد بشير خان وڌيڪ خطرناڪ هوندو، اڄ سنڌ جا لکين غيرتمند ماڻهو شهيد بشير خان قريشي جي فڪر، نظرئي ۽ جدوجهد کي حق ۽ سچ سمجهن ٿا، هن چيو ته انصاف ملڻ جي سرڪار مان ڪا به اميد ڪونهي، عدالت سميت سڀ دروازا کڙڪاياسين پر ڪٿان به انصاف پلئه نه پيو. ان جي بر عڪس چاچا مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جا لاش مليا. اها به حقيقت آهي ته خطرا لاحق آهن، موجود آهن، اسان وٽ تحفظ لاءِ بندوبست ڪرڻ جا وسيلا ناهن، اسان جي جماعت غريب جماعت آهي، جيڪا وطن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي،اسان جي سياست عدم تشدد واري سياست آهي، اسان پنهنجي رهبر سائين جي ايم سيد ۽ بشير خان قريشي جي راهه تي هلنداسين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو