Home / ڪرنٽ نيوز / شهيد ڀٽي مسلمان ملڪن جي مدد ڪئي پر انهن جي مسئلن ۾ ملڪ کي نه ڦاسايو: آصف زرداري
above article banner

شهيد ڀٽي مسلمان ملڪن جي مدد ڪئي پر انهن جي مسئلن ۾ ملڪ کي نه ڦاسايو: آصف زرداري

asif ali zardariاڳوڻي صدر آصف علي زرداري مختصر خطاب ۾ چيو آهي ته اڄ جي شام بلاول جي نالي، 35 سالن ۾ اڄ پهريون ڀيرو وقت تبديل ڪيو ويو جيڪو ڀٽي جي ڏوهٽي جي همت هئي. جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسلامي دنيا هڪ ڏکئي موڙ تي بيٺل آهي. اڄ اهڙيون حالتون اسان جي خطي ۾ هلي رهيون آهن. هن چيو ته مسلمان دنيا تي مصيبت آئي ته پاڪستان مشڪل جو مقابلو ڪيو پر انهيءَ مشڪل ۾ پاڻ کي نه وڌو، هن وقت سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڪهڙي پاسي هلي رهي آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي تي هڪ وڏو قرض آهي ۽ امتحان به آهي، شهيد ڪڏهن به ناهن مرندا، اُهي اسان سان گڏ آهن. اسان کي مسئلن کان غافل نه ڏيڻ گهرجي اسان کي پاڪستان بچائڻ جي سوچ رکڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ کي فرقيواريت کان بچائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان کي بچائڻ لاءِ سمورن دوستن سان ڳالهائينداسين جڏهن ته دانشورن کان اُهو سوال ڪرڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان کي ڪيئن هلڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو