Home / ڪرنٽ نيوز / شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي 35هين ورسي جون تياريون جاري
above article banner

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي 35هين ورسي جون تياريون جاري

fahimidaپيپلز پارٽي جي باني قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 35 هين ورسي جون تياريون جاري آهين، پ پ ۽ شهيد ڀٽو پاران ڌار ڌار جلسا ڪيا ويندا، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ اسٽيج ۽ پنڊال جون ڪم جاري ، جڏهن ته ڳڙهي خدابخش ۽ نئين ديري کي پارٽي جي جهنڊن، بينرز ۽ اڳواڻن جي پورٽريٽ سان سينگاريو ويو آهي. پيپلز پارٽي جي جلسي کي اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، پ پ چيرئمين بلاول ڀٽو زداري، سيد خورشيد شاهه، قائم علي شاهه سميت ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا. پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي جلسي کي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو، علي احمد پليپوٽو، سردار تاج محمد ڊومڪي ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ورسي جي موقعي تي ضلعي انتظاميا لاڙڪاڻي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو