وفاقي گهرو وزارت، قومي اسيمبلي کي آگاهي ڏني آهي ته طالبان سان ڳالهيون آئين جي دائري ۾ ٿي رهيون آهن، طالبان شوريٰ سان سڌيءَ ريت ملاقات کانپوءِ امن ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير ايوان کي لکت ۾ آگاهي ڏيندي چيو ته گذريل پنجن سالن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ هڪ سئو 85 ٻاررا مارجي ويا ۽ 5 سئو 39 زخمي ٿي پيا. چوڌري نثار چيو ته نانگا پربت سانحي ۾ 10 پرڏيهي مارجي ويا، مقتول جي وارثن کي ڪو به معاوضو ادا ناهي ڪيو ويو. طالبان سان ڳالهين بابت آگاهي ڏيندي وفاقي گهرو وزير چيو ته ڳالهيون آئين جي دائري ۾ ٿي رهيون آهن. هن چيو ته حڪومت ۽ طالبان ۾ سڌيءَ ريت ڳالهين کانپوءِ امن ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. چوڌري نثار چيو ته 2009 کان هن وقت تائين 2 لک 4 هزار 9 سئو 32 پاڪستاني ڀارت ويا پر ويزا جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ 11 هزار هڪ سئو 9 پاڪستاني ڏيهه واپس نه آيا.